ڪشمير زلزلو: ڏهاڪي بعد به بحاليءَ جو جبل جيڏو ڪم اڃان رهيل

0
1240

: Photo By News Lens Pakistan /

مظفر آباد (رپورٽ: سميرا علي) آڪٽوبر مهيني ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي کي 10 سال پورا ٿي ويا آهن، پر اڄ به ٽٽل روڊ رستا ۽ ٻيو انفرااسٽرڪچر مختلف حڪومتن جي بحالي وارن دعوائن جي پت وائکي ڪري ٿو ڇڏي.

ياد رهي ته 2005ع ۾ مظفرآباد، بالاڪوٽ سميت آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۽ خيبرپختونخواه ۾ 7.6 جي شدت سان آيل تاريخ جي پهرئين زلزلي زمين ڌوڏي ڇڏي، عمارتون لڏي ۽ ٽٽي ويون، جڏهن ته فضا ۾ ماڻهن جون ڪيهون گونجي ويون هيون. اهو موتمار زلزلو نه صرف متاثرن پر پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن لاءِ اڄ تائين ڄڻ هڪ خواب جيان آهي.

اهي هزارين اسڪول جيڪي يونيفارم پهريل شاگردن سان ڀريل نظر ايندا هئا، اهي اڄ به ڀڳل ٽٽل حالت ۾ موجود آهن ۽ انهن جي ٻيهر اڏاوت وارين سست حڪومتي ڪوششن جو مذاق اڏائي رهيا آهن.

تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم الف اعلان جي انگن اکرن موجب ڪل 5742 اسڪول تباه ٿيا، جنهن ۾ ڪشمير جا 2747 ۽ ڪي پي ڪي جا 2995 اسڪول شامل آهن. الف اعلان ٽيم جي هڪ ميمبر ڊاڪٽر جواد، نيوز لينز پاڪستان کي افسوس سان ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ 1244 ۽ ڪي پي ڪي ۾ 2256 اسڪول ٻيهر تعمير ٿي سگهيا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته 10 سال گذرڻ باوجود اي جي ڪي ۾ 1503 ۽ ڪي پي ڪي ۾ 739 اسڪولن جي ٻيهر اڏاوت وارو ڪم اڃان تائين جاري آهي، جڏهن ته اي جي ڪي ۾ 794 ۽ 496 اسڪولن جو ڪم اڃان شروع ٿيڻو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب زلزلي ۾ 18000 شاگرد ۽ 853 استاد اجل جو شڪار ٿيا. هوڏانهن آڊيٽرجنرل پاڪستان جي 2011ع واري رپورٽ ۾ 2005 جي زلزلي سبب متاثرن جي بحالي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي اڏاوت وارن منصوبن ۾ بدعنوانين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف زلزلي متاثرين جي بحالي ۽ اڏاوت واري اٿارٽي (ايرا) جي ترجمان شازيه حارث حڪومتي لاپرواهي ۽ نااهلي وارن الزامن کي رد ڪندي چيو ته جاگرافيائي حدون، اڻ وڻندڙ موسم ۽ نا هموار زمين سبب اسڪولن جي ٻيهر اڏاوت واري ڪم ۾ دير ٿي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته 2000 اسڪول اڃان ٺهڻا آهن پر اسان ۽ اسانجا ساٿي يو اين هبيٽٽ سال ۾ صرف 5 مهينا ڪم ڪري سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته باقي مدي دوران تمام گهڻي برفباري، لينڊ سلائيڊنگ، بارشن ۽ خراب موسم سبب رستا بند رهن ٿا. هن اعتراف ڪيو ته فنڊ جاري ٿيڻ ۾ ڪجهه مسئلن سبب ڪم آهستي ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته 35 لک بي گهر متاثرين، ايرا پاران جوڙيل گهرن ۾ واپس اچي چڪا آهن.

واضح رهي ته سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن وٽ پنهنجي پنهنجي خيال موجب بحاليءَ جون ڪهاڻيون موجود آهن پر ان سانحي ۾ متاثر ٿيل محمد نذير گل وٽ اکين ڏٺو احوال آهي.

هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته 10 سال گذرڻ باوجود اسان اڄ به ان تباهيءَ جو خوف محسوس ڪريون ٿا، عارضي گهر، ٽٽل انفرااسٽرڪچر ۽ مٽيءَ جا ڍير اسان کي ان سانحي کي يادن مان نڪرڻ ئي نٿا ڏين. نذير گل اها ڳالهه مڃي ته سرڪار ۽ پرڏيهي ڊونرن پاران بحاليءَ جو ڪم جاري آهي پر جيڏي وڏي پئماني تي تباهي آئي ان حساب سان ٿورو ڪم ٿيو آهي پر جبل جيڏو اڃان رهيل آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here