ڪابل: طالبان ويڙهاڪن کي للڪاريندڙ عورت جي ڪهاڻي

0
2384

ڪابل (رحمت محسود وٽان) افغانستان جي ڏاکڻئي صوبي هلمند جي طالبان اثر هيٺ رهندڙ ضلع مرجاه جي پس گردائيءَ ۾ قائم سستاني شهر جي ڪمانڊر فيروزه عرف حاجياڻي ڪافي وقت کان طالبان خلاف وڙهي رهي آهي. علائقي جا ماڻهو کيس عزت سان حاجياڻي ڪوٺيندا آهن ۽ ٻين افعانين وانگر هوءَ به هڪ نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.

واضح رهي ته کيس سندس عمر جي خبر ناهي پر ٻڌائي ته هوءَ اٽڪل 55 سالن جي آهي، هتي جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي پنهنجي عمر ياد نه رکندا آهن. فيروزه وچولي قد جي آهي ۽ اڪثر ڪاري شال اوڍيندي آهي. وڏين اکين ۽ ٿلهي آواز واري فيروزه ڪلهي تي رائيفل رکي مرد ساٿين جي اڳيان هلندي ڏسي سگهجي ٿي.

هن نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته طالبان پاران اسڪولن، گهرن، صحت مرڪزن کي ساڙڻ، حملن، ڀته خوري ۽ ماڻهن کان پئسه۽ کاڌو ڦرڻ جهڙن واقعن کيس طالبان خلاف اٿڻ تي مجبور ڪيو، ان ڪري ئي هوءَ افغان لوڪل پوليس (اي ايل پي) ۾ ڀرتي ٿي.

Friroza AKA Hajani shares light moments with local police officers as her grandson is seen with her in Halmand, Afghanistan : Photo By News Lens Pakistan/
Friroza AKA Hajani shares light moments with local police officers as her grandson is seen with her in Halmand, Afghanistan : Photo By News Lens Pakistan/

هوءَ شروع ۾ پنهنجي مڙس آواز محمد خان، جنهن سان رابطو نه ٿي سگهيو، جي حڪم هيٺ ڪم ڪندي هئي، پر ان ۾ فيصلي جي قوت نه هجڻ سبب فيروزه کي ڪمانڊر بنايو ويو. ياد رهي ته فيروزه جا اي ايل پي ۾ نوڪري ڪندڙ ٻه پٽ 2012 ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويا هئا. فيروزه جو چوڻ هو ته هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ پنهنجي علائقي ۽ صوبي کي بچائڻ لاءِ ويڙهاڪن خلاف جنگ وڙهندي رهندي ۽ پنهنجن پٽن جو عظيم مقصد جاري رکندي.

هن ٻڌايو ته سندس 25 ماڻهو ويڙهاڪن هٿان مارجي چڪا آهن ۽ هن گذريل چئن سالن کان افغان پوليس ۾ ڪم ڪندي ڪو به معاوضو ۽ فائدا ناهن ورتا. سندس ڪمانڊ هيٺ ڪيترائي ويڙهاڪ ڪم ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته افغانستان، عورتن جي حوالي سان خطرناڪ ملڪ سمجهيو ويندو آهي پر ان باوجود افغان نيشنل پوليس ۾ 1531 عورتون ڪم ڪري رهيون آهن. ياد رهي ته افغان لوڪل پوليس جو ادارو 2010 ۾ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو ڳوٺ تي ٻڌل هجي ٿو ۽ ان جو مکيه ڪم بچاءُ آهي.

هن ٻڌايو ته کين شرپسندن سان وڙهڻ لاءِ هٿيار، گاڏيون ۽ ٻي مدد جي سخت ضرورت آهي. منهنجا ڀائٽيا، ڀاڻيجيون ۽ ساليون هن هٿيار بند جٿي ۾ شامل آهن، جڏهن ته مون پنهنجي 12 سالن جي پوٽي کي پڻ هٿياربند ويڙهه سيکاري آهي.

هن سوال ڪيو ته جڏهن طالبان، مردن کي پڙهڻ نٿا ڏين ته عورتون ڪٿان تعليم حاصل ڪن پر فيروزه، عورتن کي صلاح ڏني ته کين تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. افغانستان جي فري لانس صحافي پائنده حڪمت، نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته حاجياڻي جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ ان جو ڪو ثاني ناهي ۽ هوءَ افغانستان جي ويڙهه ۾ زبردست ڪردار نڀائي رهي آهي.

وزارت داخله سان واڳيل هڪ عملدار، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته عورتن کي سيڪيورٽي فورسز ۾ حراس ڪرڻ جو ڪو به واقعو داخل ٿيل ناهي.

فيروزه موجب ته سندس خابرو طالبان ۾ ۽ طالبان جا جاسوس سندس ڳوٺ ۾ آهن، ان ڪري جڏهن به ڪو حملو ٿيڻ وارو هوندو آهي ته اسانجا ماڻهو اطلاع ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ اسان مورچه بند ٿي انهن جو مقابلو ڪندا آهيون. هوءَ ڪيترائي ڀيرا طالبان سان مهاڏو اٽڪائي چڪي آهي ۽ هو کيس ڀليءَ ڀت سڃاڻن ٿا ۽ کيس ڌمڪين وارا پيغام به موڪليندا رهندا آهن.

هن ٻڌايو ته جيڪڏهن هو طالبان کي هٿ اچي وڃي ته اهي کيس ساڙي ڇڏيندا. هن چيو ته وٽس صرف ٻه رستا آهن، هڪ اهو ته هوءَ طالبان سان وڙهندي جان ڏئي ڇڏي يا پنهنجي ماڻهن کي امن موٽائي ڏئي. حاجياڻي ٻڌايو ته وٽس حڪومت پاران ڪابه مدد ميسر ناهي ڇاڪاڻ ته اها خود مشڪل ۾ آهي. منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو مون مان خوش آهن، ڇاڪاڻ ته اسان راتيون جاڳي کين تحفظ فراهم ڪريون ٿا ۽ اها ويڙهه منهنجو آخري پوٽو به جاري رکندو.

فيروزه چيو ته هاڻي اطلاع آهن ته طالبان جي جاءِ دائش (آئي ايس آئي ايس) والاري رهي آهي پر هن نه طالبان کي قبول ڪيو ۽ نه ئي دائش کي مڃندي، ڇو ته اهي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ انهن خلاف به ويڙهه جاري رهندي.

هن نيٽو، ايساف فوج جي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته توڙي جو هوءَ انهن سان گڏجي نه وڙهي پر خطي ۾ سندن موجودگيءَ سان تحفظ جو احساس ٿيندو هو. ٻاهرين فوج افغان فورسز کي سٺي تربيت ڏني ۽ هو انهن سان گڏجي طالبان خلاف وڙهي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا انهن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو.

هن چيو ته افغان حڪومت اسانکي هٿيار مهيا ڪري ته جيئن اسان طالبان کي پنهنجي ڳوٺ کان پري رکي سگهون. فيروزه، افغانستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندس ٻن پٽن کي آزاد ڪيو وڃي، جن تي الزام آهي ته انهن پنهنجي ڀيڻويي کي قتل ڪيو هو، پر فيروزه ان الزام کي رد ڪيو، جڏهن ته اڃان تائين سندس پٽن کي ڪنهن به عدالت سزا ناهي ٻڌائي.

هوڏانهن صحافي پائنده حڪمت جو چوڻ هو ته فيروزه جهڙا ماڻهو افغانين لاءِ همت ۽ جذبو پيدا ڪندڙ آهن، ان ڪري حڪومت اهڙن ماڻهن جي مدد ڪري ته جيئن اهي پنهنجن علائقن ۾ امن قائم ڪري سگهن.

ياد رهي ته سمال وار جرنل ۽ انسٽيٽيوٽ فار دي اسٽڊي آف وار جي رپورٽ موجب 2010 ۾ آمريڪي فورسز جي اڳواڻيءَ ۾ 15000 هزار فورس ”مشترڪ“ آپريشن تحت مرجاه ضلعي تي قبضو ڪري اتي اي ايل پي قائم ڪئي هئي. سستاني شهر جي آبادي 50 هزار کان 80 هزار جي وچ ۾ آهي.

افغانستان جي وزير داخله نورالحق علومي هلمنڊ صوبي ۾ اچي فيروزه کي سندس بهادريءَ تي سونو ٻلو ڏنو پر لاڳيتين ڪوششن باوجود وزارت جي ترجمان سان رابطو ٿي نه سگهيو.

ٻئي طرف 38 سالن جو فدا محمد، جيڪو فيروزه جو اسسٽنٽ آهي، تنهنجو چوڻ هو ته سندس باس هنن لاءِ همت ۽ اتساه جو ذريعو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here