قبائلي علائقن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ آئيني ڪوششن جي شروعات

0
1764

: Photo By News Lens Pakistan /

پشاور (انعام الله وٽان) وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ قانون ٺاهيندڙن قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ ۾ آئيني ترميمي بل جو هڪ ڊرافٽ جمع ڪرايو آهي، جنهن جو مقصد فاٽا کي خيبرپختونخواه صوبي جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (پاٽا) ۾ ضم ڪرڻ آهي.

فاٽا جي پارلياماني ميمبرن پاران پهريون ڀيرو اهو قدم کنيو ويو آهي، جيڪي گذريل 68 سالن کان هڪ ڊگهي عرصي تائين فاٽا جي حالتن کان غافل رهيا آهن. ٻئي طرف هڪ وڏو سياسي طبقو، جنهن ۾ سول سوسائٽي به شامل آهي، ان ڳالهه جو خواهشمند رهيو آهي ته فاٽا جو خيبرپختونخواه سان الحاق ٿي وڃي ۽ هو چاهين ٿا ته ان کي پاڪستان جو پنجون صوبو قرار ڏنو وڃي.

اهو بل فاٽا لائيرز فورم جي گڏيل ڪوششن سان جوڙيو ويو آهي جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ پارلياماني ميمبرن کان ان حوالي سان مطالبو ڪندا رهيا آهن.

فاٽا لائيرز فورم جي نئين چونڊيل صدر ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل رحيم شاهه آفريدي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل برادري گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اسان سڀ کان وڏي رنڊڪ پار ڪري ورتي آهي، جنهن بعد هاڻ فاٽا جي رهواسين کي ان حوالي سان آگاهه ڪرڻ اڳيون قدم هوندو. جاگرافيائي طور تي فاٽا کي خيبرپختونخواه کان الڳ ڪرڻ ممڪن نه آهي. فاٽا جيئن ته هڪ ڊگهي پهاڙي پٽي آهي، جنهن ڪري اها زرعي ۽ معدنياتي وسيلن کان محروم آهي.

رحيم شاهه آفريدي وڌيڪ چيو ته قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواه جي عوام جي تهذيب، مذهب ۽ ثقافتي روايتن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي، جيئن ته فاٽا کي هڪ الڳ صوبو ٺاهڻ لاءِ ڪئي ويندڙ ڊگهي آئيني ضابطن تي عمل جي ڪري ان کي مرڪزي وهڪري ۾ آڻڻ لاءِ ٿيندڙ ڪا به ڪوشش هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارائتي ثابت نه ٿي سگهندي.

هن وقت پارليامينٽ ۾ فاٽا سان تعلق رکندڙ ميمبرن جو انگ 20 آهي، جن مان 12 قومي اسيمبلي ۽ 8 سينيٽ ۾ قبائلي علائقن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.

خيبر ايجنسيءَ سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر شاهه جي گل آفريدي اهو يقين رکي ٿو ته قبائلي علائقن لاءِ آئيني ڍانچو جوڙڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته هاڻ هن خطي مان دهشتگردن ۽ دهشتگردي جي سرگرمين جوخاتمو ڪيو پيو وڃي، بحالي جي سرگرمين جي هڪ ڪڙي طور فاٽا کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر مرڪزي وهڪري ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. چند پوليٽيڪل ايجنٽن بدران فاٽا جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ تي حڪمراني ڪري.

فاٽا ست ايجنسين باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي، ڪُرم، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان تي ٻڌل آهي جيڪي ترتيبوار هيٺاهين تي آباد آهن، ان کان علاوه ڇهه فرنٽيئر ريجن آهن.

فاٽا کي هيستائين ڪرائيمز ريگيوليشن1901ع تحت هلايو ويندو رهيو آهي، گورنر خيبرپختونخواه، صدر پاڪستان جي نمائندي طور هن خطي جي انتظامي معاملن جو نگران آهي، جنهن کي سرحدن واري وزارت جي مڪمل معاونت حاصل آهي.

فاٽا واسين پاران ان بل تي گڏيل رد عمل سامهون آيو آهي، بل جي مخالفت ۾ هڪ وڏو قبائلي اتحاد جوڙيو ويو آهي.

اڳوڻي سينيٽر ۽ ڄاڻايل الائنس جي باني حميد الله جان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه پارلياماني ميمبرن کي اهو اختيار حاصل نه آهي ته هو فاٽا ۾ رهندڙ هڪ ڪروڙ ماڻهن جي مستقبل جو فيصلو ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته قانون سازن کي آئيني ترميم پيش ڪرڻ کان اڳ مختلف تڪن ۾ مشاورت ڪرڻ کان علاوه علائقي جي عوام ۽ خاص طور تي مک اڳواڻن جو اعتماد حاصل ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته اهو هن ڌرتي جي ثقافت جولازمي جز آهي، جنهن سان اها مشڪل حل ٿي وڃي ها ته فاٽا کي خيبرپختونخواه ۾ ضم ڪيو وڃي يا ان کي هڪ الڳ صوبو بڻايو وڃي.

آئين جي آرٽيڪل 247 جي هيٺين شق ست اختلافن جو هڪ اهم سبب آهي، هن شق موجب قبائلي علائقا سپريم ڪورٽ ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ جي دائري ۾ اچن ٿا.

خيبرپختونخواه الاسي تحريڪ جو روح روان ڊاڪٽر سيد عالم محسود ان بل کي هڪ اهم قدم قرار ڏئي ٿو، جنهن کي سبوتاز نه ڪرڻ گهرجي، هو چوي ٿو ته فاٽا کي ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ آئيني سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلو ڪشميرين جي مرضي موجب حل ڪرڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته فاٽا جي مسئلن جي حل ۾ به عوام جي خواهش ۽ رضامندي شامل هئڻ گهرجي.

فاٽا سان تعلق رکندڙ هڪ سماجي ڪارڪن ڪامران آفريدي ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ وڏي پيماني تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي حق ۾ آهي، هو اها تجويز پيش ڪري ٿو ته جيڪڏهن ضرورت پوي ٿي ته ان لاءِ آئيني ريفرنڊم ڪرايو وڃي. هن چيو ته سڀ کان پهرين فاٽا جي عوام ۾ ان حوالي سان شعور بيدار ڪيو وڃي ۽ ان بعد خيبرپختونخواه سان الحاق جي حوالي سان ڪو قدم کنيو وڃي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻيءَ ۾ قائم صوبائي حڪومت تجويز ڪيل بل جي حمايت ڪري ٿي ۽ فاٽا جي خيبرپختونخواه سان الحاق جي خواهشمند آهي. خيبرپختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسانجي حڪومت قبائلي عوام جي خيبرپختونخواه سان الحاق جي فيصلي جو احترام ڪندي. هن خبردار ڪيو هو ته فاٽا جي عوام جي مرضي بنان انهن تي زبردستي اهڙو ڪو فيصلو نه مڙهڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ جي سربراه عمران خان ان فيصلي کي بهتر قرار ڏنو آهي، هن نوشهره ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پراڻي دور جي قانوني نظام کي ختم ڪيو وڃي.

باجوڙ ايجنسي سان تعلق رکندڙ هڪ سينيٽر هدايت الله نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو، جيڪي فاٽا ۾ امن امان جا خواهشمند نه آهن، اهي آئيني حق ڏيڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ان حوالي سان هڪ بهتر مذاڪري کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، جيڪڏهن وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 247 ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته فاٽا هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ اچي ويندو ۽ اها هن خطي جي ماڻهن جي هڪ وڏي ڪاميابي هوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here