قانونسازيءَ ۾ دير سبب گهريلو صنعتن سان واڳيل پورهيت پريشانين ۾ مبتلا

0
5341

لاهور (رپورٽ: احسان قادر) گهريلو صنعتن سان لاڳاپيل پورهيتن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ صوبائي سطح تي قانونسازيءَ ۾ دير ٿيڻ سبب سندن مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ انهن هاڻي پنهنجي مطالبن جي  مڃتا تائين بک هڙتال جي ڌمڪي به ڏيئي ڇڏي آهي

گهر ۾ سوئيٽر ٺاهيندڙ نازيه جميل نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته انهيءَ جي زندگي ان لاءِ انتهائي ڏکي ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته کيس مناسب پگهار ناهي ڏني ويندي. هن چيو ته آئون ۽ منهنجي ڀيڻ هڪ سوئيٽر ٽه کان چار سئو ۾ سبنديونآهيون، جيڪو بازار ۾ ٽه کان چار هزار روپين ۾ وڪرو ٿيندو آهي. سمورو فائدو مڊل مينيا پوءِ دڪاندار کي حاصل ٿيندو آهي. نازيه وڌيڪ چيو ته هو طبي سهولتون ۽ پوڙهائپ۾ ملندڙ فائدو به حاصل نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته قانون موجب هو هڪ هنر مند تصور ئي نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين جيسيتائين اسانکي پنهنجا حق نٿا ملي وڃن.

قالين ٺاهڻ واري صنعت سان لاڳاپيل گوجرانوالا ضلع سان تعلق رکندڙ هڪ ٻي محنت ڪش جميلا بي بي روڊن رستن تي احتجاج ڪري رهي آهي ته جيئن کيس هڪ هنرمند قرار ڏنو وڃي جنهن بعد هو به مناسب معاشي فائده حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي و ڃي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون انتهائي ٿوري پگهار تي قالين ٺاهيندي آهيان جنهن ڪري منهنجو گذارو به وڏي مشڪل سان ٿيندو آهي.

قالين ٺاهڻ، کدي تي ڪپڙا ٺاهڻ ۽ اخبارون وڪرو ڪرڻ اهڙا غير رسمي شعبا آهن جن ۾ بنيادي طور تي گهرن ۾ رهي ڪم ڪيو ويندو آهي. گهريلو صنعتن سان واڳيل محنت ڪشن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ غير سرڪاري تنظيمن جي اتحاد هوم نيٽ پاڪستان موجب هن وقت ملڪ ۾ 50 لک ماڻهو گهرن اندرمختلف پيشن سان لاڳاپيل آهن جنهن مان 80 سيڪڙو عورتون آهن، اهي شهري علائقن يا انهن جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ آباد آهن.

انهن محنت ڪشن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم پراگريسو هوم بيسڊ فيڊريشن جي خزانچينازلي جاويد چوي ٿي ته حڪومت ترتگهريلو صنعتن سان واڳيل محنت ڪشن لاءِ قانونسازي ڪري. هن چيو ته اهي محنت ڪش اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن جيڪي موجوده حالتن سان مطابقت نٿيون رکن جڏهن ته سندن معاوضو به ايترو گهٽ هوندو آهي جنهن سان سندن گهر جو راشن به مشڪل سان پورو ٿي سگهندو آهي.نازلي جاويد چيو ته سندن ادارو اهڙن محنت ڪشن لاءِ تيسيتائين جاکوڙ ڪندو رهندو جيستائين حڪومت پاران قانونسازي ڪري انهن کي سندن حقيقي مقام نٿو ڏنو وڃي.

پارليامينٽيرين انهن کي نظرانداز ڪن ٿا ته جيئن حڪومت پاران سوشل سيڪيورٽي جي فائدن جي ادائيگي نه ڪرڻي پئجي وڃي.

غير سرڪاري تنظيم ليبر ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر شهناز اقبال نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان گهريلو صنعتن سان واڳيل محنت ڪش مردن ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيون. هن چيو ته ان حقيقت باوجود ته ملڪي معاشي شعبي ۾ انهن محنت ڪشن جو 70 سيڪڙو حصو آهي، انهن کي ڪو سماجي مقام ۽ مرتبو حاصل ناهي. اها ناانصافي جي انتها آهي ته محنت ڪشن جي ڪا سماجي ۽ قانوني سڃاڻپ ناهي ۽ نه ئي وري سندن معاشي حيثيت بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا ويا آهن. هن چيو ته انهيءَ ڪري محنت ڪش عورتون ڪيترين ئي سماجي ۽ معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيون آهن. شهناز اقبال چيو ته پاڪستان آءِ ايل او ڪنوينشن تي صحيحون ڪري رکيون آهن جيڪي حڪومت کي پابند ڪن ٿيون ته هو نه رڳو وفاقي پاليسي جوڙي پر ان حوالي سان صوبائي سطح تي به قانونسازي ڪئي وڃي.

پنجاب حڪومت جي ليبر ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر سيد حسنات تسليم ڪيو ته صوبي ۾ مختلف گهريلو صنعتن سان واڳيل محنت ڪشن کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ ڪو قانون موجود ناهي پر حڪومت ان حوالي سان خاموش تماشائي جو ڪردار به ناهي ادا ڪري رهي. هن ٻڌايو ته پنجاب هوم بيسڊ ورڪرز بل تيار ٿي چڪو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾گهريلو صنعتن سان واڳيل 10 هزار محنت ڪشن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو. هن نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته اسان آءِ ايل او ڪنوينشن کي نظر ۾ رکندي قانونسازي ڪنداسين ۽ حڪومت ان حوالي سان پنهنجون سموريون ڪوششون ڪندي.هن چيو ته گهريلو صنعتن سان واڳيل محنت ڪشن جي رجسٽريشن ۽ انهن جا ڪوائف گڏ ڪرڻ کانسواءِ دڪاندارن ۽ انهن وچ ۾ رابطي جو فرض انجام ڏيندڙن جي ڪردار بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ آسان ناهي پر حڪومت انهيءَ چئلينجکي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

هڪ اهڙي ئي محنت ڪش آمنه قريشي چيو ته هو پنهنجي ٻارڙن لاءِ وڌيڪ نٿي ڪمائي سگهي جنهن ڪري زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته آئون روزاني 16 ڪلاڪ ڪم ڪندي آهيان پر ان باوجود به پنهنجي ٻارن کي مناسب کاڌ خوراڪ جي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪجھ نه پئي ڪري سگهان جڏهن ته هو اسڪول به وڃن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here