پنجاب حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب عام ماڻهو صحت جي سهولتن کان محروم

0
1369
: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai
: Photo By News Lens Pakistan /

لاهور (رپورٽ: سميرا علي) پنجاب ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي حڪومت جو سڄو ڌيان صوبي ۾ وڏن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي آهي ۽ اها پنهنجا سمورا وسيلا انهن منصوبن تي خرچ ڪري رهي آهي، جنهن ڪري صحت جو شعبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي.

انهن منصوبن جا متاثر انهيءَ صورتحال تي شڪايتون ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهن ٿا، هڪ اهڙو ئي مثال لاهور کان 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ايوان ڊيال والا جي علائقي ۾ قائم اسپتال آهي، واضح رهي ته لاهور پاڪستان جي ڪجهه وڏن شهرن مان هڪ آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جو ڳڙهه آهي.

افسوس ته انهيءَ اسپتال ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن، جن ۾ سي ٽي اسڪين، وينٽي ليٽرس، آءِ سي يو وارڊز وغيره شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو به ناڪافي آهي، جنهن ڪري بظاهر اها اسپتال نظر ئي نٿي اچي، هن ٻهراڙي جي علائقي جي هڪ لک رهواسين لاءِ صرف ٻه ڊاڪٽر خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن.

مقامي هاري عدنان حنيف نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال جي عمارت قيد خاني جو منظر پيش ڪندي آهي جنهن جي چوطرف بيٺل پاڻيءَ سبب هيپاٽائيٽس سي ۽ ڊينگي جا مرض پکڙجي رهيا آهن. هن چيو ته مريضن جي معائني لاءِ مقرر هڪ يا ٻه ڊاڪٽر ٻپهري جو 2 وڳي اسپتال مان هليا ويندا آهن ڇو ته هو پنهنجي خانگي ڪلينڪن تي وڃي مريضن جو معائنو ڪندا آهن ۽ واڌو رقم ڪمائيندا آهن.

هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪو اهڙو نظام ناهي جنهن تحت انهن ڊاڪٽرن جي وقت ۽ انهن جي ڪارڪردگي تي نظر رکي سگهجي جيڪي مقامي آبادي کي ڪو به رليف فراهم ناهن ڪري رهيا.

مختلف رپورٽن موجب ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو به ڪيترن ئي مهينن تائين اسپتال جو رخ ناهن ڪندا، هڪ مقامي اسڪول سان لاڳاپيل استاد احسن علي چيو ته اسپتال ۾ طبي اوزار ۽ ٻيون سهولتون موجود نه آهن، پر ڊاڪٽر به گهوسٽ ملازم آهن جيڪي پگهار ته وٺندا آهن پر اسپتال مان غير حاضر رهندا آهن. احسن علي جو پٽ انهيءَ غفلت جو شڪار ٿي چڪو آهي ڇو ته اسپتال مان ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ ايمرجنسيءَ لاءِ دوائون نه هجڻ جي ڪري ان جا زخم خراب ٿي ويا هئا.

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) جي سربراهه مدثر رضوي حڪومت جي شفافيت ۽ احتساب جي باري ۾ ڳالهائيندي ان جي ذميواري صحت شعبي جي نگراني جي موثر نظام نه هجڻ تي هنئي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته غير سرڪاري طور تي ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي جيئن ته اسان نظام ۾ خامين جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون پر حڪومتي احتساب جو نظام سري کان ئي موجود ئي نه آهي، هن چيو ته احتساب نه هجڻ سبب عام ماڻهن جي زندگي تي منفي اثر پئجي رهيا آهن.

فافن سڄي ملڪ ۾ قائم اسپتالن ۽ صحت جي بنيادي مرڪزن بابت تفصيل گڏ ڪيا آهن ۽ ان جي آخري رپورٽ 2013ع ۾ جاري ڪئي وئي هئي.

ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ پنجاب ڊاڪٽر زاهد پرويز سان جڏهن ان حوالي سان رابطو ڪيو ويو ته هن ان صورتحال تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته صوبي ۾ قائم بنيادي صحت مرڪزن جي خراب حالت بابت کيس پنهنجي نقطه نظر جي اظهار لاءِ ڪجهه وقت گهربل آهي.

پنجاب جي وڏي وزير جي صحت بابت مشير خواجه سلمان رفيق چيو ته حڪومت سمورن بنيادي صحت مرڪزن جي نگراني ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هر نئين نظام کي عوام لاءِ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل هوندو آهي ۽ اسان طبي سهولتن جي کوٽ جي حوالي سان، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته، تفصيل جمع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. تنهن هوندي به هن تسليم ڪيو ته نگراني جو نظام درست نه هجڻ ڪري اهو بحران ويجهي مستقبل تائين ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي.

ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن اهو يقين رکي ٿي ته پاڪستان مسلم ليگ نواز صحت جي شعبي جي ترقيءَ ۾ ڪا به دلچسپي نٿي رکي. ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدار ڊاڪٽر حسين چيو ته ڊاڪٽرن جي اڪثريت خانگي ملازمتن کي ترجيح ڏيندي آهي يا وري بهتر موقعن جي ڳولا ۾ پرڏيهي ملڪن جو رخ ڪندي آهي ڇو ته انهن کي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊگهي ملازمت جو مناسب معاوضو ادا ناهي ڪيو ويندو.

صوبي ۾ صحت جي شعبي تي عدم اعتماد ۾واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ صحت جي بهتر سهولتن جي فراهمي جو مطالبو واضح طور تي زور وٺي رهيو آهي. پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي آبادي جي وڏي اڪثريت ۽ خاص طور تي ٻهراڙين جي رهواسين کي صحت جون بنيادي سهولتون ميسر ناهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here