شاهراه ريشم ٻه: سياحت جي واڌاري لاءِ پي ٽي ڊي سي ڪجهه ڪرڻ کان لاچار

0
2362
: Photo by News Lens Pakistan
: Photo by News Lens Pakistangilgit

گلگت (رپورٽ: سمير حسيب) وزير شاهه پنهنجي گهر جي ڪٽهڙي ۾ بيهي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٺهندڙ نئين هاءِ وي (رستي) تي گاڏين کي تيز رفتاريءَ سان ايندي ويندي ڏسي رهيو هو. شاهراه قراقرم (ڪي ڪي ايڇ) افسانوي ۽ قديم گذرگاهه شاهراه ريشم جو حصو آهي، جنهن تي اوڀر ۽ اولهه يعني سينٽرل ايشيا، ڀارت، ايران ۽ چين جي چئني طرفن تي ڦهليل خشڪي تائين پهچ ممڪن بڻائي ٿي. اهو روڊ تمام وڏو نيٽ ورڪ هو جنهن ذريعي وڏي پئماني تي واپاري ۽ ثقافتي روايتون هڪ ٻئي سان جڙيل هيون.

ٽپهري جي سج جي آخري ڪرڻن ۾ ڪو به، قديم زماني جي هن افسانوي روڊ جي ڪنارن تي نظارو وٺڻ لاءِ بيهي وڃي ته ان جو ڏوهه نه هوندو، هن رستي تي هر وقت واپاري ۽ ڀڪشوئن (گوتم ٻڌ جا پوئلڳ) جا قافلا ريشم، مصالحا ۽ مذهبي فلسفو زناڊو کان آڻيندا ۽ کڻي ويندا هئا.

واپار ۽ سياحت جو اهو منظر، جنهن مان حاصل ٿيندڙ خوشحالي، هڪ ڀيرو ٻيهر 46 بلين ڊالرن جي پاڪ چين ڪاريڊور (سي پي اي سي) جي صورت ۾ نمودار ٿيو آهي. شاهراه ريشم، پاڪ چين اقتصادي راهداري ۽ ان سان لاڳاپيل روڊن، ريلوي ۽ پائپ لائينن جي نيٽ ورڪ جو ٻيو حصو 2.0 نه صرف واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ٿيندو بلڪه سياح به دل کي موهيندڙ نظارن کي ڏسڻ لاءِ گلگت، بلتستان جو رخ ڪندا.

جيئن وزير شاهه اميد ڪري ٿو، پر ڇا اهو ۽ هن جو هوٽل، جتي هو ملازمت ڪندو آهي، 21 هين صديءَ جي شاهراه ريشم جي بحالي جي تقاضائن موجب پاڻ کي ان ۾ فٽ ڪري سگهندو؟ ڇا شاهه۽ گلگت ۾ پاڪستان ٽورازم ڊويلپمينٽ اٿارٽي (پي ٽي ڊي سي) جي ملازمن، ملڪ جي هڪ روشن خيال، صنعتي ۽ اقتداري اشرافيه جي استقبال لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ پرجوش انداز سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟

زبير شاهه جو خيال ان کان مختلف آهي، هن چيو ته هي ادارا حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي رهيا آهن جن انهن جو غلط استعمال ڪيو ۽ سندن ان روش ۾ تبديلي نه ايندي، هن نوڪري جي تحفظ خاطر پنهنجو اصلي نالو ظاهر نه ڪيو.

زبير شاهه گلگت جو رهواسي آهي ۽ گذريل 15 سالن کان پاڪستان ٽور ازم ڊويلپمنٽ اٿارٽي سان لاڳاپيل آهي جنهن تحت هن وقت سڄي پاڪستان ۾ 35 هوٽل ۽ موٽل ۽ چار ريسٽورانٽس هلايا پيا وڃن، جن مان ڪيتريون ئي پري پري وارن علائقن ۾ قائم آهن پر اهي علائقا سياحت جي حوالي سان بهترين ماڳ آهن، صرف گلگت بلتستان ۾ 10 موٽل هلايا پيا وڃن، جن ۾ 60 مستقل ملازم ڪم سان لاڳاپيل آهن.

هڪڙو وقت هو جڏهن پي ٽي ڊي سي ملڪ جي سياحتي پروگرام جي سڃاڻپ هئي، اها ڪجهه پراڻي ضرور هئي پر آرامده رهائش لاءِ موذون هئي، حقيقت ڪجهه هيئن آهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪافي سببن جي ڪري انهن جي بهتري ۽ تحفظ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. وزير شاهه چيو ته پر ان ۾ جيڪي وڏا هوٽل هئا ته انهن کي منتظم ڪرڻ ۽ هلائڻ جي حوالي سان سياسي اثر رسوخ ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو ويو جڏهن ته گذريل 15 سالن کان جاري ويڙهه به اثر وڌا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو گذريل حڪومتي دور خراب هيو، ان اداري جي ساک ۽ ڍانچي کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اقتداري دور ۾ ڪيترائي هوٽل بند رهيا ڇو ته عملي کي پگهارن جي ادائگي نه ڪئي وئي هئي. اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شاهجهان کيتران جي دور ۾ پنهنجن کي نوازڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڀرتيون ڪيون ويون، امن امان جون حالتون به پي ٽي ڊي سي جي زوال جو اهم سبب ثابت ٿيون.

شاهه چيو ته عملي جي واڌو ڀرتين سبب ڪارپوريشن جا معاشي وسيلا محدود ٿي ويا جيڪا ڪيترن ئي مهينن تائين پگهارن جي ادائگي ۾ ناڪام رهي. ميرٽ کي نظر انداز ڪندي سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيل عملي جي ڪري به پي ٽي ڊي سي جا ريزارٽ زوال جو شڪار ٿيا جيڪي ڪڏهن سڄي ملڪ مان ايندڙ سياحن جي پهرين چونڊ هوندا هئا.

ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن موجب اپريل 2015ع ۾ اڳوڻي ايم ڊي شاهجهان کيتران کي ست سئو ملازم غير قانوني طور تي ڀرتي ڪرڻ ۽ اختيارن جي غلط استعمال سبب گرفتار ڪيو ويوهو.

اداري جي ناقص ڪارڪردگي ۽ وڌندڙ قرضن سبب حڪمرانن جوڪارپوريشن جي نجڪاري طرف ڌيان ويو، ماضي ۾ پي ٽي ڊي سي جي موٽلز جي نجڪاري جي تجربي کي آڏو رکندي ان جو امڪان وڌيڪ نه آهي، 1998ع ۾ ٽي وڏيون هوٽلون لاهور جي ”فليٽيز“، پشاور جي ”ڊينز“ ۽ مري جي ”سيسل“ جي نجڪاري ڪئي وئي، پي ٽي ڊي سي جا انهن سمورين هوٽلن ۾ شيئرز هئا.

شاهه جنهن جي ڪارپوريشن سان وڏي عرصي تائين وابستگي سبب اعليٰ مئنجمينٽ سان ويجها لاڳا رهيا آهن. هن چيو ته معاملا پيچيده آهن پر کيس خبر آهي ته پي ٽي ڊي سي جي نجڪاري جو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي.

شاهه ۽ ٻين ملازمن جن کي هاڻي باقاعده پگهارون ادا ڪيون پيون وڃن، چون ٿا ته رڪارڊ کي محفوظ رکڻ جو ڪو موثر انتظام نه آهي پر گلگت بلتستان ۾ قائم موٽلز جي ڪارڪردگي بهتر آهي ۽ هلندڙ سال اهي سياحن سان ڀريل رهيا جنهن ڪري پگهارن جي ادائگي وارن معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي. تنهن هوندي به پي ٽي ڊي سي ۽ ان جي موٽلز جو مستقبل اڃا به غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آهي، آئين ۾ 18 هين ترميم کان پوءِ صوبن ۾ قائم سمورين موٽلز جو انتظام صوبائي حڪومتن سنڀاليو هو پر وفاق پي ٽي ڊي سي تي پنهنجو اثر و رسوخ برقرار رکڻ چاهي ٿو، جنهن ڪري اهو معاملو اڃا حل طلب آهي.

پي ٽي ڊي سي، جي هڪ سينيئر عملدار، جيڪو راولپنڊيءَ ۾ مقرر آهي، موجب وفاق، صوبن ۽ خاص طور تي خيبرپختونخواه سان سرد جنگ جاري آهي جيڪو صوبن ۾ پي ٽي ڊي سي جي انتظام هيٺ ملڪيتن جو ڪنٽرول سنڀالڻ چاهي ٿو. هڪ آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته پي ٽي ڊي سي جا انتظامي معاملا حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سرد جنگ جاري آهي ۽ ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته اها ڪڏهن ختم ٿيندي. وفاق پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن جي باري ۾ لاڳاپيل ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

گلگت ۾ ملازم اهو چون ٿا ته جيڪڏهن پي ٽي ڊي سي جو انتظام صوبن جي حوالي ڪيو وڃي ته موٽلز هڪ ڀيرو ٻيهر عوام ۾ مقبول ٿي سگهن ٿا.

اسسٽنٽ ٽور ازم آفيسر عمران الله بيگ چيو ته مان اها تجويز ڏيندس ته پي ٽي ڊي سي جي موٽلز جو انتظام صوبن حوالي ڪيو وڃي، هو گذريل هڪ ڏهاڪي کان پي ٽي ڊي سي سان لاڳاپيل آهي ۽ مختلف ريزارٽس ۾ خدمتون سر انجام ڏئي چڪو آهي.

عمران الله بيگ تجويز پيش ڪئي ته گلگت ٽور ازم ڊولپمينٽ اٿارٽي جي طرز تي هڪ نگران ادارو قائم ڪيو وڃي جيڪو سياحت سان لاڳاپيل سمورن معاملن جو انتظام ڪري. هن چيو ته حڪومت جي تعاون سان هلندڙ ٽرانسپورٽ سروس (نيٽڪو) جو انتظام اٿارٽي کي سنڀالڻ گهرجي ته جيئن سياحن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

هن وڌيڪ چيو ته نيٽڪو ۽ پي ٽي ڊي سي جي الڳ الڳ تجربيڪار ۽ ماهر ڊائريڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ وسيلن کي منتظم ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي ڏکين حالتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. پي ٽي ڊي سي جو عملو تربيت يافته آهي ۽ ان جا هوٽل جابلو علائقن ۾ قدرتي نظارن سان ڀرپور آهن. پي ٽي ڊي سي وٽ هن وقت موجود سمورن وسيلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هڪ پرجوش ٽيم ۽ سياسي عزم ڪارپوريشن جو مستقبل تبديل ڪري سگهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here