: Photo By News Lens Pakistan /
: Photo By News Lens Pakistan

پشاور (انعام الله وٽان) ماحولياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، جيڪا دنيا جي تقريبن هر ملڪ ۾ ظاهر ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. پوري دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ، تيز برساتون، تباهي ڪندڙ ٻوڏون ۽ موسمن ۾ شدت اهي ماحولياتي تباهي جون ڪجهه علامتون آهن، جنهن جو سبب ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ته انسان پنهنجي بقاء لاءِ ماحول جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ مجموعي طور تي جهنگ صرف چار سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهن، اها شرح ٻاهرين دنيا جي نسبت ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽ آهي، ماحولياتي اعتبار کان صحت مند ملڪن ۾ اوسطن 35 سيڪڙو حصي تي جهنگ پکڙيل آهي، ۽ ظاهر آهي ته پاڪستان سان انهن جو ڪا به ڀيٽ نه آهي، وڌيڪ اهو ته ملڪ ۾ ايتري قدر گهٽ جهنگن جي باجود واڍي جي شرح دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آهي.

گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ شديد برساتون ٿيون آهن، جنهن ڪري شهر، ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون ٻوڏ سبب متاثر ٿيا. 2010ع جي ٻوڏ جون تلخ يادون ذهنن تان هٽيون نه پر اڃان به تازيون آهن، جيڪي هن ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا يا وري سڄي ملڪ مان متاثرن جي امداد لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آيا ۽ انهن جي انهن تڪليفن جو پاڻ مشاهدو ڪيو.

اهڙي نوعيت جون آفتون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اچي چڪيون آهن، جن جي اڪثريت اهڙي نوعيت جي بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ حل ڳولي ورتا آهن. پاڪستان جي صورتحال بلڪل ئي مختلف آهي، جتي وفاق ۽ صوبن ۾حڪومتون فعال آهن ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. 2010ع جي بدترين ٻوڏ مان ڪو به سبق ناهي سکيو ۽ ايندڙ سالن دوران نئين ۽ اذيت ناڪ يادن سان ڀرپور تاريخ جو سبق ۽ باب رقم ڪرڻ لاءِ ميدان کليل ڇڏيو ويو آهي.

خيبرپختونخواه صوبي جي فلڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي آبپاشي کاتي جو ڊائريڪٽر ولي خان يوسفزئي چوي ٿو ته ماحولياتي تبديلين ۽ زمين جي گرمي پد ۾ واڌ سبب ڪجهه ملڪن ۾ برساتن جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي. ٻئي پاسي ڪيترائي ملڪن اهڙا آهن جتي برساتن جو اهو سلسلو بيهي ويو آهي. خيبرپختونخواه جي وچين علائقن ۾ مون سون جي شرح هميشه گهٽ رهي آهي پر گذريل ٽن سالن دوران مون سون جي برساتن جو سلسلو لڳاتار جاري آهي.

هن چيو ته حڪومت انهن برساتن ۽ ٻوڏن مان ڪو فائدو کڻڻ جي قابل نه آهي، جنهن ڪري پاڻي کي مفيد سرگرمين جي لاءِ محفوظ رکي سگهجي ٿو ۽ نه ئي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو، جيئن ته بجلي جي پيداوار ۽ آبپاشي وغيره ممڪن نه آهي.

شيلٽر ڪيس اسٽڊيز پراجيڪيٽ 2013-14ع جي پاڪستان بابت رپورٽ موجب جولاءِ 2010ع ۾ پاڪستان ۾ آيل تباهي پکڙيندڙ ٻوڏ سبب ٻه ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ پاڪستان جو 20 سيڪڙو علائقو پاڻي هيٺ آيو، جڏهن ته پنج لک گهرن کي به نقصان پهتو. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2011ع جي ٻوڏ دوران 89 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 15 لک گهر ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيا.

سيپٽمبر 2012ع جي ٻوڏ ۾ 48 لک 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، ڇهه لک 40 هزار گهر تباهه ٿيا ۽ رليف ڪيمپن کي به نقصان پهتو، جن ۾ هڪ لک 40 هزار متاثرين عارضي طور تي رهائش پذير هئا. 2013ع ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ 15 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 80 هزار گهرن کي نقصان پهتو. سيپٽمبر 2014ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ آئي جنهن ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ هڪ لک گهرن تي به ان آفت جا منفي اثر پيا.

پاڪستان گڏيل قومن جي فريم ورڪ آن ڪلائميٽ چينج ڪنونشن (يو اين ايف سي سي) تي صحيحون ڪندڙ آهي، گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن دوران پاڪستان جي وزير اعظم چيو هو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، جيڪي تقريبن هر ملڪ کي متاثر ڪري رهيون آهن.

پاڪستان 2012ع ۾ ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجي هڪ پاليسي جوڙي جنهن جو مقصد موسم ۾ ايندڙ غير معمولي تبديليءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ هو، ان رپورٽ تحت هر صوبي تي اها ذميواري لڳائي وئي آهي ته هو پنهنجي صوبي ۾ ماحولياتي تبديلين تي ضابطي لاءِ پاڻ ذميوار آهن.

ولي خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اهو ضروري آهي ته هر صوبو ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پنهنجي هڪ پاليسي جوڙي ڇڏي. پاڪستان جي هر صوبي ۾ ماحولياتي تبديلين جو تجزيو هڪ ئي رخ ۾ ڪرڻ ممڪن نه آهي، هڪ صوبي يا خطي لاءِ مناسب پاليسي ٿي سگهي ٿي ته ملڪ جي ٻين حصن لاءِ نامناسب هجي، ماحولياتي تبديلي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ به هڪ سنجيده چيلينج آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ حڪومت مختلف رپورٽن ۾ ماحولياتي تبديلين کي منتظم ڪرڻ لاءِ ڏنل تجويزن تي انحصار ڪندي ان مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪابل درياءَ ۾ ايندڙ ٻوڏ هر سال خيبرپختونخواه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تباهي مچائيندي آهي، پر اڃا تائين اهڙو ڪو به نظام ناهي آندو ويو جنهن ذريعي ماڻهن کي ٻوڏ بابت اڳواٽ اطلاع ملي سگهي.

ولي خان يوسف زئي وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواه جي مختلف علائقن ۾ جديد ريڊار لڳايا وڃن ڇو ته صوبو ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کان متاثر ٿيندو رهندو آهي.

خيبرپختونخواه جي جهنگلي حيات جي تحفظ واري کاتي جي ڊائريڪٽر صفدر علي شاهه موجب ماحولياتي تبديلين جا اثر جهنگلي جيوت تي به منفي اثر پيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب صرف انسان ئي متاثر نٿو ٿئي پر جهنگلي جيوت ۽ جهنگ به تباهه ٿيندا آهن.

سوات ضلعي ۾ ماحولياتي تبديلين تي پي ايڇ ڊي اسڪالر محمد سليمان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان نه صرف مواد تمام گهٽ موجود آهي بلڪه ان حوالي سان ڪا خاص تحقيق به ناهي ڪئي وئي.

هن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ظاهر ٿيڻ جو درست جائزو وٺڻ لاءِ تاريخي پس منظر اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ انهن ماحولياتي تبديلين جا برابر جا ذميوار آهيون، وڻ ۽ جهنگن جي بنا ڊپ واڍي، دريائن جي ڪپرن تي ضرورت کان وڌيڪ تعمير ۽ پکين جو غير قانوني شڪار اهي عمل آهن جيڪي پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جو سبب بڻيا آهن.

خيبرپختونخواه جي گرين گروٿ مهم تحت هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان مهم تحت خطي ۾ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان مثبت رخ طرف وڌڻ آهي. ماهر اهو يقين رکن ٿا ته ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان هڪ اثرائتي حڪمت عملي اها هوندي ته ڄاڻ مهم جوڙڻ لاءِ منصوبا بندي جي عمل ۾ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.