بنون (احسان داوڙ وٽان) 13 سالن جي ايمن اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي مقامي اسڪول ۾ پنجين درجي جي شاگردياڻي آهي. فوج پاران 15 جون 2014 کان ويڙهاڪن خلاف جيڪو ظرب عضب آپريشن شروع ڪيو ويو، اهو تازو ئي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي ۽ اتر وزيرستان جي سموري قبائلي علائقي جي هڪ اسڪول ۾ تعليمي عمل بحال ٿي سگھيو آهي. ٻه سال اڳ فوجي آپريشن جي شروعات سبب ايمن کي پنهنجي گھرڀاتين سميت اتان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ته ان وقت به هوءَ ساڳئي ڪلاس جي شاگردياڻي هئي. ڪجهه ڏينهن پهريان پنهنجي اصل ماڳ موٽڻ بعد، هن کي پنهنجي پڙهائي انهيءَ ڪلاس کان ئي شروع ڪرڻي پئي آهي، جنهن ۾ هن جي تعليم اڌ ۾ رهجي وئي.

تعليم کاتي سان لاڳاپيل مقامي عملدارن ٻڌايو آهي ته، فوجي آپريشن سبب اتر وزيرستان جون لڳ ڀڳ 33 هزار نياڻيون تعليم کان محروم ٿيون. اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ هڪ قبائلي فرهاد عليءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جڏهن هو پنهنجي اباڻن گھرن ۾ رهندڙ هئا تڏهن ئي پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ سندن لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم هيو، هاڻي ته هو بي گھر ٿيل آهن ۽ جيئن ته کين ”متاثرين“ قرار ڏئي اجنبي هنڌن تي رهايو ويو آهي اهڙي صورتحال ۾ نياڻين کي اسڪول اماڻڻ ممڪن نه ٿو ٿي سگھي.

ويڙهه واري صورتحال سبب ملڪ اندر بي گھر ٿيل ماڻهن لاءِ جيڪو اصطلاح ”متاثرين“ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان کي توهين آميز تصور ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته ان اصطلاح تحت بي گھر ٿيل ماڻهن کي ٻئي نمبر وارن شهرين جو رتبو ڏنو وڃي ٿو.

ايمن جي پيءُ نور حسن، جيڪو سعودي عرب ۾ ڊرائيور طور ملازمت ڪندو آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سندس ڌيءُ پنهنجي ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن کڻندي هئي ۽ کيس يقين هو ته هوءَ انهيءَ انداز سان ئي پنهنجي تعليم مڪمل ڪندي پر هاڻي ته هن جا ٻه قيمتي سال ضايع ٿي ويا آهن. پرڏيهه وڃڻ بعد ته کيس تعليم جي ضروري هجڻ جو اڃان به وڌيڪ احساس ٿيو آهي.

اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ ٻين ڪيترن ئي قبائلين جيان، نور حسن به نار وارن عرب ملڪن ۾ پنهنجي لاءِ ملازمت ڳولي ورتي، جتي عام طور تي مرداڻي مزاج واريون نوڪريون جنهن ۾ ڏهاڙي مزدوري ۽ ڊرائيونگ شامل آهن، آسانيءَ سان ملي وينديون آهن.

ايمن، قبائلي علائقن جي انهن هزارين شاگردياڻين مان هڪ آهي، جن کي فورسز پاران دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ سبب بي گهر ٿيڻ جي ڪري تعليم پرائڻ واري عمل کي مجبوريءَ تحت الوداع ڪرڻو پيو. فورسز پاران جن دهشتگردن خلاف ڪارراوئي عمل ۾ آندي وئي اهي نياڻين کي تعليم ڏيڻ جا سخت مخالف هئا جيڪي ڪاوڙ ۾ اچڻ بعد ڇوڪرين جي اسڪولن کي خاص ڪري بمن سان اڏائي ڇڏيندا هئا.

قبائلي علائقن ۾ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل ترقياتي منصوبن جي نگراني ڪرڻ واري اداري ”فاٽا سيڪريٽريٽ“ پاران قبائلي علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم متعلق جيڪو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ان مطابق انهن علائقن ۾ صرف 3 سيڪڙو ڇوڪريون تعليم پرائين ٿيون. جڏهن ته خيبرپختونخواه صوبي جي تعليم واري کاتي جو ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (اِي ايم آءِ ايس) ته ان کان به گھٽ 1.74 جي شرح جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.

خيبرپختونخواه صوبي جي اِي ايم آءِ ايس پاران فاٽا بابت 2014-15 واري رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي ته 2014 دوران 4 کان 9 سالن جي ڄمار واريون 25 هزار 980 نينگريون اتر وزيرستان جي پرائمري اسڪولن ۾ داخل ٿيل هيون، جڏهن ته پرڳڻي جون 10 کان 14 سالن جي ڄمار واريون 1 هزار 187 ڇوڪريون سيڪنڊري سطح جي تعليم ڏيندڙ اسڪولن ۾ داخل ٿيل آهن. ڇوڪرين لاءِ مخصوص مسجد ۽ ڪميونٽي اسڪولن سميت اتر وزيرستان ۾ ڪل 381 تعليمي ادارا نياڻين کي تعليم جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ موجود آهن.

مسجد اسڪول، مسجد سان لڳو لڳ پيش امام جي حجري ۾ قائم ڪيا ويا آهن، جن جو نگهبان مسجد جو پيش امام ئي هوندو آهي، جيڪو عام طور تي مذهب جي پرچار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل هوندو آهي. اهي اسڪول فاٽا ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن پاران قائم ڪيا ويا آهن ۽ اهو ادارو ئي انهن جي نگراني پڻ ڪندو آهي.
اتر وزيرستان ايجنسيءَ ۾ مڊل اسڪولن جو انگ 34 آهي جتي 664 ڇوڪريون تعليم پرائين ٿيون. جڏهن ته صرف 9 هاءِ اسڪول آهن جن ۾ سڄي قبائلي علائقي جي 677 ڇوڪرين جي داخلا ٿيل آهي.

اِي ايم آءِ ايس نظام سان لاڳاپيل هڪ عملدار پاران، جيئن ته هن کي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار ڏنل نه آهي ان ڪري پنهنجو نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي، نشاندهي ڪئي ته اتر وزيرستان ۾ تعليم پرائڻ وارين ڇوڪرين جي شرح 0.15 سيڪڙو ۽ ڇوڪرن جي 17 سيڪڙو کان وڌيڪ نه آهي.

اِي ايم آءِ ايس تحت 2015 جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ ڪرايل هڪ سروي مان معلوم ٿيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن سبب لڳ ڀڳ 2 لک شاگرد متاثر ٿيا آهن، جن ۾ هاءِ اسڪول کان ڪاليج سطح جا 25 هزار ۽ هڪ لک 75 هزار مڊل اسڪول سطح جا شاگرد شامل آهن.

اتر وزيرستان جي هڪ بي گھر ٿيل شخص رُوحل الاسلام، جيڪو هاڻي بنونءَ جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ آهي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو هيو ته بي گھر خاندانن کي جتي جتي پناهه ملندي ان حساب سان اهڙن خاندانن جي شاگردن کي بنون، پشاور ۽ ٻين ضلعن جي اسڪولن ۾ تعليم پرائڻ جي سهولت ڏني ويندي، پر جيڏي مهل نياڻين جي تعليم جي ڳالهه اچي ٿي ته انهن لاءِ حڪومت پاران ڪو به انتظام نه ڪيو ويو.

رُوحل الاسلام وڌيڪ چيو ته قبائلي ماحول واري مخالفت ۽ دهشتگردن پاران نياڻين کي گھر کان ٻاهر نه ڪڍڻ وارين ڌمڪين باوجود اباڻن علائقن ۾هو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريندا هئا، پر هاڻي جڏهن هو ڌارين واري حيثيت ۾ اجنبي ماڳن تي رهيل آهن ته هو ڪهڙيءَ ريت پنهنجي نياڻين کي اسڪولن ڏانهن اماڻين ڇو ته کين ايتري به خبر نه آهي ته هتان جي اسڪولن اندر ڪهڙي قسم جو ماحول آهي اتي سندن نياڻيون محفوظ هونديون به الائي نه. ڇو ته هتي کين پنهنجي جان ۽ جياپي جي تحفظ جو گھڻو اونو رهي ٿو.
والدين پرڳڻي اندر ڇوڪرين جي تعليم بابت نازڪ ۽ پوئتي پيل ماحول جي سلسلي ۾ اهڙي صورتحال کي وڌيڪ خرابين پيدا ڪرڻ جو سبب قرار ڏين ٿا.

گذريل سالن دوران، اتروزيرستان ايجنسيءَ سميت سمورن قبائلي علائقن اندر ڇوڪرين جي تعليم کي، دهشتگردن پاران جاري ڪيل انهن پمفليٽن جن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي بندش وجهڻ جي ڳالهه ڪندي والدين کي چتاءُ ڏنو ويندو هيو ته جيڪڏهن هنن پنهنجي ڌيئرن ۽ پٽن کي اسڪولن ڏانهن تعليم وٺڻ خاطر اماڻيو ته پوءِ هو سخت نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن، مقامي سطح تي اهڙي ماحول سبب ڇوڪرين جي تعليم کي گھڻو ڌڪ رسيو آهي.

ان کان علاوه مقامي سطح تي تنگ نطريءَ تي ٻڌل جيڪي قبائلي رواج موجود آهن اهي پڻ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن ان هوندي به ڪيترائي والدين جرئت ڪندي پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا. اهڙا والدين، سڀني سان جهيڙو به جوٽي نه ٿا سگھن، خاص ڪري طاقتور ٿي ويل طالبان ۽ پرڳڻي اندر سندن ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو نه ٿا ڪري سگھن.

مڊل ۽ سيڪنڊري سطح جي اسڪولن جو اهڙي هنڌ موجود نه هجڻ جي، جتي ڇوڪريون تعليم پرائڻ لاءِ آسانيءَ سان اچي ۽ وڃي سگھن، ان جي ڪري به ڇوڪرين جي تعليم پرائڻ تي منفي اثر پون ٿا ڇو ته والدين، پنهنجين نياڻين کي بلوغت واري عمر ٿي وڃڻ بعد ڏورانهن علائقن ۾ واقع اسڪولن ڏانهن اماڻڻ کي سٺو نه ٿا سمجهن.

قبائلي اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن همايون خان داوڙ جو چوڻ هو ته قبائلي علائقن ۾ جيڪي به اسڪول کوليا ويا آهن انهن جو مقصد اهو ناهي ته ماڻهن کي تعليم ڏني وڃي. مقامي انتظاميا پاران اهي اسڪول بااثر ماڻهن کي سندن سهڪار جي موٽ ۾ تحفي طور مهيا ڪيا ويندا آهن. جڏهن اهڙا بااثر ماڻهو اسڪول جي اڏاوت لاءِ زمين ڏيندا آهن ته اڏاوت بعد اهي ئي ان عمارت تي مالڪي ظاهر ڪندا آهن جڏهن ته ان کي مقامي ماڻهن جي گڏيل ملڪيت هجڻ گھرجي.

همايون داوڙ نيوز لينز پاڪستان سان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته اهڙن اسڪولن کي اڪثر ڪري حُجري (اوطاق) طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي عجيب فيصلا ڪيا ويندا آهن ته ميرٽ جي لتاڙ ڪندي زمين مهيا ڪندڙ بااثر خاندان کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن خاندان جي عورتن کي انهيءَ اسڪول ۾ ماسترياڻيءَ طور نوڪري ڏني ويندي آهي جيڪي ان ملازمت لاءِ مقرر اهليت تي به پوريون ناهن لهنديون.

ڇوڪرين جي تعليم بابت ڊپٽي ڊائريڪٽر گل رخ جو چوڻ آهي ته تعليم کاتو اهڙيون ڪوششون ڪري رهيو آهي جن تحت بي گھريءَ سبب جن نياڻين جي تعليم نامڪمل رهجي وئي آهي انهن کي ٻيهر اسڪولن طرف وٺي اچجي. اتر وزيرستان ايجنسيءَ سميت فاٽا جي سمورن اسڪولن مان تعليم ڇڏي ڏيندڙ ڇوڪرين جي شرح متعلق اسان ڀليءَ ڀت واقف آهيون ۽ اها شرح 72 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي.
اهي مَلِڪ (قبائلي وڏيرا) جيڪي اسڪولن کي اوطاق يا مهمانن کي رهائڻ واري سهولت خاطر استعمال

ڪري رهيا آهن انهن سان هاڻي سختيءَ سان پيش اينداسين. اسان پاڻ ڏٺو آهي ته عورت استادن جي رهائش لاءِ جيڪي گھر اڏيا ويا آهن انهن تي پڻ مقامي بااثر ماڻهن پاران قبضا ڪيا ويا آهن.

گل رخ جو چوڻ هو ته اها عورت استاد جيڪا علائقي جي مقامي رهواسڻ نه آهي ان کي جيڪڏهن سندس تحفظ ۽ رهائش جي سهولت کان محروم ڪيو ويندو ته هن لاءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھندو ته اها تعليم ڏيڻ وارو عمل کي جاري رکي سگھي؟ ان ڪري اسان اهڙا قدم کڻون پيا جن سان عورت استادن کي به سهولت ميسر ٿي سگھي.

ڏکيائين سان ڀريل ڪيترين ئي سخت حقيقتن باوجود تمام گھڻا والدين هاڻي به پنهنجين نياڻين کي موذون تعليم ڏيارڻ خاطر اسڪول اماڻڻ چاهين ٿا.

عبدالله خان نالي هڪ شخص ٻن نياڻين جو پيءُ آهي، ڳچ وقت تائين بي گھر رهڻ کانپوءِ تازو ئي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻيهر آباد ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي نياڻين کي ٻيهر اسڪول اماڻڻ به شروع ڪيو آهي.

عبدالله خان جو چوڻ هو ته هن پنهنجي تجربن ۽ ڏکين حالتن مان سبق پرايو آهي ته تعليم تي صرف ۽ صرف مردن جو حق نه آهي. سندس ڌيئرن کي به جيڪڏهن زندگيءَ جي تبديلين جو بهتر انداز سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻو آهي ته پوءِ هنن لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته کين تعليم پرائڻ گھرجي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.