اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) چئني طرفن کان خشڪيءَ ۾ گھِريل افغانستان، واپار خاطر ايران جو نئون سامونڊي رستو کولڻ سبب پاڪستان وسيلي واپار جي اهميت گھٽجڻ واري حقيقت کي محسوس ڪندي پنهنجي هِن پاڙيسري ملڪ سان نوان معاهدا ڪرڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو آهي.
واپار واري وزارت سان لاڳاپيل هڪ سينئر عملدار، جيئن ته هو ميڊيا کي موقف ڏيڻ بابت بااختيار نه آهي ان ڪري پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ٻڌايو ته ”ايران معرفت واپار ڪرڻ جو نئون رستو مڪمل ٿيڻ جي بلڪل ويجهو پهچي چڪو آهي ان ڪري افغانستان جي اختيارين پاران هاڻي پاڪستان سان ڪو به نئون واپاري ٺاهه ڪرڻ لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه پئي ڪئي وڃي“.
جڏهن ته اسلام آباد ۾ واقع افغان سفارتخاني جي عملدارن ۽ واپار واري اتاشيءَ پاران انهيءَ معاملي تي موقف ڏيڻ بابت نيوز لينز پاڪستان جي خواهش کي رد ڪندي ڪو به موقف ناهي ڏنو ويو. ميڊيا تي آيل خبرن موجب، افغاني عملدار ڪيتري وقت کان اها شڪايت ڪندا رهيا آهن ته، پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ واقع پورٽ قاسم تي مقرر عملدار افغانستان لاءِ اماڻجندڙ سامان ۽ مال جي کيپن کي رواني ڪرڻ ۾ اجائي دير ڪرڻ وارا حربا استعمال ڪندا رهندا آهن.
افغانستان جي هڪ واپاري سميع جان نيوز لينز پاڪستان کي آگاهي ڏني آهي ته ”پاڪستاني اختيارين پاران سامان جي روانگيءَ ۾ ڪئي ويندڙ اجائي دير جي ڪري، افغان واپارين پاران گھرايل عام مشروب ۽ روزاني استعمال واريون شيون ڪراچيءَ ۾ بندرگاهه تي خراب ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري واپارين کي تمام گھڻو مالي نقصان ٿيندو آهي“.
سميع جان وڌيڪ چيو ته ”ڪابل ۽ اسلام آباد وچ ۾ واپار وڌائڻ جا تمام گھڻا موقعا موجود آهن، پر ٽيڪس کان علاوه پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ پاڪ افغان بارڊر وٽان بغير رنڊ روڪ واري اسمگلنگ جي ڪري ٻه طرفي واپار ۾ واڌاري جا سمورا موقعا ضايع ٿي رهيا آهن“.
قاعداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي اسڪول آف اڪنامڪس ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائيندڙ ڊاڪٽر انور شاهه جو چوڻ آهي ته ”ٻه طرفي واپار وڌائڻ خاطر پاڪستان ۽ افغانستان کي گھرجي ته ڏيتي ليتيءَ تي ايندڙ لاڳت کي گھٽ ڪن. وڌندڙ واپار خاطر ڪابل ۽ اسلام آباد کي گھرجي ته ٽرانسپورٽرن کي مفت اچ وڃ جون سهولتون مهيا ڪن ۽ واپارين توڙي ڪاروباري ماڻهن لاءِ ويزا جي شرطن کي پڻ نرم رکڻ گھرجي“.
حاجي عديل نالي هڪ پاڪستاني واپاريءَ، جيڪو افغانستان ڏانهن سِبيل ڪپڙن اماڻڻ جو ڪاروبار ڪندو آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ”مسلسل جاري رهندڙ اسمگلنگ، ڳرن ٽيڪسن، امپورٽرن ۽ ايڪسپورٽرن لاءِ سهولتن جي اڻ هوند، ٻنهي ملڪن جي اختيارين پاران ويزا توڙي مال جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجائي دير ڪرڻ وارا حربا هلائڻ سبب واپار تي الاهي منفي اثر پئجي رهيا آهن“.
هن صلاح ڏيندي چيو ته ”ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي دليراڻا قدم کڻندي ڪسٽم جي طريقي ڪار کي آسان بنائڻ گھرجي، سامان جي اچ وڃ تي لڳل اضافي ٽيڪس ختم ڪرڻ گھرجن ۽ ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ادارن پاران واپارين کي ڊيڄارڻ وارو سلسلو پڻ بند ٿيڻ گھرجي“.
ٻئي طرف، پرڏيهي واپار بابت ايڊيشنل سيڪريٽري روبينه اطهر نيوز لينزپاڪستان سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ”سرڪاري سطح تي افغانستان پاران اسان کي اهڙي ڪا به ڄاڻ ناهي ڏني وئي آهي ته هو پاڪستان سان نوان واپاري معاهدا نه ٿا ڪرڻ چاهين“، جڏهن کانئس ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ واپار جي حُجَم بابت پڇا ڪئي وئي ته روبينه اطهر ٻڌايو ته ”اندازي موجب ڪابل ۽ اسلام آباد وچ ۾ ساليانو 2 ارب ڊالرن جو واپار ٿي رهيو آهي“.
ڊاڪٽر انور شاهه جو چوڻ آهي ته ”ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي سطح تي اعتماد جو فقدان واپار جي واڌ ويجهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ بغير ڪنهن رنڊ روڪ جي ٿيندڙ اسمگلنگ ته اڃان هڪ ٻيو مسئلو آهي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان ٻه طرفي واپار جي اچ وڃ کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي“.
گذريل سال اسلام آباد ۾ ٿيل پاڪ افغان جوائنٽ اڪنامڪ ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي خزاني واري وزير اسحاق ڊار چيو هيو ته ”پاڪستان ۽ افغانستان 2017 تائين 5 ارب ڊالرن جو واپاري حدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا“. پرڳڻي اندر، گذريل ڏهاڪو سالن کان جاري فساد واري صورتحال سبب اسلام آباد ۽ ڪابل وچ ۾ لاڳاپا غيرمتوازن رهندا آيا آهن.
ڪجهه هفتا اڳ، جنگي حالتن ۾ ڪم ڪندڙ افعان صدر اشرف غنيءَ افغان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته هو اها اميد به وڃائي ويٺو آهي ته ڪو پاڪستان، افغاني طالبان کي ڳالهين جي ميز تي وٺي اچڻ ۾ مدد ڪندو“. هن اهو چتاءُ پڻ ڏنو هو ته، هو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جو دروازو کڙڪائيندي مطالبو ڪندو ته پاڪستان مٿان تخريبڪارن جون پناهه گاهون ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي. اهو اهڙو الزام آهي جنهن جي پاڪستان هميشه ترديد ڪندو رهندو آهي.
اهي دستاويز جيڪي نيوز لينز پاڪستان پاران هٿ ڪيا ويا آهن، انهن مان معلوم ٿيو آهي ته، اسلام آباد ۽ ڪابل پاران ٻه طرفي واپار واري معاهدي ”افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ (اي پي ٽي ٽي اي)“ تي 2010 ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون. ان معاهدي تحت، ٻئي ڌريون واپاري مال جي ٻنهي ملڪن جي سرحدن اندر اچ وڃ تي متفق ٿيون هيون.
ٻئي ڌريون ان ڳالهه تي به رضامند ٿيون هيون ته، پنهنجي پنهنجي سرحدن اندر واپاري سامان ۽ گاڏين جي اچ وڃ ۾ غيرضروري دير واري صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني ويندي.
افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ (اي پي ٽي ٽي اي) تحت افغاني شين کي واپار لاءِ ڀارت ۽ چين جي پرڏيهي مارڪيٽن ڏانهن رواني ڪرڻ جي سهولت پڻ حاصل ٿئي ٿي. ان کان علاوه، اي پي ٽي ٽي اي تحت ٻين ملڪن ڏانهن افغاني شين جي واپار ۽ سرحدي علائقن ۾ واپاري مال جي اڪلاء ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پڻ مدد ملي ٿي. انهيءَ معاهدي تحت پاڪستان کي به ايران ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿئي ٿي.
واپار واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته، واپاري مال ۽ ڳرين گاڏين جي اچ وڃ خاطر افغانستان جو ايران سان جڙندڙ رستو جلد کلڻ وارو آهي، جيڪو افغاني سوداگرن ۽ واپاري برادريءَ کي ايران جي چاهه بهار نالي بندرگاهه وسيلي ڪاروبار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندو.
واپار واري وزارت جي عملدار، پراڻيون ڳالهيون ياد ڪندي ٻڌايو ته معاهدو ٿيڻ وقت افغانستان پاران زور ڏنو ويو هيو ته اي پي ٽي ٽي اي ۾ انڊيا کي شامل ڪيو وڃي پر پاڪستان پاران ڪابل جي اها درخواست رد ڪئي وئي هئي.
واپار واري وزارت جي عملدار جو چوڻ هو ته، ”انهيءَ ڏينهن کان وٺي افغانستان توڙي ڀارت پاران چاهه بهار واري بندرگاهه کي فعال ڪرائڻ لاءِ تمام گھڻا قدم کنيا ويا آهن. اهي سموريون ڪوششون ان ڪري ڪيون ويون ڇو ته اسلام آباد پاران نئين دهليءَ کي اي پي ٽي ٽي اي ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. موجوده سال جي اپريل مهيني جي پهرين اڌ دوران افغانستان، ايران ۽ ڀارت پاران ايران جي چاهه بهار بندرگاهه وٽان واپاري سهولتن واري رستي کي قانوني شڪل ڏيڻ بابت اڻ اعلانيل بنيادن تحت ڪامياب ڳالهين جو دور مڪمل ڪيو ويو آهي.
خشڪيءَ ۾ وڪوڙيل هجڻ واري ملڪ طور مشهور افغانستان کي سامونڊي پاڻيءَ تائين ڪا به سڌي پهچ حاصل نه آهي. دنيا سان واپار ڪرڻ خاطر ڪابل وٽ ڪراچيءَ جي بندرگاهه کان علاوه ٻيو ڪو به متبادل موجود نه هيو“. واپار واري وزارت جي عملدار وڌيڪ چيو ته ”ان قسم جي صورتحال افغانستان کي مجبور ڪيو ته ڀارت کي ساڻ ڪري هو ايران جي چاهه بهار بندرگاهه وسيلي سرگرمين وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جيڪو ڪراچيءَ جي پورٽ قاسم جي ڀيٽ ۾ بهترين متبادل آهي“.
ميڊيا پاران هلندڙ سال جي فيبروري مهيني دوران اهي خبرون ڏنيون ويون ته ڀارت پاران ايران جي چاهه بهار بندرگاهه جي ترقيءَ خاطر 150 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڊگھي مدي وارن مقصدن لاءِ ڪتب اچي سگھندڙ چاهه بهار بندرگاهه، ايران جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع سامونڊي ڪناري تي اڏيو پيو وڃي، جيڪو نئين دهليءَ کي افغانستان تائين زميني رستو فراهم ڪندو.
ڪابل مان دنيا جي مختلف ميڊيائي ادارن لاءِ ڪم ڪندڙ افعان صحافي حڪمت صفيءَ جو چوڻ هو ته ”افغان حڪومت پاران ڀارت سان واپاري رابطا مستحڪم ڪرڻ جي ارادي هيٺ چاهه بهار بندرگاهه جي تڪڙي اڏاوت خاطر ڪوششون انتهائي تيز ڪيون ويون آهن ته جيئن واپاري مقصدن خاطر پاڪستان تي گھٽ کان گھٽ ڀاڙيووڃي“.
حڪمت صفيءَ جو چوڻ آهي ته، چاهه بهار بندرگاهه، هڪ اهڙو متبادل آهي جنهن وسيلي واپار سميت ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ اسلام آباد جو ڪابل مٿان قائم اثر ۽ رسوخ گھٽجي ويندو. 2016 ۾ ڪراچيءَ وسيلي افغانستان ڏانهن واپاري مال جي آمد ۾ رڪارڊ حد تائين 35 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي. ٻئي ملڪ، افغانستان ۽ ڀارت جيڪڏهن واپار بابت ضابطا طئي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ته ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري حجم ٽيڻ يا ايئن چئجي ته اڃان به چئوڻ تي وڌي ويندو“.
حڪمت صفيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، واپاري مقصدن خاطر ڀارت پاران اڳ ۾ ئي اهڙو واپاري رستو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻاهران گذري ٿو. اهو رستو ايراني شهرن سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ته چاهه بهار-مِلاڪ ۽ زرنج-دِلارام روڊ ايران جي شهرن کي افغانستان سان ڳنڍي ڇڏيندا ۽ انهن تي ڪم هلندڙ آهي.
عشرت حسين ۽ محمد اطهر الاهيءَ جي گذريل سال شايع ٿيل مضمونن ۾ صورتحال بيان ڪئي وئي آهي ته ”اسلام آباد ڪابل جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، جڏهن ته ڪابل اسلام آباد جي ايڪسپورٽ وارين شين لاءِ ٻئين نمبر تي سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي. افغانستان مان نيٽو فوجن جي واپسيءَ وارو عمل مڪمل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي معيشت، خاص ڪري ٽرانسپورٽ واري شعبي مٿان ان جا ناڪاري اثر پوندا“.
حڪمت صفيءَ هڪ ٻئي رخ تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ”ڪراچيءَ واري بندرگاهه جي ڀيٽ ۾ چاهه بهار بندرگاهه جي افغانستان سان ويجهڙائي ڪابل لاءِ هڪ ٻيو مثبت پهلو آهي. حڪمت صفيءَ پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪندي چيو ته ”خوشحال مستقبل خاطر پاڪستان ۽ افغانستان کي پنهنجا پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ گھرجن ڇو ته سادي ڳالهه اها آهي ته ڪير به پنهنجا پاڙيسري تبديل ناهي ڪري سگھندو“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here