: Photo By News Lens Pakistan /

لاهور (رپورٽ: سميرا علي) پاڪستان ۾ ٻارن کي جنسي طور حراسان ڪرڻ وارن واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ اچي وئي آهي ۽ مختلف رپورٽن موجب ملڪ ۾ هر سال هزارين ٻارن کي جنسي طور تي حراسان ڪيو ويندو آهي پر اهڙن ٻارن جي علاج لاءِ قائم بحالي مرڪزن جو تعداد ناڪافي آهي.

ٻارن کي حراسان ڪرڻ انهن شين مان هڪ آهي جن تي ڳالهائڻ پاڪستان ۾ ڄڻ ممنوع آهي جنهن ڪري ان موضوع تي کلي ناهي ڳالهايو ويندو. تازو ئي سامهون ايندڙ هڪ واقعو (جيڪو قصور ۾ پيش آيو) سڄي صورتحال جي درد ناڪ انداز ۾ منظر ڪشي ڪري ٿو، جڏهن ته حراسان ٿيندڙ ٻارن جي ذهني ۽ جسماني بحاليءَ لاءِ مناسب بندوبست نه هجڻ ويتر ڳڻتي جوڳو آهي. ماهر اهو يقين رکن ٿا ته ٻارن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن کي لڪائڻ آسان هوندو آهي، جنهن سبب اهڙن واقعن مٿان مڪمل طور ڳڻتي ظاهر ناهي ٿي سگهندي.

حڪومت پاران ٻارن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم ناهن کنيا ويا ۽ عملدار اهو اندازو لڳائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن ته جيڪڏهن ڪو ٻار انهن حالتن مان گذرندو آهي ته ان جي شخصيت تي انتهائي منفي نفسياتي اثر پوندا آهن جنهن مان بحالي جي مرڪزن جي غير موثر ڪردار جي وضاحت ٿئي ٿي.

قصور واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر متاثر ٿيل ٻارن کي فوري امداد فراهم ڪرڻ لاءِ بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جي ضرورت طرف ڌيان ڇڪرايو آهي، جنهن ۾ انهيءَ نوعيت جي بدترين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو يا پئجي رهيو آهي. سڀ کان ڳڻتي وارو پهلو متاثر ٻارن جي بحاليءَ لاءِ قائم مرڪزن جو ڳڻتي جي حد تائين گهٽ هجڻ آهي.

هڪ پاسي ٻارن کي حراسان ڪرڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي انهيءَ نوعيت جي واقعن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي ڇو ته اهڙي نوعيت جا واقعا وڏي پيماني تي رپورٽ ناهن ٿي سگهندا. آبادي جي بنياد تي جيڪڏهن انگ اکر موجود نه آهن پر مختصر پيماني تي ٿيندڙ تحقيقي رپورٽ مان ان مسئلي جي شدت جو اندازو ضرور ٿئي ٿو.

پوليس کاتي وٽان حاصل ڪيل انگن اکرن موجب ٻارن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن ۽ انهن تي ڌيان نه ڏيڻ جي رجحان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ڇو ته سماجي بدنامي جي ڊپ سبب انهي نوعيت جا واقعا وڏي پئماني تي رپورٽ ناهن ٿي سگهندا.

سرڪاري ذريعن وٽان مليل انگن اکرن موجب هلندڙ سال هيستائين لاهور ۾ 30، پشاور ۾ 15، راولپنڊي ۾ 35 ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻارن کي حراسان ڪرڻ جا 17 واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن.

ماهر نفسيات ڊاڪٽر غزاله عارف چيو ته حراسان ڪيل ٻار صدمي جي ڪيفيت ۾ هوندا آهن ۽ انهن ۾ عام ٻارن جي نسبت پاڻ کي نقصان پهچائڻ جو چار ڀيرا وڌيڪ خدشو هوندو آهي، بلڪه خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ جي رجحان جو به مشاهدو ڪيو ويو آهي.

چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي سربراهه صبا صادق نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ بحاليءَ جا صرف 10 مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جنسي تشدد جو شڪار ٿيندڙ ٻارن کي نفسياتي ۽ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کان علاوه انهن جي مڪمل بحالي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو ته انهن جو ادارو ان حوالي سان عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ورڪشاپ منعقد ڪري رهيو آهي. چائلڊ پروٽيڪشن بيورو پاران ٿيندڙ ڪوششون مسئلي جي شدت سبب اٽي ۾ لوڻ برابر آهن.

اسلام آباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر جاويد اڪرم بحالي مرڪزن جي ايتري قدر گهٽ تعداد تي مايوسي جو اظهار ڪيو جيڪي خاص طور تي جنسي طور تي حراسان ٿيندڙ ٻارن لاءِ قائم آهن.

هن چيو ته مان اهڙي ڪنهن به بحالي مرڪز جي باري ۾ ڄاڻ نٿو رکان پر سمجهان ٿو ته بحالي جا اهڙا مرڪز سمورين ضلعي اسپتالن ۾ قائم هجن. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پنجاب جي ضلعن جو تعداد 38 آهي ته هر ضلعي ۾ هڪ بحالي مرڪز ته ضرور قائم هئڻ گهرجي.

ڊاڪٽر جاويد اڪرم انڪشاف ڪيو ته اها صورتحال خيبرپختونخواه صوبي ۾ وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي ۽ انهي نوعيت جي واقعن جو وڏو انگ رپورٽ ناهي ٿيندو. هن جنسي طور تي حراسان ڪيل ٻارن جي طبي، قانوني ۽ معاشي تناظر ۾ به بطور خاص مدد تي زور ڏنو. ٻارن جي والدين کي به مشاورت جي ضرورت آهي ته هو انهن سان گهرن ۾ ڪهڙو رويو اختيار ڪن. ڊاڪٽر جاويد اڪرم وڌيڪ چيو ته مان انهن شڪ ۽ شبهن جو شڪار آهيان ته پنجاب يا ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڪو هڪ اهڙو بحاليءَ جو مرڪز قائم هجي جتي ٻارن کي اهڙي نوعيت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون هجن.

اسپارڪ جي ريسرچ ڪوآرڊينيٽر زرينه جيلاني به انهن بحالي مرڪزن جي انتهائي گهٽ تعداد جي ڳالهه ڪئي جتي جنسي طور تي حراسان ڪيل ٻارن جي بحالي لاءِ جديد طريقا استعمال ڪيا ويندا هجن. هن وڌيڪ چيو ته انگن اکرن موجب ڄاڻ نه هجڻ ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل سماجي بدنامي جي ڊپ سبب ٻارن کي هراسان ڪرڻ جا هزارين واقعا رپورٽ ناهن ٿي سگهندا.

يونيسيف (UNICEF) سان واڳيل واصف محمود چيو ته ان جي تنظيم چائلڊ پروٽيڪشن جي قانون جي جوڙجڪ جي حمايت ڪئي هئي پر مختلف حڪومتن پاران ان حوالي سان دلچسپي نه وٺڻ ڪري ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو.

هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حڪومت ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي موثر قدم ناهن کنيا ۽ نه ئي ٻارن کي حراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ وارين غير سرڪاري تنظيمن جي اهليت وڌائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۾ بحالي جي مرڪزن جو تعداد تمام ٿورو آهي، ٻئي پاسي حڪومت ۽ غير سرڪاري تنظيمون ان مسئلي جي شدت ۽ درست انگ اکر موجود نه هئڻ سبب واضح نه آهن.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.