بنون (اِحسان داوڙ وٽان) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ويل گھوگھي )وات، نڙيءَ ۾ داڻا) جي بيماريءَ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ ٻارن کانسواءِ وڏي عمر جا فرد پڻ شامل آهن. اهڙي قسم جي هنگامي صورتحال سبب قبائلي علائقي فاٽا جي عملدارن کي انهيءَ وبا جي وڪڙ ۾ آيل ٻنهي ضلعن جي ويجهڙائيءَ وارن شهرن ۾ خطري واري صورتحال جو اعلان جاري ڪرڻو پيو آهي.

بيماريءَ سبب متاثر ٿيل مريضن کي بنون ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي مختلف اسپتالن ۾ علاج خاطر نيو پيو وڃي جتي انهيءَ بيماريءَ جي علاج واريون سهولتون موجود آهن. ڄاڻايل بيماريءَ جو وبا واري صورت اختيار ڪرڻ وارو خطرو ڌيان ۾ رکندي خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران قبائلي علائقي فاٽا سان ويجهڙائي رکندڙ ضلعن بنون، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، هنگو ۽ ٻين علائقن ۾ عوامي صحت متعلق خبرداريءَ واري مهم جاري ڪئي وئي آهي.

ميران شاهه ۾ واقع قبائلي ايجنسيءَ جي هيڊڪوارٽر اسپتال (اي ايڇ ڪيو) ۾ مقرر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته بيماري وبائي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ڇاڪاڻ ته هن اسپتال ۾ انهيءَ بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جيڪي دوائون ۽ ويڪسين گھربل هونديون آهن اهي موجود نه آهن.

پنهنجي بيمار پٽ جي علاج خاطر ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر هاسپيٽل بنون پهتل اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي هڪ شخص محمد نور ٻڌايو هو پنهنجي مريضن کي جڏهن ايجنسي هيڊڪوارٽر اسپتال کڻي ويا ته اتان جي ڊاڪٽرن کين علاج يا ويڪسين ڪرائڻ خاطر بنون يا ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ جي صلاح ڏني.

محمد نور وڌيڪ ٻڌايو ته، اتر وزيرستان جي ڪنهن به اسپتال ۾ اهڙيون ڪي به سهولتون موجود نه آهن جو ڪنهن مريض جي زندگي بچائي سگھجي. خيبرپختونخواه حڪومت پاران ميڊيا لاءِ جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فاٽا سان ويجهڙائي رکندڙن ضلعن جي سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن ته جيئن گھوگھيءَ جي بيماريءَ کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي سگھجي ڇو ته ان بيماريءَ سبب فاٽا ۾ ڪيترا ئي ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا آهن.

انهيءَ پڌرائيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته، پاڪستان ۾ گھوگھيءَ جي بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ ڪا به ويڪسين موجود نه آهي، جنهن ڪري صوبي جي صحت کاتي پاران گڏيل قومن جي اداري يونيسيف ۽ ڊبليو ايڇ او سان رابطو ڪري کانئن ويڪسين مهيا ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي آهي.

ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال بنونءَ ۾ اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي پلنگزئي، خزيئي ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن جا 40 مريض علاج لاءِ داخل ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته انهن علائقن مان، ويڙهاڪن خلاف پاڪ فوج پاران 2014 ۾ آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ سبب پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي ويل ماڻهو، تازو ئي واپس پنهنجي گھرن ڏانهن موٽيا آهن. جن مريضن کي علاج لاءِ بنون آندو ويو آهي، انهن ۾ ڏکڻ وزيرستان جي سَريلا واري علائقي جا 30 مريض به شامل آهن.

ميران شاهه ۾ موجود سرڪاري عملدارن جو چوڻ هو ته، جيتوڻيڪ ٻنهي قبائلي ايجنسين جي رهواسين کي علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ايجنسي هيڊڪوارٽر اسپتال موجود آهي، پر دربدري ختم ڪري واپس ماڳن ڏانهن موٽي آيل ماڻهن جي علاج لاءِ اسپتال ۾ سهولتن جي تمام گھڻي کوٽ آهي.

جاڙين قبائلي ايجنسين مان لڏي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ عارضي طور آباد ٿيل ماڻهن جي واپسيءَ وارو عمل اڃان هلندڙ آهي ۽ اهڙي وقت ۾ گھوگھيءَ جهڙي وچڙندڙ بيماريءَ جي ظاهر ٿي پوڻ کانپوءِ مريضن جي علاج لاءِ ويڪسين موجود نه هجڻ سبب انساني صحت لاءِ خطري واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي.

اتر وزيرستان جي ميران شاهه شهر ۾ واقع ايجنسي هيڊڪوارٽر اسپتال ميران شاهه جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (ايم ايس) رحمان آفريديءَ جو چوڻ هو ته اينٽي ڊڦٿيريا سيرم (اي ڊي ايس) ئي اها واحد دوا آهي جنهن وسيلي گھوگھيءَ ۾ ورتل مريضن جو علاج ٿي سگھي ٿو پر هن وقت اها هتي موجود نه آهي. هن اهو پڻ چيو ته، هنن پشاور ۾ واقع فاٽا سيڪريٽريٽ سان رابطو ڪري کين گھربل دوائون مهيا ڪرڻ لاءِ چيو آهي. گھوگھيءَ جي مريضن کي ٻين کان ڌار رکڻ لاءِ آئسوليشن وارڊ ته ٺاهي ڇڏيو آهي پر هنن وٽ سندن علاج واريون دوائون موجود نه آهن.

ميران شاهه جي مقامي ماڻهن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته، گھوگھيءَ واري بيماري سموري تَرَ ۾ ڦهلجي وئي آهي ۽ پلنگزئي، خزيئيءَ ۽ تمام ڏورانهين علائقي سيدگي سميت ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو ان بيماريءَ جو شڪار ٿيندا رهن ٿا.

افغانستان جي سرحد ڀرسان واقع ننڍي شهر غلام خان ڀرسان واقع ڳوٺ سيدگيءَ جي هڪ رهواسي عالم خان ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ اهڙن ٻارن جو تعداد تمام گھڻو آهي جن جي نڙي سڄيل هجڻ ڪري کين نڙيءَ ۾ سور ۽ تيز بخار آهي ۽ ان بيماريءَ جي سڃاڻ ڊاڪٽرن پاران گھوگھيءَ طور ڪئي وئي آهي.

فاٽا ۾ ايجنسي سرجن ئي ويڪسين ڪرائڻ ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ توڙي مکيه شهرن کان ڏور ڳوٺن ۾ قائم صحت مرڪزن کي سنڀالڻ جو ذميوار هوندو آهي. اتر وزيرستان ۾ مقرر ايجنسي سرجن ڊاڪٽر عنايت ٻڌايو ته متاثر ٿيل علائقن ۾ صحت جون خصوصي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته سيدگي ۾ به هڪ ڪيمپ قائم ڪئي ويندي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته کين صورتحال جي شدت جو مڪمل احساس آهي ۽ بيماريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هو پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻي رهيا آهن پر صورتحال کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏيڻ لاءِ اڃان به گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ جي مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته، هن پرڳڻي ۾ صورتحال شديد خراب آهي ۽ ايجنسيءَ جي سرويڪي تعلقي جي سريلا واري علائقي ۾ ٻن سڳين ڀينرن سميت 5 ماڻهو بيماريءَ وِگھي فوت ٿي چڪا آهن. ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ جي هڪ رهواسي رحمان گل محسود ٻڌايو ته ڏورانهين ۽ مواصلاتي رابطي کان ڪٽيل علائقي جي ماڻهن کي علاج لاءِ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ جهڙن سهولتن وارن شهرن تائين پڄڻ ۾ وڏو وقت لڳي ٿو. سندس ٻه ٻار گھوگھيءَ ۾ وٺجي ويا آهن ۽ کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪجي.

فاٽا ۽ خيبرپختونخواه جي صحت واري شعبي سان لاڳاپيل اختيارن جو چوڻ آهي ته، گھوگھيءَ کان بچاءَ واري ويڪسين نه صرف مقامي سطح تي پر اسلام آباد ۾ به موجود نه آهي.

فاٽا سيڪريٽريٽ ۾ اِي پي آءِ پروگرام لاءِ مقرر ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اِختيار عليءَ جو چوڻ هو ته گھوگھيءَ جي ويڪسين اي ڊي ايس جيئن ته صرف لاهور ۾ موجود آهي ان ڪري ئي اسان پنجاب صوبي جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته، تيزيءَ سان پکڙجندڙ انهيءَ بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ قدم تيزيءَ سان کنيا ويا آهن. ميران شاهه ۽ سويڪئي تعلقن ڏانهن خصوصي ميڊيڪل ٽيمون اماڻيون ويون آهن ته جيئن متاثره علائقن جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وڃي. ڊاڪٽر اختيار عليءَ ٻڌايو ته، بنون ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي اسپتالن ۾ اي ڊي ايس ويڪسين پهچائي وئي آهي. جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ اها دوا اڃان پهچي ناهي سگھي ڇو ته دوائن جي کوٽ آهي، پر ترت اتي به دوا مهيا ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر اختيار عليءَ جو چوڻ هو ته، هن بيماريءَ جي علاج لاءِ ضروري آهي ته مريض کي اڪيلائيءَ ۾ رکيو وڃي پر فاٽا ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ويڪسين کي گھٽ گرمي پد ۾ رکڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.

ٻئي طرف صحت جي شعبي سان لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ هو ته، بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هُو ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو اڃان انهن ٽيمن جو انتظار ئي ڪري رهيا آهن جن کي ويڪسين ڪرڻ لاءِ اچڻو آهي.

اتر وزيرستان جي پلنگزئي علائقي سان تعلق رکندڙ حاجي رحمت خان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بنونءَ ۾ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، هن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيارين کي وڌيڪ جوڳا اپاءَ وٺڻا پوندا.

اداسيءَ واري ڪيفيت ۾ ورتل حاجي رحمت خان ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته هو پنهنجن پيارن کان وڇڙي رهيا آهن ۽ عملدار صرف گڏجاڻين ۾ مصروف آهن، کين انتطار آهي ته سندن ڳوٺن ۾ اچي هو ڪڏهن ويڪسين ڪندا پر هو ڪٿي پهتا آهن، کين ڪا خبر نه آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here