لاهور (دردانه نجم وٽان) مختلف مذهبي نظرين سان تعلق رکندڙ عالمن جو چوڻ آهي ته، عالمي گرمي پَد ۽ آبهوا ۾ تبديلين بابت شعور بيدار ڪندي مذهبي عالم عام ماڻهوءَ جي رويي ۾ واضح تبديلي آڻي سگھن ٿا، پر انهيءَ سلسلي ۾ هو پنهنجون مذهبي ۽ اخلاقي ذميواريون ادا نه پيا ڪن.
نيوز لينز پاڪستان پاران مختلف مذهبي گروپن جي نمائنده عالمن سان ڳالهه ٻولهه ڪري اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هو دنيا جي سڀ کان وڏي تشويش بڻجي ويل مسئلي ”آبهوا ۾ ايندڙ تبديلي“ بابت ڇو مناسب ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن.
رائيونڊ چرچ (عيسائين جي مذهبي عبادتگاهه) جي ڊايوسيس، ريورنڊ ايوليِن آر. ڀڄن جو چوڻ آهي ته ”اسانجي مقدس مذهبي ڪتاب بائيبل ۾ اهڙا بي شمار حوالا موجود آهن، جيڪي ان ڪتاب جي مڃيندڙن کي پابند ڪن ٿا ته اهي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪن. بائيبل جي پهرين باب ۾ اهو تصور ڏنل آهي ته خدا ڌرتي ۽ انسان پيدا ڪيا، جن کي نه صرف منفرد ۽ مراعتن واري حيثيت حاصل آهي پر کين ڌرتيءَ جي محافظ وارو ڪردار به سپرد ڪيو ويو آهي. خدا جي تخليق جي حفاظت ڪرڻ وارو درس کين اها اجازت نه ٿو ڏئي ته هو ڌرتيءَ جو معاشي مقصدن خاطر صرف استحصال ڪندا رهن“.
ايولين جو چوڻ آهي ته ”ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪرڻ بجاءِ، مڃيندڙن (بائيبل جا) کي پنهنجي گھر، ڌرتيءَ جي سارسنڀال ڪرڻ واري ذميواري کڻڻ جي سلسلي ۾ خدا جو ڀائيوار سڏيو ويو آهي.
ايولين وڌيڪ چيو ته، چرچ جي حدن اندر، پاڪستاني چرچ جا ذميوار هن معاملي کي وڏي پيماني تي کڻڻ ۾ نه صرف ناڪام ٿيا آهن ۽ ان سان گڏ ئي هن معاملي کي حل ڪرڻ خاطر ان کي عوامي سطح تي بحث هيٺ آڻڻ جي سلسلي ۾ به ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. توڙي جو مذهبي عالمن کي اهڙي اخلاقي حيثيت حاصل آهي، جنهن تحت اهي ماڻهن کي اهو احساس ڏياري سگھن ٿا ته ڪهڙيءَ ريت ماحوليات جا اثر سندن زندگين ۽ سرگرمين تي پئجي رهيا آهن.
هن اهو پڻ چيو ته ”مذهبي عالم هن معاملي ۾ اڻڄاڻائيءَ جو شڪار آهن، ان ڪري مثالي صورت ۾ اڳواڻي ڪرڻ کان اڳ، هن معاملي کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ کين پهريان ته تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڏک جي ڳالهه ته اها به آهي جو، روحانيت بابت صورتحال ڪافي ڇڪتاڻ واري آهي ۽ ڌرتيءَ تي ڪيئن رهي سگھجي ٿو، ان معاملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ته بنهه گھٽ ٿي رهي آهي“.
لاهور ۾ واقع پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر، ڊاڪٽر محمد حماد لکويءَ جو چوڻ آهي ته، قرآن پاڪ ۾ واضح طور چيل آهي ته ٻيو ڪو به نه پر انسان پاڻ ئي هن ڌرتيءَ جي آبهوا کي تباهه ڪندا. پروفيسر لکويءَ ان موقعي تي قرآن پاڪ جون اهي آيتون پڙهيون جيڪي آبهوا جي حمايت ۾ آهن، جن ۾ چيل آهي ته ”بيقاعدگي هر طرف کان خشڪيءَ توڙي سمنڊ تي ظاهر ٿيندي، ان جي ڪري جيڪو ڪجهه انسان پاران ڪمائڻ خاطر پنهنجي هٿ سان ڪيو ويندو، هو صرف انهن جي هڪ حصي جو مزو چکندو ان جي نتيجي ۾، انهن جيڪو ڪيو هوندو ان جو نتيجو پوءِ شايد کين ڀرڻو پوندو ]يڪو جائز هوندو.
پروفيسر محمد حماد کان جڏهن اهو سوال پڇيو ويو ته، آبهوا ۾ ايندڙ تبديلين بابت جيڪڏهن منبر تي ويهڻ وارا مسلمانن ۾ شعور بيدار ڪرڻ بابت پنهنجو فرض ادا ڪري سگھن ٿا، جو جواب ناڪاري انداز ۾ ڏيندي هن چيو ته ” اسانجا مذهبي عالم ته سماج اندر تبديل ٿيندڙ سماجي معاملن کان ئي پري بيٺل آهن ۽ انهن پاڻ کي صرف مسجد جي حد تائين محدود ڪري رکيو آهي. هنن طئي ڪري ڇڏيو آهي ته مسجد يا مدرسي جي احاطي کان ٻاهر جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي انهن سان سندن ڪجهه نه وڃي“.
آل پاڪستان هندو مذهب تحريڪ جي چيئرمين هارون سراب دِيال نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”هندو ڌرم ۾ نه صرف خاص طور تي پر تفصيل سان وڻڪاريءَ بابت ڳالهايو ويو آهي ان سان گڏ ئي ڌرتيءَ مٿان ان جي اثرن بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي“. هن ٻڌايو ته ڀڳوان شري ڪرشن پاران پنهنجي پوئلڳن کي هدايتون ڏنل آهن ته اهي ”گوورڌن پروَت“ جي پوڄاڪن، جيڪو بنيادي طور تي جبل مٿان موجود هڪ ٻيلو آهي، اها هدايت ان خيال تحت ڏني وئي آهي ته ان جي بدلي ۾ جبل مٿان ڦٽي سگھندڙ وڻن جي احترام ۽ اهميت ۾ واڌارو ٿيندو. جڏهن ته هارون سراب ديال اهو اعتراف پڻ ڪيو ته هندن جا مذهبي پوڄاري آبهوا ۾ ايندڙ تبديلين بابت شعور بيدار ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون ادا نه پيا ڪن.
سراب ديال ٻڌايو ته ”اسانجي مقدس ڪتاب رگ ويد ۾، اسانکي هدايت مليل آهي ته وڻ پوکيو ۽ جيڪڏهن هڪ وڻ ڪٽيو وڃي ته ان جي جڳهه تي نئون وڻ پوکيو وڃي، پر اسان ان جي بلڪل ابتڙ عمل ڪري رهيا آهن. آبهوا ۾ تبديليءَ متعلق جيڪا به معلومات اسان تائين پهچي رهي آهي، اها عالمي سطح جي تنظيمن پاران ڪرايل تحقيق جو نتيجو آهي، ان ۾ مذهبي عالمن يا پيشوائن جو ڪو به ڪردار نه آهي. دنيا ۾ جيڪي به نيون تبديليون اچي رهيون آهن، هنڌو ڌرم جا پيشوا انهن سان مطابقت پيدا نه ٿا ڪن. آبهوا ۾ جيڪي به تبديليون اچي چڪيون آهن هو انهن کان اڻ ڄاڻ ۽ لاعلم آهن“.
پاڪستان ڪائونسل آف ورلڊ رليجنس اينڊ سک ازم جي نمائندي سردار چرن جيت سنگھ پاران سکن جي مذهبي پيشوائن بابت پڻ ساڳي معذرت خواهيءَ واري صورتحال بيان ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو آهي ته ”اسان وسيع ۽ خوبصورت گُردوارا اڏڻ تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، پر جڏهن به فطرت جو تحفظ ڪرڻ واري ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اسان مادي توڙي جمالياتي اعتبار کان ڪٺور ۽ ڪنگال ثابت ٿي پئون ٿا“.
سردار چَرن جيت سنگهه جو چوڻ هو ته ”اسانجو مقدس ڪتاب گُرو گَرنٿ صاحب واضح طور تي فطرت ۽ ان جي مرڪبن جي حفاظت جو حڪم ڏئي ٿو ۽ ان ڪتاب ۾ مڃيندڙن کي واضح هدايتون ڏنل آهن ته اهي دنيا کي صاف سٿرو رکڻ سان گڏ ئي ان کي نقصان ڏيندڙ عملن کان بچائين، پر اسانجا مذهبي عالم انهن مذهبي هدايتن کي حقيقي صورت ۾ عمل هيٺ آڻڻ کان لاچار ٿي بيٺل آهن“.
آبهوا ۾ آيل تبديلين بابت پاڪستان ۾ بيداري سال 2011 ۾ ان وقت پيدا ٿي، جڏهن مها ٻوڏ اچڻ سبب اڌ ملڪ پاڻيءَ جي گهيري هيٺ هيو. ڪراچي شهر ۾ گذريل سال 12 سئو ماڻهو گرميءَ جي شديد لهر سبب اجل جو شڪار ٿيا. گذريل ڪيترن سالن کان چوماسي وارين بارشن جي ڦيري ۽ موسمي تبديلين سبب زرعي فصلن جي پيداوار تي منفي اثر پوڻ لڳا آهن. آبهوا جي تبديلين متعلق جرمنيءَ جي ٿنڪ ٽينڪ، جرمن واچ انڊيڪس مطابق، 2010 ۾ جيڪا ٻوڏ آئي ان سبب اسانجي مجموعي قومي پيداوار ۾ 6 سيڪڙو جو نقصان ٿيو.
فطرت جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل عالمگير فنڊ (ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر-ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان) پاران لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس ۽ لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمس) جي تعاون سان هڪ رپورٽ تيار ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ آبهوا جي غذائي تحفظ ۽ زراعت تي پوندڙ اثرن جي چِٽائي ڪئي وئي آهي. ان رپورٽ مطابق، 2040 تائين سڄي ملڪ اندر گرمي پَد ۾ سراسري طور تي 0.5 ڊگري واڌ اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري سمورن فصلن جي پيداوار 8 کان 10 سيڪڙو نقصان جو شڪار ٿيندي جنهن ڪري في ايڪڙ خسارو 30 هزار روپيا ٿي ويندو.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.