ملاح روزگار جي ڳولا ۾ لڏپلاڻ تي مجبور

0
5086

ٺٽو (رپورٽ: اقبال خواجا) ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ڀرپاسي ۾ ڦهليل انڊس ڊيلٽا مان مهاڻن جو هڪ وڏو انگروزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي، گوادر ۽ سنڌ جي مختلف علائقن طرف لڏپلاڻ ڪري رهيو آهي.

پاڪستان فشر فوڪ جي چيئرمين محمد علي شاھ اهو يقين رکي ٿو ته گذريل ڪجھ سالن کان ڪيترن ئي سببن ڪري ملاح ۽ محنت ڪش ماڻهن صوبي جي ڏکڻ واري علائقن مان اندروني سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃان به جاري آهي. ڪوٽڙي وٽان پاڻي جاري نه ٿيڻ، پاڪستان جي آبي سرحد تي ڀارتي سامونڊيفورس پاران ملاحن کي مستقل بنيادن تي حراست ۾ وٺڻ ۽ معاشي ذريعن ۾ گهٽتائي جهڙن بنيادي سببن ملاحن کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي.محمد علي شاھ انڪشاف ڪيو آهي ته سامونڊي ٻيٽکاروڇاڻ ۽ مختلف آبادين، جن ۾ ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري، سڄڻ واري، مور ڇڊائي، بابيهو، جهالو، اداسي، شاھ بندر ۽ جاتي مان پنج هزار ملاح روزگار جي ڳولا ۾پهريان ئي لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.

ڪاتيار قبيلي جي سربراھ غني ڪاتيار نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي مائٽن کي گجرات ۽ راجسٿان جي جيلن مان ڇڏرائڻ لاءِ اپيلون ڪري ڪري ٿڪي پيا آهيون جنهن ڪري هاڻي اتان جي ماڻهن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي بچيو ته هو ٻين علائقن ڏانهنلڏپلاڻ ڪري وڃن ۽ مزدوري تلاش ڪن.

سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري اڳوڻي وزير سسئي پليجو چيو ته سجاول، بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ ڊيلٽا جي حصن تي ناڪاري اثر پوڻ، تمر جا اڻلڀ ٿيندڙ ٻيلا ۽ زرعي ايراضي جو وڏو حصو سمنڊ جي ور چڙهي وڃڻ سبب لڏپلاڻ ڪرڻ جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي آهي.

پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرحميرهعلواڻي انڪشاف ڪيو ته تقريبن 5768 ايڪڙ زرعي ايراضي پاڻي گهٽ هجڻسبب بنجر ٿي چڪي آهي. هن وقت ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (ايل بي او ڊي) 28 سئو ڪيوسڪ زهريلو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ شامل ڪري رهيو آهي جنهن سان مڇين جي واڌ ويجھ خطري ۾ پئجي وئي آهي. ٻئي پاسي رائٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (آر بي او ڊي) به تقريبن 35 سئو پي پي ايم زهريلو مواد خارج ڪري رهيو آهي. انهيءَ کانسواءِ مڇيون ڦاسائيندڙڄار، جنهن کي مقامي ٻولي ۾ بولو ۽ گجو سڏيو ويندو آهي، انڊس ڊيلٽا جي خطي ۾ مڇين جي بقا تي ناڪاري اثر وجهي رهيا آهن جنهن سبب غريب ملاح لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.

سامونڊي پٽي واريتڪ تان چونڊيل صوبائي وزيرمحمد علي ملڪاڻي ڊيلٽائي آبادي جي مشڪلاتن جو تدارڪ ڪرڻ بدران پراميد نظر اچي ٿو. هو ان وقت تائينگرفتار ٿيل ملاحن جي آزادي جي حوالي سان پاڙيسري ملڪن پاران ترت قدم کڻڻ جي ڪا به اميد نٿو رکي جيستائين تڪراري سرڪريڪ جو ڪو مستقل حل نٿو نڪري، اها 98 ڪلوميٽر ڊگهي آبي پٽي آهي جيڪا رڻ ڪڇ جي دلدل واري علائقي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار جو سبب آهي. وڌيڪ ايندڙ فطري تباھ ڪارين ۽ انسان پاران پنهنجي پيدا ڪيل تباهي ۽ بربادي سبب انڊس ڊيلٽا مان لڏپلاڻ جو سلسلوجاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ عوامي نمائندي جي حيثيت سان هو انهن علائقن ۾ روزگارجا متبادل ذريعا پيدا ڪري سامونڊي علائقن جي آبادي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here