خيبرپختونخواه: عورتون ملازمت بعد ڪاروبار ۾ به پاڻ مڃائڻ لڳيون

0
1795
Photo By Matiullah Achakzai
Photo by Matiullah Achakzai.

پشاور (وصال يوسفزئي وٽان) پاڪستان ۾ عورتن ڪاروبار جي ميدان ۾ غير معمولي رفتار سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، خيبرپختونخواه صوبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تناسب ۾ واضح فرق نظر اچي ٿو، ان کان اڳ صرف مرد گهر جي چوديواري کان ٻاهر نڪري ڪم ڪندا هئا پر هاڻ عورتون سمورن شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

پاڪستان جي شماريات واري اداري 2012-2013ع جي حوالي سان هڪ رپورٽ مرتب ڪئي، جنهن ۾ برسر روزگار مردن ۽ عورتن جي حوالي سان انگ اکر گڏ ڪيا ويا هئا.

پاڪستان ۾ 2013ع دوران عورتن جي آبادي جي 22.1 سيڪڙو شرح روزگار سان واڳيل رهي، جڏهن ته خيبرپختونخواه ۾ اهو تناسب 13.8 سيڪڙو ٿي چڪو هو. خيبرپختونخواه ۾ مختلف شعبن سان واڳيل عورتن جي مجموعي تعداد مان 20.6 سيڪڙو جو پنهنجو اڪائونٽ آهي، جڏهن ته پگهاردار عورتن ۾ اهو تناسب 15.5 سيڪڙو آهي.

پاڪستان ۾ عورتن جو سيلز ۽ مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ ملازمت ڪرڻ جو رجحان وڌيو آهي، تنهن هوندي خيبرپختونخواه ۾ اها اڳڀرائي خوش آئند آهي، ان سان صوبي ۾ هڪ وڏي تبديلي جو اظهار ٿئي ٿو، جيڪو عورتن جي حوالي سان پنهنجي رجعت پسند فڪر سبب مشهور رهيو آهي.

سونيا بتول گذريل ڏهه سالن کان پشاور ۾ سيلز گرل طور ڪم ڪندي رهي آهي، هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هن ابتدا ۾ هڪ مقامي شاپنگ سينٽر  ۾ اٺ هزار روپيا ماهوار تي سيلز گرل طور ملازمت اختيار ڪئي پر هاڻ سندس ميڪ اپ جو پنهنجو دڪان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مون پنهنجو ڪاروبار صرف 35 هزار روپين جي گهٽ سيڙپ سان شروع ڪيو. هن وقت منهنجي دڪان جو ساليانه ٽرن اوور 10 لک روپين تائين پهچي چڪو آهي. مان سڄي خاندان جي معاشي ضرورتن جو خيال رکي رهي آهيان. ڪم ڪندڙ ۽ خاص طور تي پنهنجو ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي هن سماج ۾ ڪيترين ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ٻئي طرف اهو تصور اڃا به قابل قبول ناهي ته هڪ عورت ملازمت يا پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ گهر جي چائٺ کان ٻاهر پير رکي، جڏهن ته ٻئي پاسي سيڪيورٽي جي حالتن سبب خاندانن کي اهو بهانو ملي ويو آهي ته عورتون گهرن جي چوديواري تائين محدود رهن.

55 ورهين جي ممتاز ان حقيقت تي يقين رکي ٿي ته جيڪڏهن عورتون ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ پر عزم هجن ته ڪا به رڪاوٽ انهن جو رستو نٿي روڪي سگهي، هوءَ هڪ مقامي شاپنگ مال ۾ 10 سالن تائين سيلز پرسن طور ڪم ڪندي رهي آهي، جڏهن ته انهي دوران گهر ۾ ڪپڙن جي سلائي به ڪندي رهي آهي ته جيئن ان جي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي. هن جو مڙس ڪينسر جو مريض آهي ۽ هوءَ پنهنجي خاندان جي واحد ڪفيل آهي، هن جي اڪيلي ڌي آهي، هاڻ ان جو پنهنجو هڪ دڪان آهي جتي هوءَ رانديڪا ۽ ٻارن جون ٻيون شيون وڪرو ڪندي آهي.

خيبرپختونخواه وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبر نسيم رياض نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت چيمبر جون تقريبن ٽي سئو ميمبر آهن ۽ هر هڪ جو پنهنجو ڪاروبار آهي.

نسيم رياض عورتن کي پاڻ سونا زيور ٺاهڻ جو طريقو سيکاريندي آهي، هن جون ٽي سئو کان وڌيڪ شاگردياڻيون پنهنجي گهرن ۾ ننڍي پئماني تي اهو ڪاروبار شروع ڪري چڪيون آهن. اسلام آباد ۾ قائم ثقافتي اداري لوڪ ورثه هن جي هڪ شاگردياڻي جي جيولري ميڪنگ ۽ ڊزائن جي شعبي ۾ بطور ٽرينر خدمتون حاصل ڪيون آهن. جيئن ته هن جو پنهنجو دڪان آهي پر هوءَ مختلف ملڪن دبئي، ويٽنام ۽ ٿائي لينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ نمائشن ۾  به شريڪ ٿي چڪي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عورتون مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون بهترين صلاحيتون ڪتب آڻي رهيون آهن، حڪومت جو به هاڻ اهو فرض آهي ته هوءَ بنا وياج قرض ڏئي ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ شرطن ۾ نرمي ڪندي عورتن جي معاونت ڪري. دهشتگردي ۽ ويڙهه باوجود پشاور ۾ عورتن پنهنجو ڪاروبار ناهي ڇڏيو، حقيقت ته اها آهي ته هاڻ وڌ کان وڌ عورتون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ طرف ڌيان ڏئي رهيون آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورتن واري ونگ پشاور جي صدر رابعه بصري چوي ٿي ته خيبرپختونخواه تمام جلد پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندڙ عورتن لاءِ خصوصي سهولتن جو اعلان ڪندي. هن ٻڌايو ته حڪومت خيبر بينڪ سان رابطي ۾ آهي ۽ خيبرپختونخواه ۾ عورتن لاءِ جلد بنا وياج قرض ڏيڻ جواعلان ڪيو ويندو.

عورتون پاڪستان جي آباديءَ جو اڌ آهن، جيڪڏهن انهن مان وڏو تعداد معاشي سرگرمين ۾ شريڪ ٿئي ٿو ته نه صرف ڪيترن جو معاشي مقام بهتر ٿيندو پر ملڪ به نسبتن مختصر  عرصي ۾ هڪ روشن مستقبل طرف وڌندو. هر ترقي يافته ملڪن ترقيءَ لاءِ انهيءَ فارمولي تي عمل ڪيو آهي ۽ نتيجا اوهان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي سگهو ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here