ڪوئيٽا (حزب الله خان وٽان) پاڪستان جي سرحدي صوبي بلوچستان جي حڪمران پارٽين جو چوڻ آهي ته، پاڪستان ۾ وڏي عرصي کان رولڙي ۾ پيل آدمشماريءَ جي راستي ۾ افغان پناهه گير رڪاوٽ بڻيل آهن.

پاڙيسري ملڪ افغانستان سان لاڳاپن ۾ موجود تلخي وڌي وڃڻ کانپوءِ پاڪستان پاران سمورن افغان پناهه گيرن کي واپس سندن ملڪ اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته، افغان پناهه گيرن جون وسنديون دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهون بڻيل آهن. افعان پناهه گيرن جي واپسيءَ جي صورت ۾ آباديءَ جي لاڙن تي ٻڌل بلوچستان جي سياسي پارٽين جي طاقت واري توازن جو تعين پڻ ٿي ويندو.

آئين مطابق پاڪستان ۾ هر 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻي هوندي آهي. پاڪستان جي آخري آدمشماري 1998 ۾ ڪرائي وئي هئي. ملڪ جي قيام کانپوءِ ٿيل آدمشمارين جي حساب سان ملڪ جي ڇهين آدمشماري، 17 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ، مارچ 2016 ۾ ڪرائڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو هيو پر آئيني اداري گڏيل مفان واري ڪائونسل (ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ-سي سي آءِ) پاران آدمشماري ڪرائڻ واري فيصلي کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل آئيني انداز سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اختيارن جي ورڇ بابت اختلافن کي نبيرڻ وارو ڪم ڪندي آهي.

سي سي آءِ پاران انهيءَ فيصلي جا سبب ڄاڻائيندي واضح ڪيو ويو ته امن امان جي صورتحال ۽ افغان پناهه گيرن جي موجودگيءَ سبب ملڪ اندر آباديءَ جي نسلي شرح بگڙيل آهي. اهي ٻئي اهڙا سبب آهن جن جي ڪري بلوچستان اندر لاقانونيت وڌي وئي آهي ۽ بلوچستان اهڙو صوبو آهي جتي افغان پناهه گير وڏي تعداد ۾ آباد ٿيل آهن.

پاڪستان ۾ آباد ٿيل افغان پناهه گيرن مان 85 سيڪڙو پختون قوميت سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته باقي 15 سيڪڙو افعانين ۾ ازبڪ، تاجڪ ۽ ٻين نسلي گروهن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن. آزاد ڪشمير، اسلام آباد، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڀيٽ ۾ افغان پناهه گير خيبرپختونخواه صوبي اندر تمام گھڻي تعداد ۾ آباد آهن.

جڏهن ته بلوچستان صوبي جي آباديءَ ۾ بلوچ ۽ پشتون ٻه مکيه نسلي گروهه آهن، انهن کان علاوه پنجابي، هزاره ۽ سنڌي قبيلن جا ماڻهو پڻ آباد آهن. صوبي جون پشتون سياسي پارٽيون، جيڪي افغان پناهه گيرن جي پاڪستان اندر قيام جون حامي آهن، ڇاڪاڻ ته پناهه گيرن سان انهن پارٽين جا نسلي توڙي رت جا رشتا قائم ٿيل آهن، اهي پارٽيون چاهين ٿيون ته آدمشماري ترت ڪرائي وڃي. انهن پارٽين طرفان آدمشماري ملتوي ڪرڻ بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي تنقيد پڻ ڪئي وئي.

ٻئي طرف بلوچ سياسي پارٽيون، جيڪي افغان پناهه گيرن کي ان نظر سان ڏسن ٿيون ته اهي صوبي ۾ پشتون قوميت جي آباديءَ ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن، اهي پارٽيون چاهين ٿيون ته آدمشماريءَ کان اڳ افغان پناهه گيرن جي واپسي ضرور مڪمل ٿيڻ گھرجي.

بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پيء) جو مرڪزي نائب صدر ملڪ ولي ڪاڪڙ، جيڪو صوبي ۾ افغان پناهه گيرن جي موجودگيءَ جو سخت مخالف آهي، ان جو چوڻ آهي ته سندس پارٽي آدمشماري منعقد ڪرائڻ جي حق ۾ هئي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت کان پنهنجي عوام جا حق وٺڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي، پر هن وقت به پاڪستان ۾ 35 لک افغان پناهه گير موجود آهن، جن جو اڌ بلوچستان صوبي ۾ موجود آهي، صوبي جا وسيلا اڳ ۾ ئي محدود آهن ۽ انهن جي ڪري وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. افغان پناهه گير اسانجي معيشت مٿان هڪ بار آهن.

هن وڌيڪ چيو ته حقيقت اها آهي ته پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي جي حساب سان اسان جا پنهنجا وسيلا محدود آهن. آدمشماري ڪرائڻ کا اڳ حڪومت کي گھرجي ته افغان پناهه گيرن جي معاملي بابت صوبي اندر هڪ ريفرينڊم ڪرائي، جيڪڏهن عوام اجازت ڏئي ٿو ته آدمشماريءَ دوران افغانين جي ڳڻپ به ڪئي وڃي ته کين ڪو به اعتراض نه ٿيندو.

ملڪ ولي ڪاڪڙ واضح ڪيو ته سندس پارٽي سمورن غيرملڪين جي مخالفت ڪري ٿي. انهن غيرملڪين جو تعلق ڀلي ته ڪهڙي به نسل سان ڇو نه هجي، اهي بلوچ هجن يا پشتون يا ڪي ٻيا، انهن جي موجودگيءَ ۾ هو ڪا به آدمشماري قبول نه ڪندا. ملڪ ولي ڪاڪڙ ٻڌايو ته، افغان پناهه گيرن جو هڪ وڏو انگ هاڻي پناهه گير ڪئمپن کان ٻاهر زندگي گذاري ٿو انهن شهريت جا جعلي دستاويز تيار ڪرائي ورتا آهن ته جيئن گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت اداري (يو اين ايڇ سي آر) ۽ حڪومت وٽ رجسٽر ٿيڻ کان بچي وڃن.

نسلي تضادن ۾ ورهايل پاڪستان اندر آدمشماري سدائين هڪ تڪراري معاملو رهيو آهي. جيئن ته، بلوچستان اندر پشتون نسل جي آباديءَ ۾ افغانين جي ڪري پيدا ٿيل اڀار متعلق تڪرار ڪافي وقت کان هلندڙ آهي، اهڙي صورتحال ۾ بلوچ علائقن اندر آدمشماري ڪندڙ عملي لاءِ عدم تحفظ واري صورتحال هجڻ سبب انهن جو هر هڪ ماڻهوءَ تائين پهچڻ مشڪل ٿي پوي ٿو، جنهن ڪري بلوچن جي سموري آباديءَ جي ڳڻپ وارو عمل متاثر ٿي سگھي ٿو. پنهنجي حصي وارن معاملن متعلق پشتون قومپرست پارٽين جو چوڻ آهي ته، ماضيءَ ۾ ٿيل آدمشماريءَ تحت سندن قوميت جي ماڻهن جو تعداد پهريان ئي واضح ٿيل آهي، اها آدمشماري صوبي جي ان حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ ٿي جيڪا بلوچ سياسي پارٽين تي ٻڌل هئي.

پشتونخواه ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ايم اي پي) جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي ميمبر ڪبير افغان جو چوڻ هو ته، پاڪستان جي آئين مطابق هر اهو فرد جنهن وٽ قومي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل آهي ان جو حق آهي ته آدمشماريءَ وقت سندس ڳڻپ ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته 1971 کان پهريان صوبي ۾ پشتونن ۽ بلوچن جي آبادي هڪجيتري هئي. پر هن سال دوران بلوچ قيادت واري حڪومت جي انتظام هيٺ جيڪا آدمشماري ڪرائي وئي، ان ۾ پشتونن جي آبادي گھٽجي اقليت ۾ اچي چڪي آهي. آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب ڪجهه خاص ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ آباديءَ ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي ۽ انهن ۾ بلوچن جو تعداد وڌي ويو آهي.

ڪبير افغان دعويٰ ڪندي چيو ته صوبي ۾ پشتونن جي آبادي بلوچن کان وڌيڪ آهي. اها حقيقت ان وقت پڌري پٽِ نظر اچي ويندي جڏهن صاف ۽ شفاف انداز سان آدمشماري ڪرائي ويندي. پشتون اڪثريتي آباديءَ طور سامهون اچي ويندا. موجوده صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آهي ڇاڪاڻ ته بلوچ قومپرست صاف شفاف آدمشماريءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو پشتونن کي اقليت ۾ ڏيکاري پنهنجي جعلي اڪثريت ثابت ڪري ان جو تحفظ ڪندا رهن.

حڪومتي اتحاد ۾ شامل نيشنل پارٽي (اين پي) جي صوبائي جنرل سيڪريٽري عبدالخالق بلوچ جو چوڻ هو ته صوبي ۾ افغان پناهه گيرن جي موجودگي ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ آدمشماريءَ جو عمل قبول ڪرڻ جوڳو نه ٿي سگھندو. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي هن اهو پڻ چيو ته اهڙين حالتن ۾ آدمشماري ڪرائڻ بلوچ قوم خلاف سازش ڪرڻ جي برابر هوندو، ڇو ته اهڙي آدمشماريءَ جي نتيجي ۾ بلوچ پنهنجي اباڻي وطن اندر ئي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

عبدالخالق چيو ته صوبي اندر ويڙهه جهڙي صورتحال هجڻ جي ڪري مڪران ڊويزن جا 40 سيڪڙو ماڻهو پنهنجا اباڻا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. صوبي جي ٻين حصن جن ۾ آواران، ڪوهلو ۽ ڊيرا بگٽيءَ شامل آهن، ۾ به ساڳئي قسم جي صورتحال موجود آهي. جيڪڏهن آدمشماري لڏپلاڻ ڪري ويل اهڙن ماڻهن جي ڳڻپ کانسواءِ ڪرائي ويندي ته پوءِ يقيني طور تي بلوچن جي آبادي گھٽجي ويندي.

پنهنجي موقف جي حمايت ۾ هن اهو پڻ چيو ته لکين افغاني بلوچستان ۾ موجود آهن. صوبي جي عام زندگيءَ جي هر شعبي مٿان انهن جي موجودگيءَ سبب گھڻا منفي اثر پئجي چڪا آهن پر پشتون قومپرستن هميشه سندن حمايت ۽ مدد ڪئي آهي ته جيئن پنهنجي آباديءَ جي انگن اکرن ۾ اضافو ڪرائي سگھن ۽ ووٽ بينڪ کي وڌائي سگھن. اسانجو مطالبو آهي ته افغانستان مان آيلن کي جيترو جلد ممڪن ٿي سگھي واپس سندن ڏيهه اماڻيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

پناهه گيرن متعلق گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر مطابق، بلوچستان ۾ 3 لک 20 هزار افغان پناهه گير آباد آهن. جڏهن ته يو اين ايڇ سي آر جي مدد سان سال 2002 کان 7 لک پناهه گيرن کي بلوچستان صوبي مان واپس سندن ملڪ روانو ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here