گهرو پورهيو ڪندڙ عورتون بيمارين ۽ گهٽ اجوري جو شڪار، تحفظ لاءِ قانون به نه جڙي سگهيو

0
2061

لاهور (قاسم علي وٽان) لاهور ۾ 50 سالن جي بشيران بي بي پنج سال اڳ مڙس جي وفات بعد گهر ۾ پني جون ٿيلهيون ٺاهي گذارو ڪري رهي آهي، کيس روزانو هڪ هزار ٿيلهيون ٺاهڻ تي 40 روپيه ملن ٿا. هوءَ ان وقت صدمي ۾ وٺجي وئي جڏهن کيس پتو پيو ته هوءَ ٽي بي جي مرض ۾ ڦاسي چڪي آهي.

هن ڀنل اکين سان نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هوءَ موت کان ڊنل ناهي پر کيس ڏک اهو آهي ته هوءَ غربت سبب پنهنجو علاج نٿي ڪرائي سگهي، ڇاڪاڻ ته جيترو هوءَ ڪمائي ٿي ان مان هوءَ دوائون وٺڻ بجاءِ ٻن ڌيئرن جي کاڌي کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي. کيس اهو مرض ڪم دوران لڳو آهي ۽ 6 مهينا اڳ سندس ماسات ۽ گهرو پورهيت تهمينا پڻ علاج نه ڪرائي سگهي ۽ هوءَ ڪينسر جو شڪار ٿي وئي.

لاهور ۾ گهر اندر پورهيو ڪندڙ ثمينه جو چوڻ هو ته ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي پر هو مختلف مسئلن جي ڪري تڪليفده زندگي گهاري رهيون آهن. لاهور جي اتر واري ٻهراڙي ۾ رهندڙ ثمينه نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته انفارمل سيڪٽر ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪرادار ادا ڪري رهيو آهي پر بدقسمتيءَ سان ان شعبي ۾ صحت جون ڪي به سهولتون ميسر ناهن.

هن ٻڌايو ته سندس علائقي ۾ رهندڙ عورتون گذر سفر لاءِ هٿ جو هنر ۽ ٿيلهن، بوٽن ۽ ڪپڙا سبڻ جو ڪم ڪن ٿيون، پر ڪم ڪرڻ واري هنڌ جون حالتون بهتر ناهن ڇاڪاڻ ته اتي گهٽ روشني ، آلوده ماحول ۽ گهرو دٻاءُ انهن جي تڪليفن ۾ واڌاري جو سبب بنجن ٿا.

واضح رهي ته ثمينه رڳو اڪيلي عورت ناهي جيڪا انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي پر اهڙيون کوڙ ساريون عورتون آهن، جيڪي اهڙين حالتن ۾ جدوجهد ڪري رهيون آهن.

لاهور جي ڀرپاسي ۾ اهڙن مسئلن کي آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو ۽ هوم بيسڊ پورهيت اتي انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسانجي تنگ نظر سماج سبب عورتون گهڻو وقت گهر کان ٻاهر ۽ پري رهي نٿيون سگهن ان لاءِ اهي ڪوشش ڪن ٿيون ته جيتري قدر ممڪن هجي ته هو گهر ويٺي ڪم ڪري سگهن.

نيوز لينز پاڪستان کي انٽرويو دوران هڪ ٻي هوم بيسڊ پورهيت ڪشور چيو ته اسانجي مرداڻي سماج ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي مڃتا نٿي ملي، هو سدائين اڻسڃاتل ۽ اڻڄاتل رهن ٿيون ۽ صحت جي مسئلن سبب سراسري طور عورتن جي زندگي پنجاه سيڪڙو گهٽ ٿي وڃي ٿي.

هن ٻڌايو ته ڀرت جي ڪم ۾ ڪپڙن تي هٿرادو موتي يا مڻڪا لڳائڻ لاءِ ڪيميڪل جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو ۽ انهيءَ ڪيميڪل سبب عورتون توڙي ٻار بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عورتون ٽي بي، هيپاٽائيٽس، جوڙن (هڏن) ۾ سور، نور جي ڪمزوري ۽ مٿي جي سور جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.

هوم بيسڊ ورڪرس جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ نيٽ ورڪ ”هوم نيٽ“ جي سينئر پروگرام آفيسر ماريا ڪوڪب جو چوڻ هو ته اسان گهرو ڪم ڪندڙ پورهيت عورتن لاءِ بهتر پاليسي ۽ قانون سازيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون پر ايتري عرصي باوجود اسان ان ۾ ڪامياب ٿي ناهيون سگهيا.

واضح رهي ته هن وقت تائين ڪا به اهڙي اعتبار جوڳي ريسرچ ناهي ٿي سگهي جنهن سان گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي انگ جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي پر هڪ اندازي موجب اهو تعداد لکن ۾ آهي.

پنجاب جي عورتن جي ترقي واري کاتي جي ڊائريڪٽر رابعه ياسين ٻڌايو ته پنجاب حڪومت عورتن جي بهتريءَ لاءِ سڄو کاتو قائم ڪيوآهي ۽ عورتن جي ترقيءَ لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪري رکيا آهن پر اهي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ ڪارگر ثابت ناهن ٿي سگهيا.

هن ٻڌايو ته سندن کاتو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آئي ايل او) جي سهڪار سان لاهور جي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ هزار عورتن جي تربيت ڪري رهيو آهي. تربيت دوران هر هڪ عورت کي سفر جي ڏس ۾ ٽي هزار روپيه، گهر کي بهتر رکڻ، رڌپچاء ۽ ٻارن ۽ پوڙهن جي سار سنڀال سيکاري پئي وڃي.

هن چيو ته 400 عورتون تربيت حاصل ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته 200 ٻين جي تربيت جاري آهي. هي پائلٽ (ابتدائي) پروجيڪٽ آهي ۽ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ ان کي سڄي پاڪستان تائين ڦهلايو ويندو. اسان ”روزگار بئنڪ“ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن تحت عورتن کي قرض ڏنا ويندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي ڪيئر سينٽرس ۽ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ هاسٽل جهڙن منصوبن تي به اسان ڪم ڪري رهيا آهيون.

جڏهن ته صحت جي حوالي سان هن ٻڌايو ته ڪي خاص پروگرام موجود ناهن پر مستقبل ۾ ان طرف ڌيان ڏنو ويندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ هوم بيسڊ ورڪر جي ماهوار آمدني اٽڪل 30 کان 40 آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني ٽي يا چار هزار هجي ٿي ۽ ايتري ٿوري رقم مان خاندان جو گذارو مشڪل هجي ٿو. رڳو مرد جي ڪمائي مان زندگي گذارڻ ڏکيوٿيندو پيو وڃي، ان لاءِ عورتن کي به ان ۾ حصو وجهڻو پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here