لاهور: مدرسن جي رجسٽريشن ۽ سڌارن جو عمل رولڙي جو شڪار

0
1882
: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai
The Al-Jamia Islamia school in Allama town, Chaman, Pakistan, says it does not accept foreign funding. : Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai

لاهور (سميرا عليءَ وٽان) دهشتگردي ۽ ويڙهه خلاف قومي ايڪشن پلان تحت حڪومت سڄي پاڪستان ۾ ترجيحي بنيادن تي سمورن مدرسن کي رجسٽرڊ ڪرڻ ۽ انهن جي نصاب ۾ سڌارن جو اعلان ڪيو هو، پر صورتحال واضح نه هجڻ ۽ قومي ايڪشن پلان جي سست رفتاريءَ سان لاڳو ٿيڻ ڪري اهو هڪ ڏکيو ڪم بڻجي چڪو آهي.

  مدرسن تي وڏي عرصي کان ملڪ ۾ دهشتگردن جي سرپرستي ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جو الزام لڳندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ اقتدار ۾ ايندڙ مختلف حڪومتن کي مدرسن جي انتها پسنديءَ کي هٿي ڏيڻ واري ڪردار جي حوالي سان ڳجهن ادارن پاران شاهديون فراهم ٿينديون رهيون آهن. مدرسن جو فرقه واريت کي هٿي وٺرائڻ وارو ڪردار به ڪنهن کان لڪل نه آهي.

پنجاب حڪومت کي مليل هڪ ڳجهي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جا ٽن هزارن کان وڌيڪ طالب پنجاب جي 209 مدرسن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.

قومي ايڪشن پلان تحت مدرسن جي رجسٽريشن، ملڪ مان دهشتگردن ۽ ويڙهاڪن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل، حڪمت عملي جي ٽن مرحلن مان هڪ آهي. ياد رهي ته  تازو ئي شهيد ٿيندڙ پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده 14 فيبروري2015ع تي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ انڪشاف ڪيو هو ته پنجاب ۾ قائم تقريبن 12 هزار مان اڌ مدرسا به رجسٽرڊ نه آهن.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان 7 سيپٽمبر تي وفاق المدارس جي نمائندن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته عالم مدرسن جي رجسٽريشن ۽ سڌارن تي متفق آهن، پر هو رجسٽريشن جي عمل کي سادو رکڻ جا خواهشمند آهن، جنهن لاءِ حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا ان عمل جي نگراني ڪرڻ کانسواءِ رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻائيندي. هڪ طرف مختلف مڪتبه فڪر جا عالم حڪومت سان ڪيترن ئي مامرن تي متفق آهن ته ٻئي طرف هو ڪجهه اهم نڪتن تي مختلف خيال رکن ٿا، سندن خيال ۾ حڪومت حقيقي عملن کان نظرون ڦيرائي حقيقت پسندانه ۽ منطقي رويي جو اظهار ناهي ڪري رهي.

پاڪستان علما ڪائونسل جي سربراهه مولانا طاهر اشرفي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ مجموعي طور تي 24 هزار مدرسا آهن جن منجهان 13،600 پاڪستان علما ڪائونسل سان واڳيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن، آڊٽ ۽ فنڊنگ بابت معلومات گهرو وزارت کي فراهم ڪئي وئي آهي.

انهن مدرسن تي اڪثر ڪري انتها پسند اسلام جي واڌاري جا الزام مڙهيا ويندا رهيا آهن. مولانا طاهر اشرفي جو چوڻ آهي ته انهيءَ حوالي سان ماڻهن جي سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجن مدرسن ۾ 7 سئو کان وڌيڪ خطيبن جي تربيت جو اهتمام ڪيو آهي ته جيئن طالبن جي نقطه نظر ۾ لچڪ پيدا ڪري سگهجي ۽ هو بنياد پرستي ۽ انتها پسنديءَ ڏانهن نه وڃن. هوحڪومت کي به عوام ۾ وڌندڙ انتها پسند روين ۽ سوچ جو هڪ جهڙو ذميوار قرار ڏئي ٿو.

هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۾ قائم ڪيتريون ئي يونيورسٽيون انتها پسند تنظيمن سان لاڳاپيل شاگرد تنظيمن جي يا ته حمايت ڪري رهيون آهن يا ان حوالي سان انهن نرم رويو اختيار ڪري رکيو آهي.

اهل حديث مڪتبه فڪر جي اڳواڻ مولانا ابتسام الاهي ظهير مدرسن کي نشانو بڻائڻ تي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. هن چيو ته حڪومت مدرسن جو احتساب ڪرڻ کان اڳ غير سرڪاري تنظيمن جي فنڊنگ جي نظام ۾ شفافيت پيدا ڪري. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اهل حديث مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل مدرسن جو تعداد ٻه هزار کان وڌيڪ آهي ۽ اهي سڀ رجسٽرڊ نه آهن ڇو ته ان کان اڳ اهڙي ڪا پابندي نه هئي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه دهشتگرد مدرسن ۾ زير تعليم رهيا آهن ته اها ڪاڳڻتي جوڳي ڳالهه نه آهي، ڇو ته ڪيترائي دهشتگرد يونيورسٽين مان به تعليم پرائي چڪا آهن.

فرقيواراڻي تشدد جي واڌاري تي مدرسن جي ڪردار بابت ڳالهائيندي بريلوي مڪتبه فڪر جي اڳواڻ علامه راغب نعيمي چيو آهي ته اهو هڪ خيال آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ مستقل طور تي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي جي صفوران سانحي، جنهن ۾ هڪ بس تي فائرنگ ڪري 50 ڄڻن کي ماريو ويو هو، ۾ مدرسن جا شاگرد ملوث نه هئا بلڪه اها ڪارروائي ڪراچي جي هڪ يونيورسٽي مان تعليم پرائيندڙ شاگردن پاران ڪئي وئي هئي، جن  ڪجهه پرڏيهي جوابدارن جي اشاري تي ائين ڪيو.

هن انهيءَ حقيقت تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جيئن ته ڪيترن ئي دهشتگردن جو تعلق مدرسن سان ثابت ٿي چڪو آهي پر سمورن مدرسن ۾ دهشتگرد زير تعليم نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته گهرو وزير پاڻ اهو انڪشاف ڪري چڪو آهي ته 250 مدرسا انتها پسند سرگرمين ۾ ملوث آهن پر حڪومت ڇو انهن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪري رهي؟ مولانا راغب نعيمي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم تي به سوال اٿاريو.

سڄي ملڪ ۾ بريلوي مڪتبه فڪر جا 8 هزار مدرسا قائم آهن، پر سڀني کان مختلف راءِ جو اظهار علامه عباس ڪميلي ڪيو، جنهن سمورن مڪتبه فڪر جي مدرسن جي رجسٽريشن ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مدرسو هلائڻ هڪ منافعو ڏيندڙ ڪاروبار بڻجي ويو آهي ۽ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث ڪو به گروهه مدرسو کولي طالبن ۾ پنهنجي نظرين جو پرچار ڪري سگهي ٿو، جيڪي رسمي تعليم حاصل ڪرڻ جي سگهه ناهن رکندا. هن مدرسن جي نصاب ۾ اصلاح کان علاوه انهي کي نفرت انگيز مواد کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.

جيڪڏهن ڪنهن دهشتگرد گروهه جو مدرسي سان تعلق ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت به انهيءَ ڏوهه ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڇو ته صرف مدرسن جي رجسٽريشن سان مقصد حاصل نه ٿا ڪري سگهجن. حڪومت کي انهيءَ کان هڪ قدم اڳتي وڌي انتظام ڪرڻا پوندا. انهي سان گڏوگڏ ئي جيڪڏهن رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مدرسن جي حوالي سان ڪنهن ڳجهي رپورٽ ۾ انهن مدرسن جي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي حوالي سان ڪا شاهدي پيش ڪئي وڃي ٿي ته فوري طور تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here