ٿر: گرين اسڪول ماروئڙن لاءِ اميد جو ڪرڻو بنجي ويا!

0
2410

: Photo by News Lens Pakistan
: Photo by News Lens Pakistan

عمرڪوٽ (الله بخش آريسر وٽان) ٿري ماڻهن لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ قيمت وارا گرين اسڪول تعليم، پاڻي، بجلي، ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۽ ماحوليات جي حوالي سان اميد جو ڪرڻو ٿي اڀري رهيا آهن.

سنڌ جو 68 سيڪڙو علائقو خشڪيءَ تي ٻڌل آهي ۽ اتي بجلي، روڊ رستا ۽ تعليم جون سهولتون ڪنهن حد تائين ميسر آهن. ٿر جي وارياسي علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي قيمت وڌيڪ هجي ٿي ڇاڪاڻ ته ان جي پکيڙ گهڻي ۽ وارياسي آهي.

انجنيئر تاج محمد موجب ٿر يا عمرڪوٽ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻن ڪمرن جي عام اسڪول (جنهن ۾ چوديواري، بجلي ۽ فرنيچر شامل آهي) تي اٽڪل 70 لک روپيه خرچ اچي سگهي ٿو. ٿري ماڻهو مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ معلومات جو نه هجڻ به ماوئڙن جي ترقيءَ جي راه ۾ اهم رڪاوٽ آهي.

تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم الف اعلان جي 2015 واري رپورٽ موجب ٿرپاڪر ضلعو، پاڪستان ۾ تعليم جي ميدان ۾ 113 نمبر تي آهي، جنهن ۾ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ برابر آهن. واضح رهي ته ٿر پارڪر ۾ 25.88 سيڪڙو اسڪولن کي عمارتون آهن، 3.89 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي، 17.8 سيڪڙو کي پاڻي، 36.95 سيڪڙو کي ٽوائليٽ ۽ 39.38 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري جي سهولت مليل آهي.

سماجي اڳواڻ جان محمد سمون، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجي علائقي لاءِ حڪومت وٽ ڪا خاص پاليسي ناهي، جيڪا اسانجي علائقائي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. ان جي ڪري بنيادي سهولتون اڃان تائين هتانجي ماڻهن کي ناهن ملي سگهيون.

هوڏانهن ايسوسيئيشن فار واٽر، اپلائيڊ ايجوڪيشن اينڊ رينيوايبل انرجي (اويئر) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي اڪبر راهمون، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسان رينيوايبل انرجي جي وسيلن تي ٿر ۾ ريسرچ ڪئي ۽ ان کي اسڪولن ۾ لاڳو به ڪيو، جنهن بعد حڪومت سان هڪ معاهدو به ٿيو.

تعليم کاتي ٿر جي ٽن ڳوٺن ۾ گرين اسڪول جي نالي سان ماڊل اسڪول تيار ڪرايا، جيڪي گهٽ قيمت وارا ۽ ماحول سان متابقت رکندڙ آهن. علي اڪبر ٻڌايو ته انهن اسڪولن ۾ شاگردن کي چارج ٿيڻ جوڳيون لائيٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪي هو اسڪول ۾ چارج ڪن ٿا ۽ ٿر جي ڏوراهن علائقن ۾ انهن سان پنهنجن گهرن کي روشن به ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته سولار (سج جي روشني تي هلندڙ)) پاڻيءَ جا نلڪا پڻ لڳايا ويا آهن، جن جي ذريعي 300 فوٽ اونهن کوهن مان پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو.

اويئر جي پروجيڪٽ آفيسر منوج جو چوڻ هو ته گرين ماڊل اسڪول روايتي سرڪاري اسڪولن کان ڏهوڻ تي سستا آهن ۽ اهي سنڌ توڙي بلوچستان جي ڏوراهن علائقن ۾ به قائم ڪري سگهجن ٿا. هن ٻڌايو ته اسان 10 لکن ۾ ٻن ڪمرن وارا اسڪول تعمير ڪرايا آهن، جيڪي حڪومت 70 لک روپين ۾ ٺهرائيندي آهي.

ڳوٺ تڙدوس جي رهواسي صلاح درس جو چوڻ هو ته هتي مسئلن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي يعني تيز اس تي سولار سسٽم لڳائي روشني حاصل ڪئي پئي وڃي، اهو سڀ ڪجهه ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.

تڙدوس جي پرائمري اسڪول الياس درس جي استاد سعودالله چيو ته گرين اسڪول ۾ ڪمپيوٽر، لائبريري، راند جي ميدان ۽ بجلي سميت سڀ سهولتون موجود آهن. شاگردن کي مفت ڪتاب ڏنا پيا وڃن.

انهيءَ ئي اسڪول جي شاگرد نهال درس، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هي اسڪول 2008 ۾ قائم ٿيو هو پر اسان پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪندا هئاسين، ڇو ته عمارت ۽ ٻيون سهولتون موجود نه هيون. هن ٻڌايو ته هاڻي داخلا وڌي 48 مان 131 تائين پهتي آهي.

سعيده نالي شاگردياڻي جو چوڻ هو ته اڳ ۾ وٽن رنگ ۽ رنگن واريون پينسلون نه هيون، ڇاڪاڻ ته سندن والدين غربت سبب اهي خريد ڪري نه سگهندا هيا، پر هاڻي هو ڪمپيوٽر تي ڊرائينگ ڪري سگهن ٿا، جتي سڀ رنگ به موجود آهن. ٿر ۾ سولار لائيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو هجڻ سندن لاءِ خوشقسمتي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here