سوات: افغانستان جي سرحد ڀرسان ڦهليل اهڙي پرڳڻي جتي ذاتي استعمال واريون گاڏيون سرحد پار کان اسمگل ڪري آنديون وڃن ٿيون، اهڙي خطي ۾ دهشتگرديءَ روڪڻ وارين ڪوششن خاطر گذريل چئن مهينن دوران پوليس پاران صرف مالاڪنڊ ڊويزن ۾ اهڙيون 30 هزار گاڏيون رجسٽر ڪيون ويون آهن ته جيئن اهڙين گاڏين جا تفصيل گڏ ڪري انهن تي ڪرڙي نظر رکي سگھجي.

سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن جا ٻيا علائقا 2007 کان 2009 تائين طالبان جي وحشتناڪ عسڪريت پسنديءَ جو شڪار بڻيل رهيا. 2009 ۾ شروع ٿيل فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ انهن علائقن کي ويڙهاڪن کان خالي ڪرايو ويو ۽ آپريشن جي نتيجي ۾ 20 لک ماڻهو هن پرڳڻي مان لڏي ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا.

سوات پوليس پاران ڏنل انگن اکرن مطابق صوبائي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن (پاٽا) جي مالاڪنڊ ڊويزن ۾ لڳ ڀڳ ٻه لک اسمگل ٿيل گاڏيون روڊن تي گھمنديون رهن ٿيون. جيئن ته اهي گاڏيون هن پرڳڻي ۾ قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ آنديون ويون آهن، انهن گاڏين عيوض ڪسٽم توڙي ايڪسائيز ڊيوٽيون ادا ناهن ڪيون ويون، ان ڪري اهڙين گاڏين کي مقامي سطح تي ”نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون“ (اين سي پي) سڏيو ويندو آهي.

اهو آڪٽوبر 2014 جو مهينو هيو جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران خدشو ظاهر ڪيو ويو ته اسمگل ٿيل گاڏيون دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ استعمال ٿي سگھن ٿيون تڏهن کان خيبرپختونخواه پوليس پاران مالاڪنڊ ڊويزن جي اهڙين گاڏين کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ هڪ پاليسي جوڙڻ واري ضرورت محسوس ڪئي.

نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون دبئيءَ کان افغانستان رستي پُرزن جي شڪل ۾ اسمگل ڪري آنديون وينديون آهن ۽ بعد ۾ سوات اندر انهن پرزن کي جوڙي گاڏيون تيار ڪيون وينديون آهن. بعد ۾ اهي ئي گاڏيون پاٽا ۽ وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن فاٽا جي مختلف حصن ڏانهن منتقل ڪيون وينديون آهن. قبائلي علائقن اندر انهن گاڏين کي استعمال ڪرڻ تي مقامي قانون موجب ڪا به پابندي نه آهي پر اهي گاڏيون پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ داخل نه ٿيون ٿي سگھن.

جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ تائين اهڙيون گاڏيون جيڪڏهن پاٽا يا فاٽا جي ڀرپاسي وارن خيبرپختونخواه صوبي جي قانون واري عملداريءَ هيٺ ايندڙ علائقن ۾ داخل ٿينديون هيون ته اتان جي پوليس انهن کي رجسٽر ڪري اهڙيون نمبر پليٽون جاري ڪندي هئي جن جي مدد سان نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي نشاندهي آسانيءَ سان ڪري سگھبي هئي.

تڏهن کان ايڪسائيز توڙي ڪسٽم کاتن بجاءِ خيبرپختونخواه پوليس پاران ئي انهن گاڏين جي رجسٽريشن وارو عمل هلندڙ هيو جنهن ڪري انهن گاڏين کي ريگيولرائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به باضابطه ڊيٽابيس موجود نه هيو پر پوليس واري رجسٽريشن جي بنياد تي فاٽا ۽ پاٽا جي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي مستقل قانون وارن ضلعن ۾ ٻين گاڏين جهڙو رتبو حاصل ٿيندو هيو. ڦُر ٿيڻ يا ڏوهي توڙي دهشتگرداڻي واردات ۾ استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ ڊجيٽل ڊيٽابيس موجود نه هجڻ سبب اهڙين گاڏين جي ڳولا ۾ ڏکيائيون پيش اينديون هيون.

خيبرپختونخواه پوليس جي اڳوڻي آءِ جي پوليس ناصر خان درانيءَ پاران آڪٽوبر 2014 ۾ صوبائي حڪومت کي هڪ ليٽر لکي چيو ويو ته صوبائي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقي مالاڪنڊ ڊويزن جي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي نظرداري ٿيڻ ۽ انهن جي رجسٽريشن ٿيڻ گھرجي.

ناصر درانيءَ پاران لکيل انهيءَ ليٽر جي هڪ ڪاپي نيوز لينز پاڪستان وٽ موجود آهي، جنهن ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو ته ”انهن (نان ڪسٽم پيڊ) گاڏين جا ڪي به رجسٽريشن دستاويز جاري نه ٿا ڪيا وڃن جنهن جي ڪري اهو پتو نه ٿو پوي ته اهي ڪنهن جي ملڪيت آهن جنهن جي ڪري اهي گاڏيون ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن به آسانيءَ سان اسمگل ٿي سگھن ٿيون. رجسٽريشن نه ٿيڻ ۽ مالڪ جي خبر نه هجڻ جي ڪري نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي دهشتگرد ۽ ڏوهاري استعمال ڪري سگھن ٿا ۽ اهڙين گاڏين وسيلي ٿيل ڏوهن جو پتو لڳائڻ پوليس لاءِ انتهائي ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو“.

ليٽر ۾ لکيو ويو ته ”مالاڪنڊ ڊويزن ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ اهي نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون استعمال به ٿي چڪيون آهن ان هوندي به پوليس وٽ اهڙين گاڏين جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي جيڪي ڏوهي سرگرمين ۾ استعمال ٿينديون رهيون آهن“.

جاپان ۾ تيار ٿيندڙ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جا ڪيترائي ماڊل پاڪستان اسمگل ڪيا وڃن ٿا. ابتدا ۾ انهن گاڏين جا پرزا فاٽا، پاٽا ۽ بلوچستان ۾ اسمگل ڪري آندا وڃن ٿا جتي گاڏين جي وڪري جو ڪاروبار ڪندڙن کان اهي پرزا ذاتي استعمال خاطر ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻ کانسواءِ آسانيءَ سان خريد ڪري سگھجن ٿا. ان جي ڪري ئي قانوني طور تي ملڪ کان ٻاهر آندل گاڏين جي ڀيٽ ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي قيمت گھڻي گھٽ هوندي آهي ڇو ته قانون موجب اهڙيون گاڏيون ڏيساور مان آڻڻ عيوض ڳري ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻي پوندي آهي.

مثال طور، هڪ نان ڪسٽم پيڊ ٽويوٽا پاسو موٽر ڪار جي مالاڪنڊ ڊويزن ۽ قبائلي علائقن ۾ قيمت 04 کان 06 لک روپيا هوندي آهي ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ انهيءَ گاڏيءِ جي قيمت 11 لک روپيا ادا ڪرڻي پوي ٿي ڇو ته اتان جي ڪارون وڪرو ڪرڻ وارن ڊيلرن کي ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻي پوندي آهي.

اڳوڻي آءِ جيءَ پاران لکيل ليٽر ۾ اها صلاح به ڏني وئي ته ڪسٽم ايڪٽ جو دائرو پاٽا تائين واڌيو وڃي ته جيئن نان ڪسٽم پيڊ گاڏين عيوض محصول اوڳاڙي حڪومت آمدني به حاصل ڪري سگھي.

سوات پوليس جي ترجمان محمد رحمان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا پاران پوليس ۽ پاڪ فوج جي سهڪار سان مالاڪنڊ ڊويزن جي 07 ضلعن ۾ جنوري 2017 کان نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي.

جنوري 2017 ۾ پاڪ فوج پاران اعلان ڪيو ويو ته سمورين نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي ڊجيٽل انداز سان رجسٽر ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان برگيڊيئر ظفر اقبال هڪ پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا کي آگاهي ڏني ته آبڪاري ۽ محصولات واري صوبائي کاتي ۽ پاڪ فوج پاران سمورين گاڏين جي چڪاس توڙي رجسٽريشن ڪئي ويندي.

سوات پوليس جي ترجمان محمد رحمان اهو پڻ ٻڌايو ته جنوري 2017 کان نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي مالڪن کي سوات ۽ لوئر دِير ۾ قائم ڪيل رجسٽريشن سينٽرن وٽان ٽوڪن جاري ڪيا ويا ان ٽوڪن جو مطلب آهي ته گاڏي رجسٽر ٿي چڪي آهي. هن پاران ڏنل ڄاڻ مطابق ”هن مهل تائين ڪُل 09 رجسٽريشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جن مان 03 سوات ۾ جڏهن ته باقي 06 ضلعن ۾ هڪ هڪ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي“.

پوليس جي مقامي آفيس مان حاصل ڪيل انگن اکرن مطابق مارچ 2017 کان سموري مالاڪنڊ ڊويزن ۾ هن مهل تائين 32 هزار گاڏين رجسٽر ٿي چڪيون آهن جن مان 15 هزار گاڏيون صرف سوات ۾ رجسٽر ٿيون آهن ۽ باقي گاڏيون ٻين ضلعن ۾ رجسٽر ٿيون آهن.

رجسٽريشن سينٽرن تي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي تفصيلي جاچ به ڪئي وڃي ٿي ته جيئن اهو پتو به پئجي سگھي ته اهي گاڏيون مختلف قسم جي اسمگل ڪيل پرزن مان مقامي طور تي ته نه جوڙيون ويون آهن واضح رهي ته ضلعي انتظاميائن پاران الڳ الڳ پرزا آڻي گاڏيون جوڙڻ واري عمل تي پابندي وڌل آهي ڇو ته اڻ رجسٽر گاڏيءَ جي هر هڪ پُرزي جي رجسٽريشن انتهائي مشڪل ڪم آهي. الڳ الڳ پرزن مان مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ گاڏين کي واپاري ”ڪَٽ گاڏيون“ سڏيندا آهن.

پوليس ترجمان محمد رحمان کان ڊجيٽل رجسٽريشن جي سببن جي پڇا ڪئي وئي ته ان جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”سيڪيورٽي ايجنسين کي اهو خدشو آهي ته ٻين جي ڀيٽ ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون دهشتگرديءَ وارين سرگرمين ۾ وڌيڪ استعمال ٿي سگھن ٿيون“. هن اهو پڻ ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن دوران رجسٽريشن دوران 05 ڦُر ٿيل گاڏيون ۽ 30 ”ڪٽ گاڏيون“ هٿ ڪيون ويون آهن.

هن کان جڏهن اهڙين گاڏين جي تعداد بابت معلوم ڪيو ويو جيڪي ڏوهي سرگرمين ۾ استعمال ٿيون هجن ته ان جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”پوليس وٽ اهڙين گاڏين جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي ۽ گھڻي ڀاڱي ڦُر ٿيل گاڏيون ئي ڏوهي وارداتن ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن“.

پوليس جي دعوائن سان اختلاف ڪندي سوات جي ضلعي ناظم محمد علي شاهه جو چوڻ هو ته هو نه ٿو سمجهي ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون وڏي پيماني تي دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ استعمال ٿي سگھن ٿيون. جيتوڻيڪ هو اهڙين گاڏين کي رجسٽر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو تنهن هوندي به هن چيو ته ”جيئن ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جا ڪي به قانوني دستاويز ناهن هوندا جن وسيلي انهن جي رجسٽريشن ۽ مالڪ جو پتو لڳائي سگھجي ان ڪري اهي گاڏيون آسانيءَ سان چوري يا ڦُر ڪري سگھجن ٿيون. جڏهن ته پاٽا کان ٻاهر وارن ملڪ جي ٻين حصن مان ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪيل گاڏيون ڦُر ڪري قبائلي علائقن ۾ آڻي نان ڪسٽم پيڊ طور هلائي سگھجن ٿيون“.

نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي رجسٽر ڪرڻ وارو معاملو سامهون اچڻ بعد سوات جي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل مقامي نمائندن وچ ۾ رجسٽريشن ڪرڻ بابت اختيار حاصل ڪرڻ واري رساڪشي به هلندڙ آهي. سوات جي ضلعي ناظم جو چوڻ هو ته ”سوات ۾ جيئن ته چونڊيل انتظاميا موجود آهي ان ڪري رجسٽريشن ڪرڻ تي ان انتظاميا جو اختيار هجڻ گھرجي“.

هن اهو پڻ چيو ته ”نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي رجسٽر ڪرڻ عيوض اسان آمدني حاصل ڪري سگھئون ٿا جيڪا پوءِ مقامي ترقياتي رٿائن خاطر خرچ ڪئي وڃي“. هن ٻڌايو ته اهڙي تجويز خيبرپختونخواه جي وڏي وزير کي به اماڻي وئي آهي ته جيئن مقامي چونڊيل انتظاميا کي ئي گاڏين جي رجسٽريشن جو اختيار ڏنو وڃي، پر وڏي وزير پاران اهڙي لکپڙهه جو اڃان ڪو به جواب ناهي اماڻيو ويو.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.