تاريخي ورثي موهن جي دڙي جو مستقبل خطري ۾؟

0
5414

: Photo By News Lens Pakistan / Amar Guriro

ڪراچي (رپورٽ: امر گرڙو) سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي ڀرسان قا ئمقديم شهر موهن جي دڙي جي هيسيتائين دريافت نه ٿيل علائقي ۾ هڪ طاقتورجاگيردار پاران مڇين جي فارم جي تعمير سبب قديم شهر جي کنڊرن جي تحفظ بابت ڪيترائي سوال پيدا ٿي ويا آهن. پنج هزار سال قديم ان شهر جو نالو موهن جو دڙو آهي، هي سنڌي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب “شهرِ خاموشان“آهي.اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي اباڻي شهر ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ چانورن جي پوک سببکاري پاڻي۽ سمجي ڪرياهو تاريخي ورثو خطرن جي ور چڙهيل آهي.

موهن جي دڙي جي ڪيوريٽر ارشاد علي رڏنيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته اهو محفوظ قرار ڏنل هڪ تاريخي ورثو آهي ۽ ان کي ڪير به نقصان نٿو رسائي سگهي ۽جڏهن مڇين جي فارم جي تعمير بابت ڄاڻ ملي ته اسان پوليس سان رابطو ڪري ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو.موهن جي دڙي جا کنڊر 1922ع ۾ دريافت ٿيا ۽ 1980ع ۾ گڏيل قومن جي ادارييونيسڪو طرفان انهيءَ کي عالمي ورثو قرار ڏنل فهرست ۾ شامل ڪيو ويو،ان موجب حڪومت به عالمي ورثو قرار ڏنل جاين ۾ ڪنهنبهقسم جي تبديلي نٿي ڪري سگهي.

موهن جو دڙو پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او علي مرتضى چانڊيو نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو تهڪيوريٽر پاران شڪايت ملڻ کانپوءِ اسان ڄاڻايل تاريخي ماڳ کي نقصان پهچائڻ تي تعزيرات پاڪستان جي شڪ 427 ۽ 447 ۽ آثار قديمه سنڌ ايڪٽ 1997ع جي شڪ 17، 18 ۽ 21 تحت با ا ثر جاگيردار ديدار علي ڀان خلاف ڪيس 20153 داخل ڪيو. هن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو۽ مڇين جي فارم کي پڻ بند ڪرايو ويو، جڏهن ته هن وقت اهو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

ٻئي طرفجوابدار پاڻ مٿان لڳل مڇين جي فارم جي تعمير واري الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سندس سياسي مخالفناهو ڪيس داخل ڪرايو.

جوابدارڄاڻايل ديدار علي ڀان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته مڇين جو اهو فارم سندس ملڪيت ناهي. منهنجي سياسي مخالفن اهو فارم تعمير ڪيو ۽ منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ به ڪامياب رهيا، جڏهن ته سندس انهيءَ سڄي معاملي سان ڪو به واسطو ناهي.

پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کانسواءمڇين جي فارم کي بند ڪري چڪي آهي پر ما ڻهن جو چوڻ آهي ته اونهي کوٽائي ۽ ان ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب قديم آثارن کي تمام گھڻو نقصان پهتو آهي.

موهن جي دڙي ڀرسان شهر ڏوڪري جي رهواسي قاضي آفتاب ٻڌايو ته مان پاڻ مزدورن کي کڏ کوٽيندي ۽ ان ۾ پاڻي ڇڏيندي ڏٺو هو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قديم آثارن جي تحفظ لاء ان جي حدن جو تعين ڪري لوهي تارون لڳايون وڃن. ياد رهي ته70 جي ڏهاڪي ۾ حڪومت قديم آثارن جي تحفظ لاء ڀر پاسي وارن علائِقن ۾ چانورن جي فصل تي پابندي لڳائيهئيپر ان تي عمل نه ٿيڻ سبب ان جو ڪو فا ئدو نه ٿيو.

رڪارڊ موجب 1972 ۾ 72 ٽيوب ويل لڳائڻا هئا، پر بعد ۾ فيصلو ٿيو ته 24 ٽيوب ويل لڳايا ويندا جيڪي کاري پاڻيءَ کي جذب ڪري مخصوص کوهن ۾ اڇلائيندا پر ان جو به ڪو فا ئدو نه ٿيو.

سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر آرڪيالوجي قاسم علي قاسم، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته 2006 ۾ کاتي پاران نمڪيات کي جذب ڪندڙ وڻ قديم آثارن جي چوڌاري لڳايا ويا هئا، پر ڪا به حفاظتي ديوار نه هجڻ سبب اهي وڻ، چوپائي مال جو کاڄ بڻجي ويا.

هن وڌيڪ چيو ته قديم آثارن جي ايراضي جي پوري ڄاڻ نه هئڻ سبب اڄ تائين صرف 10 سيڪڙو حصي جي کوٽائي ٿي سگھي آهي. ان ڪري پوري علائقي جي ايراضي بابت مڪمل ڄاڻ کانسواء کاتو ان کي لوهي تارون نٿو ڏياري سگھي.

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here