پشاور: اسلاميه ڪاليج جي هڪ صدي پراڻي لائبريري ڊجيٽل ٿي وئي

0
1857
: Photo By News Lens Pakistan / Asad Khan
Students are searching online books in the library of Islamia College Peshawar. 100 years old Library of the Islamia College has digitized in 2015 to provide best library facilities to the students through online automatic digital system.Islamia College, Library Digitized, Peshawar Asad Khan Copyright © News Lens Pakistan

پشاور (اسد خان وٽان) رسرچ جو جذبو رکندڙ رخسانه حبيب روزانو اسلاميه ڪاليج پشاور جي لائبريريءَ ۾ تاريخ جي مختلف ڪتابن ۽ مواد جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مطالعو ڪندي رهي ٿي. اسلاميه ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهائيندڙ رخسانه حبيب جو چوڻ آهي ته پراڻا ڪتاب پڙهڻ سندس شوق آهي ۽ اسلاميه ڪاليج واري لائبريري سڄي شهر ۾ اهڙي جاءِ آهي جتي تاريخ جا ڪتاب ۽ بهترين ماحول ملي ٿو. هوءَ پڙهائي ۾ وقفي دوران پراڻي لائبريريءَ ۾ ڪتاب پڙهندي، ڪتابن جي آن لائين ڳولا يا اوڌر تي ڪتاب وٺي کڻي وڃڻ ۾ رڌل ملي ٿي.

رخسانه نيوز لينز کي ٻڌايو ته هوءَ شهر جي مختلف لائبريرين ۽ يونيورسٽي ڊپارٽمينٽن ۾ ويندي رهي ٿي ۽ هيءَ واحد لائبريري آهي جتي ڊجيٽل طور مواد ڳولي سگهجي ٿو. اسلاميه ڪاليج جي 100 سال پراڻي لائبريري 2015ع ۾ ڊجيٽل ڪئي وئي آهي، جتي 90 هزار ڪتاب ۽ 1261 تاريخي ڪتب موجود آهي، جيڪو شاگرد ۽ رسرچ ڪندڙ ڪي پيڊ تي هڪ ڪلڪ سان حاصل ڪري سگهن ٿا.

برطانوي راڄ دوران گڏيل انڊيا ۾ تعليم جو بنياد رکندي 1913ع ۾ پراڻي اين ڊبليو ايف صوبي ۾ قائم ڪيل ڪاليج جي هيءَ لائبريري هڪ اهم اثاثو آهي. خيبر پختونخواه ۾ سڀ کان قديم لائبريريءَ ۾ اڻلڀ ڪتاب ۽ تاريخي مواد موجود آهي. اها سڀ کان وڏي لائبريري پڻ آهي، جنهن جي عمارت ٻن وڏن هالن ۽ 9 ڪمرن تي ٻڌل آهي. ياد رهي ته هڪ هال ۽ 4 ڪمرا 1972ع ۾ جوڙايا ويا هئا.

ان جي لائبريرين تحسين الله، نيوز لينز کي ٻڌايو ته اها خيبر پختونخواه جي پهرين لائبريري آهي جنهن ۾ ڊجيٽل سسٽم تحت اڻلڀ پراڻا ڪتاب ۽ مواد شاگردن لاءِ موجود آهي. خان وڌيڪ ٻڌايو ته هن سال شروع ڪيل آن لائين ڊجيٽل سسٽم شاگردن لاءِ ڪتاب ڳولڻ کي آسان بنائي ڇڏيو آهي ۽ ڪو به ماڻهو مائوس جي هڪ ڪلڪ سان پنهنجي پسند جو ڪتاب ڳولي سگهي ٿو.

لائبريري پاران ابتدائي طور تي اسلاميه ڪاليج جي شاگردن ۽ ٻئي عملي کي سهولت ڏني وئي آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ اها سهولت هر ڪنهن کي ڏني ويندي. جڏهن ته نه رڳو اسلاميه ڪاليج جا شاگرد ۽ عملو پر لائبريريءَ جي ويب سائيٽ وزٽ ڪندڙ سڀني صوبن جا ماڻهو به ان مواد مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته انٽر نيٽ جي سهولت سميت   ٻه الڳ ڪمپيوٽر ليب قائم ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ شاگردن ۽ ٻي شاگردياڻين لاءِ آهي.

لائبريريءَ ۾ اوڀر جي مطالعي، جرنلس ۽ تاريخي مواد تي ٻڌل شعبا قائم آهن پر انهن ۾ ”ٽريزر آف لٽريري جيمس“ سڀ کان مشهور آهي. لائبريري جي جنرل شعبي ۾ انگريزي مواد جڏهن ته اورنٽيل شعبي ۾ اردو مواد شامل آهي. پيراڊڪس شعبي ۾ اخبارون، مئگزين، جرنلس ۽ نيوز ليٽر موجود هجن ٿا. ”ٽريزر آف لٽريري جيمس“ واري شعبي ۾ سڀ کان اهم مواد جنهن ۾ پراڻا نقشا، تصويرون، قائد اعظم محمد علي جناح جي تقريرن وارا دستاويز ۽ ٻيو اڻلڀ مواد عربي، فارسي، پشتو، هندڪو، اردو ۽ ٻين مختلف ٻولين ۾ موجود آهي.

اسلاميه ڪاليج جي بيچلرس آف آرٽس جي شاگرد خان زمان چيوته لائبريريءَ ۾ موجود سهولتن سندن لاءِ مواد ڳولڻ آسان بنائي ڇڏيو آهي ۽ شاگرد هاڻي ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي سگهن ٿا يا آن لائين انهن جو مطالعو ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪمپوز ٿيل ۽ هٿ سان لکيل پراڻا تاريخي ڪتاب تمام اهم آهن ۽ انهن مان ڪجهه اهڙا آهن جيڪي يورپ ۽ آمريڪا جي لائبريرين ۾ به نه ملندا. هٿ سان لکيل مواد فزڪس، ڪيمسٽري، رياضي، مذهب، ايسٽرونومي (تارن جو علم) ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل آهي.

لائبريريءَ ۾ 1200 سال پراڻوهٿ سان لکيل ”ڪتابل آغاني“ (افغانين جو ڪتاب) به آهي، جيڪو ابل فرح علي بن حسين اسفهاني لکيو هو. هوڏانهن لائبريرين ٻڌايو ته ڪيترن ئي موضوعن تي مختلف ٻولين ۾ هٿ سان لکيل   1261 ڪتاب موجود آهن، جن ۾ 946 عربي، فارسيءَ ۾ 310، پشتو ۾ 4 ۽ هڪ پنجابي ٻوليءَ ۾ شامل آهي. لائبريري جي ميوزم واري شعبي ۾ ڪاليج جو بنياد رکندڙ سر صاحبزاده عبدالقيوم خان جون مختلف شيون ۽ پراڻيون تصويرون موجود آهن.

تصويرن واري گئلريءَ ۾ 1913ع ڌاري ڪاليج جي بنياد رکڻ دوران تصوير ۾ شاگردن سان گڏ قائد اعظم ۽ صاحبزاده عبدالقيوم خان به موجود آهن. لائبريريءَ ۾ رکيل وزيٽرس بڪ ۾ مختلف اهم شخصيتن جا هٿ سان ليکل خيال موجود آهن، جنهن ۾ قائد اعظم جا پاڪستان جي پهرئين گورنر جنرل طور تاثرات پڻ شامل آهن.

پي ايڇ ڊي جي شاگرد زيشان انور ٻڌايو ته لائبريريءَ سبب پراڻن ۽ نون ڪتابن تائين رسائي آسان بنجي وئي آهي ۽ سندس پي ايڇ ڊي جي ڊزرٽيشن جو عنوان ”سياست ۾ عورتن جو ڪردار“ آهي ۽ ان لاءِ هن لائبريريءَ جو رخ ڪيو. هن ٻڌايو ته ”مون آن لائين ڪتاب چيڪ ڪيا ۽ بعد ۾ اهي اتان حاصل ڪري ورتا“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here