لاهور ۾ منصوبا بنديءَ کانسواءِ جاري ترقياتي رٿائن تي سماجي تنظيمن پاران ڳڻتي جو اظهار

0
4773

لاهور (احسان قادر وٽان) لاهور ۾ جاري نوَن ترقياتي رٿائن سبب سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي ۽ ان حوالي سان هنن سنجيده نوعيت جي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان لاهور ڪنزرويشن سوسائٽي جي صدر ۽ لاهور بچايوتحريڪ جي ڪنوينر عمرانا ٽوانا، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته مزنگ جي قرطبه چوڪ کان لبرٽي تائين ايڪسپريس وي، ميٽرو بس ۽ رنگ روڊ منصوبن جي طرز تي شروع ڪيل رٿائن سبب حقيقت ۾ لاهور جو حسن خراب ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي پئسي سان شروع ڪيل رٿائون ماڻهن جي لاءِ تباھ ڪن ثابت ٿي رهيون  آهن، ڇاڪاڻ ته انهن اسڪيمن مان گاڏيون استعمال ڪندڙ 7 سيڪڙو اشرافيا کي فائدو رسي رهيو آهي. ماڻهو اسپتالن ۾ ناقص سهولتن سبب مري رهيا آهن، ان لاءِ حڪومت انهن منصوبن تي پئسو لڳائڻ بدران تعليم ۽ صحت جي شعبن طرف ڌيان ڏئي. هن دعوى ڪئي ته پنجاب حڪومت ماحوليات جي تحفظ واري اداري کان ماحول تي پوندڙ اثرن بابت تجزياتي (اي آءِ اي) رپورٽ ناهي ورتي.

حڪومت شهر جي اهم زرعي ۽ نيم زرعي ايراضي کي بجري ۽ پٿرن جي ڍير ۾ تبديل ڪري رهي آهي. جنهن سبب گرمي پد 4.7 سيڪڙو وڌي ويو آهي، نه صرف زير زمين پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي پر ماحولياتي نظام تي به خراب اثر پئجي رهيا آهن، جنهن سبب مستقبل ۾ شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ به سڪندا. هن چيو ته وڻن جي ڪٽائي ۽ آلودگي سبب پکي به پاڙيسري ملڪ ڀارت ڏانهن هليا ويا آهن. هن نيوز لينز کي ٻڌايو ته ايڪسپريس وي رٿا تي 15 ارب روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته 72 ارب روپيا ميٽرو بس ۽ 50 ارب روپيا رنگ روڊ منصوبن تي خرچ ڪيا ويا.

پاڪستان ۾ انساني حقن واري ڪميشن جي سيڪريٽري جنرل آءِ اي رحمان انهن منصوبن جي ترقي جي نالي تي رياستي دهشتگردي سان ڀيٽ ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سبب شهر جي اصل حالت متاثر ٿي رهي آهي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته غير منطقي ترقياتي رٿائن سبب ماحول تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جيڪا بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پنجاب جو مطلب صرف لاهور ناهي ۽ جيڪڏهن حڪومت وٽ وڏي تعداد ۾ فنڊ آهن ته صوبي جي ٻين شهرن ۾ به اهڙا منصوبا شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خرچ بدران اربين روپيا انهن منصوبن تي خرچ ڪيا پيا وڃن.

لاهور ڊولپمنٽ اٿارٽي جي سربراھ احد چيما فون تي ڳالهائيندي چيو ته اهي منصوبا عوام جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ڪيا ويا آهن ۽ اهو عوامي نمائندن جو استحقاق پڻ آهي. جڏهن ته اسان جو ڪم انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ آهي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري چيو ته لاهور ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف لاهور کي ترقي وٺرائيهڪ مثالي عالمي شهر بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته هڪ هزار وڻ ڪٽڻ واري هنڌ هڪ لک وڌيڪ وڻ لڳائڻ جو منصوبو بڻائي رهيا آهيون، ان ڪري ماحول تي خراب اثر نه پوندا.

ماهر تعميرات نئير علي دادا چيو ته شهر جي ترقي، ساوڪ برقرار رکڻ لاءِ فني مهارتون استعمال ڪندي، بهتر شهري منصوبابندي سان گڏوگڏ عوام جي وڌيڪ شرڪت ذريعي ممڪن آهي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته شهر کي غير معمولي واڌ نه ڏني وڃي پر نوان شهر ٺاهي، انهن کي سموريون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here