صحافين ۾ وڌندڙ نفسياتي مرضن جي علاج لاءِ پشاور بعد بلوچستان ۾ به مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان

0
4412
: Photo By News Lens Pakistan / Izharullah

پشاور (اظهار الله وٽان) صحافي محمد ارشاد ننڊ ۾ خلل واري بيماري جو شڪار آهي ۽ هو رات جي پوئين پهر سجاڳ ٿي ويندو آهي جڏهن ته فيلڊ ۾ ڪم دوران ٿڪجي پوندو آهي. اردو اخبار لاءِ ڪم ڪندڙ پشاور جي صحافي محمد ارشاد جو چوڻ آهي ته ڪم جي دٻاءُ ۽ هر ٻئي ڏينهن تشدد وارن واقعن جي ڪوريج سبب سندس ننڊ ۾ خلل پيدا ٿي ويو آهي ۽ هو رات جي پوئين پهر ۾ ننڊ ناهي ڪري سگهندو.

هي واحد صحافي ناهي جيڪو ان ڪيفيت جو شڪار آهي پر خيبرپختونخواھ سميت سڄي ملڪ ۾ صحافي دهشتگردي وارن واقعن جي ڪوريج سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار نظر اچن ٿا، واضح رهي ته 2001ع کان وٺي هن وقت تائين 45 هزار کان وڌيڪ ماڻهو آپگهاتيحملن۽ بم ڌماڪن جهڙندهشتگرد واقعن۾ مارجي چڪا آهن، انهيءَ حوالي سان سائوٿ ايشياءَ ٽيررازم پورٽل (ايس اي ٽي پي) پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب خيبرپختونخواھ ۾ 2015ع ۾ 15 فيبروري تائين دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ 36 شهرين، 15 دهشتگرد ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چئن اهلڪارن سميت 55 ماڻهو مارجي ويا. جڏهن ته 2014ع ۾ هن عرصي دوران مارجي ويلن جو انگ 156 هو، جنهن ۾ 103 شهري، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 41 اهلڪار ۽ 12 دهشتگرد شامل آهن. ياد رهي ته 2014ع دوران پاڪستان ۾ دهشتگردي جو بدترين سانحو پشاور ۾ پيش آيو جنهن ۾ اسڪول اندر 138 ٻار شهيد ڪيا ويا، دهشتگردي جي انهيءَ واقعي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي نه ته ڪو وقفو مليو ۽ نه ئي ادارن پاران ڪا خاص مدد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته سندن شخصيت مان ذهني دٻاءُ جون علامتون واضح طور نظر اچي رهيون هيون، انهيءَ ئي ذهني دٻاءُ سبب محمد ارشاد جي ڪارڪردگي متاثر ٿي، هن جو چوڻ هو ته اڳهو روزاني 5 خبرون فائل ڪندو هو پر هاڻي هو 2 به نٿو ڪري سگهي.

اسلام آباد جي ماهر نفسيات پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي جا واقعا انهن ماڻهن تي نفسياتي اثر ڇڏين ٿا جيڪي ان جو مشاهدو ڪن ٿا، هن چيو ته صحافي واقعي واري هنڌجو مشاهدو ڪن ٿا جنهن سبب اهي ذهني دٻاءُ ۽ مختلف نفسياتي مسئلن، جهڙوڪ ڊپريشن ۽ ٿڪاوٽ جو شڪار ٿين ٿا.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسلام آباد جي نفسيات واري شعبي جي سربراھ طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر رضوان تاج چيو ته دهشتگردي ۽ اهڙن المناڪ واقعن جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي ذهني صحت تي ناڪاري اثر پون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته امن امان جي خراب صورتحال سبب پاڪستان بحرانن مان گذري رهيو آهي جنهن سبب ڳڻتي، ذهني دٻاءُ، ننڊ ۾ خلل ۽ شيزو فرينيا جهڙا نفسياتي مرض عام ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽر رضوان تاج وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواھ ۾ ملڪ جي ٻين حصن کان دهشتگردي جا واقعا وڌيڪ ٿي رهيا آهن جنهن سبب اتان جي رهواسين ۾ نفسياتي مرضن جو تناسب وڌيڪ آهي.

محمد ارشاد پشاور يونيورسٽي ۾ صحافين لاءِ قائم ٽراما سينٽر (سي ٽي سي جي) مان گذريل ٻن مهينن کان ذهني دٻاءُ جو علاج ڪرائي رهيو آهي، هو چوي ٿو ته ڄاڻايل سينٽر ۾ هن ٻن مهينن جي ٿيراپي مڪمل ڪئي آهي جڏهن ته کيس نفسياتي علاج لاءِ هڪ مهينو وڌيڪ ٿيراپي ڪرائڻي آهي ۽ هاڻي هو ڪجھ بهتر محسوس ڪري رهيو آهي. محمد ارشاد ٻڌايو ته جڏهن کان وٺي سينٽر وڃڻ شروع ڪيو تڏهن کان پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري رهيو آهي ۽ سندس سڄو معمول تبديل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ هو ننڊ ۾ خلل ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار هيو پر هاڻي سندس طبيعت بحال ٿي وئي آهي. واضح رهي ته دهشتگردي جي واقعن جي ڪوريج لاءِ ويندڙ صحافين جي ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ گذريل سال نومبر ۾ خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صحافين لاءِ اهو سينٽر قائم ڪيو ويو هو. اهو سينٽر پشاور يونيورسٽي جي صحافت ۽ نفسيات واري شعبن جو گڏيل منصوبو آهي.

جرمني جي عالمي ميڊيا جي ترقي جي مشهور اداري ڊوئچي ويلي اڪيڊمي، پشاور يونيورسٽي سان گڏمفاهمتي يادداشت نامي (ايم او يو) تحت هن منصوبي کي ٽن سالن تائين معاشي ۽ فني سهڪار فراهم ڪندي.

صحافت واري شعبي جي سربراھ پروفيسر عطا الله خان چيو ته خيبرپختونخواھ ۾ پيشيوراڻيون ذميواريون ادا ڪندڙ صحافي تشدد ۽ خطرن سبب متاثر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته هن سينٽر جو قيام وقت جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ پٺيان صحافين جي مدد ڪرڻ وارو خيال شامل آهي ته جيئن صحافين جي صحت ۽ پيشيوراڻين ذميوارين تي ناڪاري اثر نه پون.هن ٻڌايو ته ڄاڻايل سينٽر صحافين کي مفت نفسياتي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.

ٻئي پاسي هن سينٽر ۾ هن وقت تائين 20 صحافي پنهنجي پاڻ کي رجسٽر ڪرائي چڪا آهن جن مان 6 جي ٿيراپي مڪمل ٿي چڪي آهي، پشاور يونيورسٽي جي نفسيات واري شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر ارم ارشاد جو چوڻ آهي ته ڇھ صحافين جي سينيٽر ۾ رجسٽر ٿيڻ بعد هاڻي بهتر محسوس ڪري رهي آهي، هن چيو ته سائيڪو ٿيراپي ۾ وڏو مسئلو اهو هوندو آهي ته مريض کي اهو باور ڪرائجي ته هو نفسياتي مرض جو شڪار آهي. ڊاڪٽر ارم ارشاد چيو ته صحافين ۾ ذهني دٻاءُ جو سبب انهن پاران تشدد واري واقعن جي ڪوريج ڪرڻ به آهي، اسان صبر سان صحافين جو علاج ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو هڪ بهتر ۽ خوشگوار زندگي گذاري سگهن.

هوڏانهن ڊوئچي ويلي اڪيڊمي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪيرن شيلڊر نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته سندن تنظيم پاڪستان ۾ صحافين جي ڀلائي ۽ سندن پيشيوراڻي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، خيبرپختونخواھ ۾ ڄاڻايل سينٽر صحافين جي نفسياتي ۽ سماجي سهائتا لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊوئچي ويلي اڪيڊمي اهڙو ئي مرڪز بلوچستان ۾ به قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here