ڪراچي: غير مسلم ڪائونسلر چونڊبا نه پر نامزد ٿيندا، اميدوار مايوس

0
1503

: Photo By News Lens Pakistan /

ڪراچي (ضياءُ الرحمان وٽان) 30 سالن جو سنجيش ايس ڌانجا هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان سياسي ڪارڪن آهي. جڏهن هُن کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هو شهر ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگھي ته هو مايوس ٿي ويو.

ڌانجا جو چوڻ هيو ته “مان گذريل ٻن سالن کان چونڊن جي تياريءَ ۾ رڌُل هيس ۽ پراعتماد هيس ته منهنجي علائقي ڇوٽا گيٽ جا ماڻهو مونکي ئي ووٽ ڏيندا”. هو ڪراچيءَ ۾ هڪ فلاحي تنظيم پاڪستان هندو سيوا جو سربراهه به آهي، اها تنظيم هندو برادريءَ جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته “مان ڏکارو آهيان ته غيرمسلم سياسي ڪارڪن هاڻوڪين مڪاني چونڊن ۾ سڌيءَ ريت حصو وٺي نه سگھندا”.

سنڌ صوبي ۾ مڪاني چونڊون ٽن مرحلن ۾ منعقد ٿي رهيون آهن. پهرين مرحلي ۾ 31 آڪٽوبر تي اتر سنڌ جي 8 ضلعن ۾ ۾ اليڪشن ٿي چڪي آهي.

ياد رهي ته2001 ۽ 2005 ۾ ٿيل مڪاني چونڊن دوران سنڌ صوبي ۾ مسلمان ۽ غيرمسلمان ووٽرن پنهنجن علائقن ۾ غير مسلم ڪائونسلرن لاءِ مخصوص سيٽن تي اميدوارن کي سڌيءَ ريت ووٽ ڏئي چونڊيو هيو.

جڏهن ته هاڻوڪي مڪاني نظام ۾ هڪ چيئرپرسن، وائيس چيئرپرسن ۽ هر يونين ڪائونسل (ٻهراڙيءَ وارن علائقن) ۽ يونين ڪميٽي (شهري) لاءِ 4 ڪائونسلر چونڊيا ويندا. هن دفعي ووٽر انهن ڇهن نمائندن کي چونڊڻ لاءِ ڪميٽي ۽ ڪائونسل جي سطح تي ووٽ ڏيندا جن جي ڪاميابيءَ بعد مخصوص سيٽن تي هڪ غيرمسلم ڪائونسلر کي چونڊڻ کان علاوه عورتن، نوجوانن ۽ مزدور، هاري جي چونڊ به ڪندا، جن کي لاڳاپيل پارٽيءَ جي قيادت نامزد ڪندي.

سنڌ اسيمبليءَ طرفان آگسٽ ۾ “سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ٽئين ترميم) بل 2015 منظور ڪيوويو، جنهن ۾ ٻين ترميمن کان علاوه ووٽنگ جي حوالي سان نوان قانون متعارف ڪرايا ويا. جن تحت هاڻي صرف چيئرپرسن، وائيس چيئرپرسن ۽ جنرل ڪائونسلر ئي سڌيءَ ريت چونڊجي سگھن ٿا. سنڌ صوبي ۾ غيرمسلمانن جي آبادي ٻين جي مقابلي ۾ گھڻي آهي. جن ۾ هندو، احمدي ۽ عيسائي شامل آهن. ان کان علاوه سک ۽ پارسي به ٿوري انگ ۾ سنڌ صوبي اندر رهندڙ آهن.

هندن جي حقن لاءِ سرگرم تنظيم پاڪستان هندو سيوا دعويٰ ڪري ٿي ته توڙي جو ڪي به سرڪاري انگ اکر موجود نه آهن ڇو ته ملڪ ۾ 1998 کانپوءِ ڪا به آدمشماري ناهي ٿي، هڪ اندازي تحت ملڪ جي مجموعي آباديءَ ۾ هندن جو تناسب 5.5 سيڪڙو آهي جن مان 93.33 سيڪڙو سنڌ ۾ آباد آهن.

هڪ انگريزي اخبار “ايڪسپريس ٽربيون” جي 8 اپريل 2013 جي اشاعت، جنهن ۾ پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏنو ويو هيو، ملڪ ۾ آباد غيرمسلم ووٽرن جي سڀ کان وڏي شرح هندن جي آهي. انهن جا 14 لک ووٽر جڏهن ته عيسائين جي آباديءَ جا 12 لک 40 هزار ووٽ رجسٽرڊ آهن. ان رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ قاديانين جا 115966، سکن جا 5934، پارسين جا 3650، ٻڌمت جي پيروڪارن جا 1452 ۽ يهودين جا 809 ووٽ رجسٽرڊ آهن.

عيسائي برادريءَ جو اڳواڻ مائيڪل جاويد سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي ۽ ڪراچيءَ مان چونڊن ۾ 4 ڀيرا سڌيءَ ريت حصو وٺي ڪاميابي ماڻي چڪو آهي. ان جو چوڻ آهي ته غير مسلم ڪارڪنن، جيڪي پهريان ئي راءِ جو اظهار ڪرڻ واري پنهنجي ٻٽي حق کي استعمال ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهن، انهن کي هن دفعي اهو حق به ناهي ڏنو ويو ته اهي مڪاني چونڊن ۾ پنهنجن اميدوارن کي مخصوص سيٽ تي ميدان ۾ لاهي سگھن.

1999 ۾ جڏهن سابق فوجي سربراهه پرويز مشرف پاران چونڊيل وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت جو خاتمو آندو ويو ته ان وقت تائين عام چونڊن ۾ غيرمسلمانن کي ٻٽي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت حاصل هئي جنهن ڪري اهي جنرل سيٽن تي نه صرف مسلمان اميدوار کي ووٽ ڏئي سگھندا هئا پر غيرمسلم اميدوار کي به ووٽ ڏيندا هئا، پر هاڻوڪين عام چونڊن ۾ غيرمسلم اميدوار سڌيءَ ريت ووٽنگ وسيلي چونڊجي نه سگھندا.

مائيڪل جاويد جو “نيوز لينز” پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چوڻ هيو ته “هاڻي مرڪزي ڌارا جي سياسي پارٽين جي مسلمان قيادت مخصوص سيٽن تي غيرمسلم اڳواڻن کي نامزد ڪندي جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ آباد غيرمسلمان پنهنجن اميدوارن جي چونڊ جي حوالي سان ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ٿي ويا آهن”. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ غيرمسلمانن کي پاڙي جي سطح تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ واري بنيادي حق کان به محروم ڪيو ويو آهي.

الڳ چونڊ نظام ختم ڪرڻ جي ڪري غيرمسلم اميدوار مذهبي پارٽين ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ٿي پيا آهن جن ۾ اسلام پسند پارٽيون به شامل آهن. حقيقت ته اها آهي ته مڪاني چونڊون هجن يا وري عام چونڊون انهن اميدوارن جو اهم ترين مقصد مخصوص سيٽن لاءِ ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ هوندو آهي.

غيرمسلمانن جي حقن لاءِ سرگرم ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته انهن جي برادريءَ جا اڳواڻ هاڻي مسلمان اڪثريت وارين سياسي پارٽين کان مخصوص سيٽن تي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جي گهر ڪندا. عام چونڊن وانگر خوشحال ۽ اثر رسوخ وارا غيرمسلمان اڳواڻ انهن پارٽين کان غيرمسلمانن لاءِ مخصوص سيٽن لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪندا جيڪي غيرمسلم آبادي ۽ انهن جي علائقن جي مسئلن جي حل طرف گھٽ توجهه ڏيندا.

ڪراچيءَ جي هندو اڪثريت واري علائقي جوڳي موڙ ۾ لڳ ڀڳ 800 خاندان انتهائي مفلسيءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن. اتي رهندڙن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ تائين پهچ آهي نه ئي علائقي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، اسڪول ۽ ڊسپينسرين جي سهوليت حاصل آهي.

سنجيش ايس ڌانجا چيو آهي ته جوڳي موڙ وانگر غيرمسلمانن جي هر آباديءَ کي ساڳي قسم جا مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته “ان جو سبب اهو آهي ته اسان پنهنجي برادريِءَ جي ماڻهن کي به سڌيءَ ريت چونڊي پارليامينٽ يا سٽي ڪائونسل جو حصو بڻائي نه ٿا سگھون جيڪي بعد ۾ شهري مسئلا حل ڪن. ايئن پارليامينٽ جا غيرمسلم ميمبر پنهنجي برداريءَ جا ووٽ حاصل ڪرڻ بجاءِ دولت جي چمڪ تي پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن.

سڄي ملڪ جي سکن جي هڪ تنظيم پاڪستان سک ڪائونسل جي سربراهه سردار رميش سنگهه چيو آهي ته انهن جي پارٽيءَ طرفان صوبي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته “اسان راءِ جي ٻٽي حق کي استعمال ڪرڻ وارو حق واپس وٺڻ چاهيون ٿا جنهن ڪري نه صرف پنهنجي برادريءَ جي اميدوارن کي چونڊي سگھنداسين پر مسلمان اميدوارن کي به چونڊن جو حق حاصل ٿي ويندو”.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هڪ آفيسر پاران پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي درخواست تي، ڇو ته کين ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جي اجازت ناهي، چيو ته مڪاني حڪومتن جي چونڊن جو عمل آسان ۽ تيز تر بنائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران نوان ضابطا ترتيب ڏنا ويا آهن جن تحت يونين ڪائونسل يا ڪميٽيِءَ مان چونڊجندڙ ڇهن ميمبرن کي چيو ويو آهي ته اهي غيرمسلمان ڪائونسلر کي چونڊڻ کان علاوه عورتن، نوجوانن ۽ مزدور ڪائونسلر جي چونڊ به عمل ۾ آڻين. هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته گذريل ٻن مڪاني چونڊن ۾ ووٽرن کي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here