!ذهني دٻاءُ جي شڪار صارفين کي بجليءَ جو هڪ ٻيو جهٽڪو

0
1612
: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai
A view of the Nasty cables of the electricNasty Cables, Electric, Human Right Matiullah Achakzai Copyright © News Lens Pakistan

لاهور (رپورٽ: سميرا علي) بجلي جي صارفين کي ان وقت بجليءَ جو هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو جڏهن نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا ) جي رپورٽ ۾ اڳ ئي ٽيڪس هيٺان دٻيل صارفين تي سرچارج ۽ واڌو چارج جي مد ۾ وڌيڪ مالي دٻاءُ وجهڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجي ئي حڪومت جي سٺي حڪمرانيءَ جي هڪ ٻي دعويٰ جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن.

ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 70 سيڪڙو ميٽر ٽائيم آف يوز (استعمال جو وقت) جو مدو پورو ڪري چڪا آهن، جنهن ڪري ڪجهه صارفين کي تمام وڌيڪ ۽ ڪجهه کي گهٽ اگهه تي بل موڪليا ويا. بجلي جون تارون ۽ ٿنڀا ناقص معيار جا هئڻ جي نتيجي ۾ بجلي جي فراهميءَ ۾ خلل ۽ مقرر ڪيل حدف به پورا نٿا ڪري سگهن.

نيپرا ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت مسلسل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن ۽ واڌو چارجز جي حوالي سان هڪ ٻئي آڏو زور آزمائي رهيا آهن ۽ ٻنهي طرفن کان هڪ ٻئي تي الزامن جو سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن نيپرا پنهنجي ڪارڪردگي ۽ رولز (PSDR-2005) لاءِ رپورٽ سال 2014-15 ۾ شايع ڪئي.

ان رپورٽ ۾ سڀني ڊسٽريبيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) لاءِ ڪم جي حدن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ اهو پڻ چيو ويو آهي ته اهي پنهنجون مڪمل صلاحيتون ڪتب ناهن آڻي رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

نيپرا موجب ڊسڪوز کي هر سال 31 آگسٽ تائين پنهنجي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر ڪمپنين ان کي سنجيدگيءَ سان ناهي ورتو. اهو ڏٺو ويو آهي ته ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ مقرر ڪيل ڪارڪردگي ۽ رولز 5 کي اهميت ناهن ڏئي رهيون، اڪثر ڊسڪوز ڏنل معيار تائين نه پهچڻ بابت مختلف مسئلا ٻڌائي آجيون ٿي وڃن ٿيون.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي جي ڊپٽي سيڪريٽري زرياب خان چيو ته اها رپورٽ اڻپوري آهي ۽ مڪمل رپورٽ اڃا اچڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايتري تڪڙ ۾ رپورٽ شايع ڪرڻ جو مقصد سمجهه ۾ نٿو اچي.

نيپرا جي رپورٽ ۾ صرف 7 ڊسڪوز جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ 10 ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن. ڊپٽي سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته نيپرا صرف 7 ڪمپنين جو دورو ڪيو، جنهن ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (IESCO) ، فيصل آباد (FESCO) ۽ ٽرائيبل ڪمپني (TESCO) شامل نه آهن.

ميٽر جي ٽائيم آف يوز بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ميٽر سمورن صارفين مان صرف 3.7 سيڪڙو صارفين جي ميٽرن جي شرح ڏيکارين ٿا ڇو ته صرف آءِ ايس ڪو ۽ ٽيسڪو جي صارفين وٽ اهي ميٽر موجود آهن.

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان اسامه قريشي به نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي نيپرا جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ دعويٰ ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ڪارڪردگي جي سالياني رپورٽ جمع ڪرائڻ ۾ هميشه چستيءَ کان ڪم وٺندي آهي.

بجلي جي فراهمي ۾ ٿنڀن جي ناقص معيار جي ڪري خلل جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ 6500 اسڪوائر ڪلو ميٽر علائقي کي سنڀالي ٿي ۽ ٿنڀن جي ناقص معيار کي بلڪل برداشت ناهي ڪيو ويندو. نيپرا ڪراچي ۾ ڪيل ڪنهن به قسم جي سروي جو نمونو فراهم ناهي ڪيو. ترجمان دعويٰ ڪئي ته هو مڪمل پيداواري صلاحيت جو 67.5 سيڪڙو بجلي پاڻ پيدا ڪن ٿا.

ترجمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ موجود سهولتن موجب ئي پيداوار ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته هو ڪجهه هفتن دوران نيپرا رپورٽ جو جواب جمع ڪرائيندا. هن واڌو اگهه وصول ڪرڻ جي الزامن کي پڻ رد ڪري ڇڏيو.

نيپرا جي رپورٽ موجب ٻن انجنيئرن تي ٻڌل هڪ ٽيم ڊسڪوز جي معائني لاءِ موڪلي وئي هئي ته جيئن هو مقرر ڪيل معيارن جو جائزو وٺي سگهي، انهن دورن دوران اهم مشاهدا سامهون آيا، اڪثر گهريلو، ڪمرشل ۽ صنعتي بي 2 صارفين منظور ڪيل مقدار کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪري رهيا هئا.

واضح رهي ته انهن ٻن هاٿين جي ويڙهه ۾ نقصان صرف صارفين جو ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي واڌو بل ۽ بجلي جي عدم فراهمي سبب وڏي مالي نقصان مان گذرڻو پئجي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here