زلزلي ۾ 12 سال اڳ تباه ٿيل سوات جيل نه ٺهي سگهيو، پي ٽي آئي ۽ اي اين پي جا هڪٻئي تي الزام

0
1198

سوات: عدالتي نظام سان لاڳاپيل آفيسرن جو چوڻ آهي ته، سوات ۾ جيل نه هجڻ سبب ٻين ضلعن جي جيلن ۾ قيد سواتي قيدين جي آزاديءَ ۾ اڪثر ڀيرا انهيءَ ڪري به دير ٿي ويندي آهي ڇو ته وارث سندن آزاديءَ وارو عمل مڪمل ڪرائڻ خاطر بروقت اتي پهچي آزاد ٿيڻ وارن قيدين کي واپس اباڻي شهر ڏانهن وٺي اچڻ لاءِ موجود ناهن هوندا.

جيتوڻيڪ خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران سوات ۾ نئون جيل اڏڻ خاطر 7 سو ملين روپين جا فنڊ رکيا ويا آهن پر اڏاوت واري ڪم ۾ دير ٿيڻ سبب سوات جي قيدين کي ڏورانهن شهرن ۾ واقع جيلن ۾ سزا ڪاٽڻي پوي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيسن سان لاڳاپيل پوليس عملدارن، قيدين جي گھرڀاتين ۽ عدالتي عملي کي اهڙن جيلن ڏانهن اچ وڃ جي حوالي کان ٻيڻا خرچ ڪرڻا پون ٿا.

سوات جو ڊسٽرڪٽ جيل پاڪستان جي اترئين حصي ۾ 2005 دوران آيل زلزلي جي نتيجي ۾ تباهه ٿي ويو. تڏهن کان سوات جيل جي قيدين کي لوئر دِير جي تيمر گره ۽ بونير ضلعي جي ”ڊگر“ جيل ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته قيدين جي وارثن جي دير سان پهچڻ سبب جيلن مان قيدين جي آزاديءَ ۾ اڪثر ڪري دير ٿيندي رهي ٿي جنهن ڪري آزاديءَ جو امڪان رکندڙ قيدين جي ساٿين ۽ سندن گھڻ گھرن جي پريشاني به وڌي ويندي آهي جڏهن ته جيل اختيارين کي اهڙا قيدي وڌيڪ وقت لاءِ باندي بڻائي رکڻ تي به اضافي خرچ ڪرڻا پوندا آهن.

سوات جي ضلعي عدالت ۾ جوڊيشل اسسٽنٽ طور ڪم ڪندڙ ثناءُ الله خان چيو آهي ته ”آزاد ٿيڻ واري قيديءَ کي جيل کان سندس اباڻي شهر ڏانهن وٺي وڃڻ تي سندس وارثن کي 8 هزار روپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو آهي“.

جڏهن ته سوات جي جن قيدين کي ٻين ضلعن جي جيلن ۾ قيد ڪاٽڻو پوي ٿو انهن جي ڪيسن جون عدالتي ٻڌڻيون سوات ۾ ٿين ٿيون. اهڙن قيدين جي گھرڀاتين ۽ پوليس اهلڪارن کي ئي ڪيسن جي هر هڪ حاضريءَ خاطر قيدي سوات آڻڻ ۽ نيڻ وارا خرچ برداشت ڪرڻا پوندا آهن.

ثناءُ الله خان اهو پڻ ٻڌايو ته قيدين کي هر حاضريءَ تي آندو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪيس جي ٻڌڻيءَ ۾ دير ٿي وڃي ته اهڙي صورت ۾ کاڌي پيتي ۽ رهائش تي به ٻيڻا خرچ ڪرڻا پئجي ويندا آهن. ان ڪري اگر قيدين جي ڪيسن جي ٻڌڻي اگر انهن ئي ضلعن ۾ ڪئي وڃي جتي اهي قيد آهن ته ان سان جيل انتظاميا، قيدين جي وارثن ۽ قيدين کي گھڻي سهولت ٿي پوندي ۽ آزاديءَ جو فيصلو اچڻ جي صورت ۾ وڌيڪ قيد ڪٽڻ بجاءِ هو ٿڏي تي ئي آزادي حاصل ڪري وٺندا.

نواب عليءَ نالي هڪ شخص جنهن جا ويجها مائٽ محمد مشتاق ۽ محمد ايوب گذريل 18 مهينن کان بونير جيل ۾ قيد آهن، ٻڌايو ته ”پنهنجي قيدي مائٽن سان جڏهن به ملاقات ڪرڻ ويندا آهيون ته هر ڀيري 04 کان 05 هزار روپيا خرچ اچي ويندو آهي“.

سوات جي بالوگرام ڳوٺ جي رهواسي نواب عليءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪري 04 ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ بونير پهچي قيدي مائٽن سان ملاقات ڪرڻ سبب وقت ۽ پيسي ٻنهي جو زيان ٿيندو آهي. جيڪڏهن قيدي مقامي جيل ۾ قيد هجن ته ساڻن اڌ ڪلاڪ واري سفر بعد ملاقات ڪرڻ تي وڌ ۾ وڌ 2 سو روپيا ئي خرچ ايندو.

قيدين جي مائٽن جيان ئي ضلعي پوليس جي اهلڪارن لاءِ به قيدين کي حاضرين تي آڻڻ ۽ عدالت ۾ پيشيءَ تائين عارضي جيل ۾ رکڻ وارا بندوبست ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سوات ۾ جيل جي اڻهوند سبب ٻين ضلعن جي جيلن ۾ قيد هتان جي قيدين کي عدالتي ٻڌڻين خاطر هتي پهچائڻ ۽ واپس جيل پهچائڻ واري ذميواري پوري ڪرڻ خاطر پوليس ۽ عدالتي عملي کي اضافي خرچ به ڪرڻا پون ٿا.

سوات پوليس جي عملدارن جو چوڻ هو ته قيدين کي سوات جي ضلعي عدالت آڻڻ ۽ واپس جيل پڄائڻ خاطر پوليس کاتو هر مهيني لڳ ڀڳ 06 لک 50 هزار روپيا خرچ ڪري ٿو.

پوليس آفيسر محمد اعجاز خان ٻڌايو ته ”سومر کان خميس تائين پوليس کاتي جون 05 گاڏيون ڏهاڙي چار چڪر هڻي لوئر دِير ۽ بونير جي جيلن کان قيدين کي کڻي سوات اينديون آهن جڏهن ته جمعي ۽ ڇنڇر ڏهاڙي 10 گاڏيون جيلن جا چار چڪر هڻنديون آهن گاڏين جي اهڙي اچ وڃ تي ئي 06 لک 50 هزار جو خرچ اچي ٿو“. هن اهو پڻ چيو ته گذريل 12 سالن دوران سوات پوليس پاران قيدين کي آڻڻ ۽ نيڻ وارن اهڙن انتظامن تي لڳ ڀڳ هڪ ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

پوليس کي ٻين مشڪلاتن کان علاوه قيدين کي کڻي ايندڙ گاڏين تي حملن جو خطرو به رهندو آهي ۽ 2007 کان 2009 وارن وقتن ۾ جڏهن سوات واري علائقي ۾ طالبان جو اثر وڌي ويو هو، انهن وقتن ۾ ڏورانهين پنڌ تي واقع جيلن ۾ قيدين کي ڇڏي حفاظت سان سوات واپس اچڻ لاءِ تڙ تڪڙ وارو سفر ڪرڻو پوندو هو. هن پرڳڻي کي ويڙهاڪن کان آجو ڪرائڻ لاءِ سال 2009 ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ملين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.

اعجاز خان ڄاڻ ڏني ته قيدين کي آڻيندڙ پوليس جي قافلن مٿان ماضيءَ ۾ ڪيترائي دهشتگرد حملا ٿي چڪا آهن. پوليس جي قيدين وارين وينن مٿان ٻه ڀيرا ته آپگهاتي حملا به ڪيا ويا جن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.

اهڙا قيدي جن کي عمر قيد، موت جي سزا مليل آهي يا سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن کي لوئر دِير ۽ بونير جي ڀيٽ ۾ به گھڻي فاصلي تي واقع هريپور جي انتهائي سيڪيورٽيءَ واري جيل ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته هريپور سوات کان 332 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ هريپور پڄڻ خاطر 09 ڪلاڪن جو سفر ڪرڻو پوندو آهي.

ضلعي پوليس سوات جي هڪ آفيسر حضرت حسين نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته عدالتي ڪاررواين خاطر قيدين کي هريپور جي جيل کان سوات جي ضلعي عدالت تائين پهچائڻ لاءِ ڪيتري ئي قسم جون تياريون ۽ خرچ ڪرڻا پوندا آهن. هڪ قيديءَ کي آڻڻ ۽ واپس نيڻ لاءِ گاڏي استعمال ڪرڻ تي 20 هزار روپيا خرچ ڪرڻا پوندا آهن.

خيبرپختونخواه صوبي ۾ هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت قائم آهي. سوات سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر فضل حڪيم سوات جي مجوزه جيل جي اڏاوت ۾ تمام گهڻي دير ٿيڻ جو ذميوار صوبي جي اڳوڻي حڪومت کي قرار ڏنو آهي.
ياد رهي ته سال 2008 کان 2013 تائين صوبي ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي حڪومت هئي. عوامي نيشنل پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي شير شاهه خان نيوز لينز سان ڳالهه ٻولهه دوران ڄاڻ ڏني ته اي اين پيءَ جي حڪومت پاران سوات جي ڪَبل واري علائقي ۾ آخوند ڪِلي واري هنڌ تي جيل جي اڏاوت خاطر زمين الاٽ ڪئي هئي ڇو ته ڊٿل هنڌ تي نئون جيل اڏڻ کي محفوظ تصور نه پئي ڪيو ويو.

شيرشاهه خان جو چوڻ هو ته ”جديد سهولتن وارو جيل اڏڻ خاطر اي اين پي حڪومت پاران محفوظ علائقي ۾ زمين به ڏني وئي پر پي ٽي آءِ جي موجوده حڪومت انهيءَ رٿا کي رد ڪري ڇڏيو“.

سوات جيل جي هڪ عملدار سيد رحيم شاهه جو چوڻ هو ته جيل جي اڏاوت ۾ دير ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ”ارٿ ڪوئڪ ري ڪنسٽرڪشن اٿارٽيءَ (ايرا) پاران ڏنل آڇ مطابق صوبائي حڪومت پاران جيل جي ٻيهر اڏاوت تي ايندڙ ڪل خرچ جو 50 سيڪڙو حصو مهيا نه ڪيو ويو.

سوات جي علائقي سيدو شريف سان تعلق رکندڙ تعلقي ڪائونسلر خالد محمود جو چوڻ هو ته پراڻي جيل وارو علائقو نئين جيل جي اڏاوت لاءِ غير موزون آهي ڇاڪاڻ ته اهو رهائشي علائقي جي اندر آهي ۽ رازداريءَ توڙي سيڪيورٽيءَ جي اصولن مطابق نئون جيل رهائشي علائقن کان فاصلي تي اڏجڻ گھرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here