ڪوئيٽا (رپورٽ: حزب الله خان) ڪوئيٽا ۾ هڪ هفتي تائين جاري رهڻ بعد 29 مارچ واري ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهتل راندين جو ميلو مسئلن جو شڪار ٿيل بلوچستان جي ماڻهن جو ڌيان مٽائڻ ۽ اهڙيون سرگرميون مهيا ڪري ڏيڻ جو سبب بڻيو، جن جي سخت طلب محسوس ڪئي پئي وئي. راندين سان جذباتي لڳاءُ رکندڙن جو چوڻ آهي ته توڙي جو ميلي ۾ مقامي بلوچن ۽ پختونن جي نمائندگي ڪندڙ رانديون موجود نه هيون پر پوءِ به اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي.

فيسٽيول ۾ هڪ تماشائيءَ طور شرڪت ڪندڙ هڪ شخص احسان خان جو چوڻ آهي ته ”بلوچستان ۾ ثقافتي رانديون، بُزڪشي، ڪشتي، چائڪ، گھوڙن جي ڊوڙ ۽ نشاني بازيءَ واريون رانديون کيڏيون وينديون آهن، پر راندين وارو کاتو گذريل ٽن سالن کان انهن راندين کي فيسٽيول ۾ شامل نه ٿو ڪري. انهن راندين کي به جيڪڏهن فيسٽيول ۾ شامل ڪيو وڃي ته مقامي ماڻهو راندين جي مقابلن طرف گھڻو ڌيان ڏيڻ لڳندا ڇو ته ان سان سندن ثقافت پڻ اجاگر ٿيندي ۽ انهن روايتي راندين کي هٿي وٺرائڻ جو موقعو پڻ ملندو ڇو ته سرڪاري سطح تي انهن راندين مٿان ڌيان نه ڏيڻ سبب اهي هوريان هوريان ختم ٿي رهيون آهن“.
احسان احمد وڌيڪ چيو ته ”بلوچستان اسپورٽس فيسٽيول جهڙي سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندڙ راندين واري سرگرميءَ دوران راندين جي رجحان ۽ مقابلن کي نه صرف هٿي وٺرائڻ پر ان ڏس ۾ تمام گھڻي ۽ تڪڙي ضرورت ان ڳالهه جي پڻ آهي ته راندين کي هڪ اهڙي سرگرميءَ طور زور وٺرائجي جنهن سان سماج کي اندروني طور مضبوط ڪري سگھجي. خاص ڪري بلوچستان جهڙي صوبي ۾ جتي ڪيترن سالن کان هلندڙ بغاوت ۽ ويڙهه ماڻهن جي زندگين ۽ اميدن کي آهستي آهستي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي“.
بلوچستان ۾ ايئن ته حالتن جي خرابيءَ وارو بحران ڪيترن سالن کان هلندڙ هيو، جنهن ۾ بگٽي قبيلي جي سربراهه ۽ مشهور سياستدان نواب اڪبر بگٽي جي مارجڻ سبب وڌيڪ شدت اچي وئي، اهڙي ماحول اندر سال ۾ هڪ ڀيرو منعقد ٿيندڙ بلوچستان اسپورٽس فيسٽيول ڄڻ ته خراب حالتن جي تسلسل ۾ هڪ وقفو مهيا ڪري ڏئي ٿو. ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽيءَ جو موت 2006 ۾ فوجي آپريشن دوران ٿيو هيو.
احسان احمد جو چوڻ آهي ته ”هڪ طرف ماڻهو دهشت پکيڙيندڙ واقعن جي ڪري ذهني دٻاءَ جو شڪار ۽ پريشان آهن ته ٻئي طرف عوام راندين جي ميدانن ۽ راندين جي موقعن کان محروم آهي، جن وسيلي هو صحتمند رهي سگھن ٿا. جن معاشرن ۾ راندين جا ميدان ۽ راندين جون سرگرميون روزانو ٿينديون رهن ٿيون انهن معاشرن جا ماڻهو ذهني ۽ جسماني طور تي صحتمند رهن ٿا. ان ڪري ئي ماڻهو زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي ذهني ۽ جسماني طور تي متحرڪ ٿي پوندا آهن“.
احمد پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”اهو ئي سبب آهي ته رياست ۽ سماج لاءِ اها ضروت ڪَر کڻي بيهي ٿي ته اهي فيسٽيول واري نوعيت جي سرگرمين کان به اڳتي وڌي راندين کي ثقافت جو حصو بڻائيندي ماڻهن کي رانديگر ٿيڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪن ته جيئن راندين جي مقابلن وسيلي هو پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن کي آزمائي سگھن“.

بهار يا نوروز جي شروعاتي ڏينهن ۾، هر سال مارچ مهيني دوران بلوچستان جي صوبائي حڪومت گذريل ٽن سالن کان پاڪ فوج جي سهڪار سان راندين جو ميلو منعقد ڪرائي رهي آهي. هن سال اهو فيسٽيول 22 مارچ کان شروع ٿيو ۽ 29 مارچ تي پڄاڻيءَ تي پهتو. فيسٽيول تحت 29 راندين جي مقابلن ۾ 2700 رانديگرن حصو ورتو.
بلوچستان جي راندين واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري نذر حسين نيوز لينز پاڪستان سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ”بلوچستان اسپورٽس فيسٽيول کي منعقد ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت پاران 134 ملين روپيا خرچ ڪيا ويا ته جيئن رانديگرن کي بهتر طريقي سان همٿائي ۽ کين مناسب سهولتون ڏئي سگھجن. ان مقصد تحت بلوچستان حڪومت پاران هر رانديگر جو الائونس 10 هزارن مان وڌائي 50 هزار مقرر ڪيو ويو“.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته ”مختلف ڊويزنن ۾ راندين جا مقابلا منعقد ڪرڻ به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ته جيئن ماڻهن کي صحتمند سرگرميون ۽ تفريح مهيا ڪري ڏجي. اسپورٽس فيسٽول دوران هڪ رات موسيقيءَ جي محفل جو به بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن مان مشهور فنڪارن کي دعوت ڏئي گھرايو ويو هيو ته جيئن هو پنهنجي فن جو مظاهر ڪري بلوچستان جي ماڻهن کي تفريح فراهم ڪن. جڏهن ته جن ٽيمن اسپورٽس فيسٽيول دوران راندين جي مقابلن ۾ حصو ورتو انهن کي ميرٽ جي بنياد تي چونڊيو ويو هيو. ان مقصد خاطر ضلعي سطح تي راندين جا مقابلا پهريان ئي منعقد ڪرايا ويا هئا ۽ صرف انهن ٽيمن کي ئي اسپورٽس فيسٽول جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني وئي جن ڊويزنل سطح تي ٿيل راندين جا فائنل کٽيا هئا“.
اسپورٽس فيسٽيول ۾ جن 29 راندين جا مقابلا ڪرايا ويا، انهن ۾ فوٽ بال، ڪرڪيٽ، هاڪي، سائيڪلنگ، شطرنج، اسڪوائش، باڪسنگ، بيڊمنٽن ۽ ٻيون رانديون شامل هيون.
جڏهن ته راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن پاران اهو خيال پڻ سامهون آندو ويو ته رانديگرن جي چونڊ وقت سياسي مداخلت ٿيڻ سبب راندين جي مقابلن جي اصل اهميت برقرار نه رهي سگھي، جنهن ڪري باصلاحيت رانديگر راندين ۾ حصو وٺڻ کان محروم رهجي ويا.
مسلم باغ ضلعي جي فوٽ بال ٽيم ۾ شامل هڪ رانديگر بايزيد خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته ”صرف انهن رانديگرن کي ئي فيسٽيول ۾ کيڏڻ لاءِ چونڊيو ويو جن کي سياسي ماڻهن جي حمايت حاصل هئي. حڪومت کي گھرجي ته ڪرپشن جو خاتمو آڻيندي ڊويزن جي سطح تي رانديگرن کي چونڊڻ وارو عمل هڪ اهڙي ڪاميٽيءَ وسيلي مڪمل ڪرائي جنهن جو واسطو ڪنهن به سياسي ڌر سان نه هجي ۽ اها اڻ ڌري هجي. اها ڪاميٽي صرف اهڙن رانديگرن کي راند کيڏڻ جا موقعا فراهم ڪري جيڪي ان جي لائق هجن“.
بايزيد خان وڌيڪ چيو ته ”هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي غربت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، راندين جي مقابلن ۾ اهي ماڻهو ئي حصو وٺي سگھن ٿا جيڪي راندين جي سامان، ڪوچنگ ۽ مقامي راندين وارين تنظيمن جي ميمبرشپ جا خرچ ڀري سگھڻ جي قابل هوندا آهن. غريب پر باصلاحيت رانديگر صرف ۽ صرف ان جي ڪري راند کيڏي ناهن سگھندا ڇاڪاڻ ته وٽن وسيلا موجود ناهن هوندا .
بايزيد خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ان معاملي جي نشاندهي پڻ ڪئي ته ”29 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 2700 رانديگرن لاءِ صرف هڪ گرائونڊ هجڻ جي ڪري سمورا رانديگر ان قابل نه ٿا ٿي سگھن ته کين مختلف راندين لاءِ جيڪو بنهه مختصر وقت ڏنو وڃي ٿو ان دوران پنهنجي راند جو ڀرپور مظاهر ڪري سگھن. ڪوئيٽا جي ايوب اسٽيڊيم اندر 4 راندين جا ميدان موجود آهن، حڪومت کي گھرجي ته فيسٽيول دوران انهن چئني گرائونڊن کي کولي ۽ راندين جا مقابلا مناسب انداز سان منعقد ڪرائي ته جيئن سڀڪو پنهنجي پسند جي راند ڏسي سگھي ۽ ڀرپور تفريح ماڻي سگھي“.

بلوچستان اسپورٽس فيسٽيول جو مطلب، طاهر مندوخيل جهڙن تماشائين لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ته، ان وسيلي صحتمند سرگرمين ۽ مقابلن کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي. اهڙي قسم جا فيسٽيول حالتن کي معمول مطابق آڻڻ ۽ هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي ماڻهو ڄڻ ته خنجر جي تيز ڌاري مٿان هلندي زندگي گذاريندا هجن اتي امن کي فروغ ڏيارڻ پڻ آهي.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي طاهر مندوخيل چيو ته ”زبردست قسم جو اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪرائڻ سبب اسان بلوچستان حڪومت جا ٿورائتا آهيون. بهار جي مند شروع ٿيندي ئي جهڙيءَ ريت پاڙيسري ملڪن، ايران، افغانستان، ڀارت ۽ ترڪيءَ ۾ نوروز جو جشن ملهايو ويندو آهي، ٺيڪ انهن ڏينهن ۾ ئي فيسٽيول کي منعقد ڪرڻ صحيح فيصلو آهي جنهن ڪري اسان مختلف قسم جي راندين جو خوبصورت موسم دوران مزو وٺي سگھندا آهيون“.
طاهر مندوخيل سمجهي ٿو ته صرف رانديون ئي هڪ اهڙي سرگرمي آهن جيڪي مختلف عقيدن، نسلن، ثقافتن ۽ شناخت وارن ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏائي سگھن ٿيون.

ان حوالي کان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي طاهر مندوخيل چيو ته ”امن، خوشحالي ۽ ترقيءَ جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ اسان جيڪڏهن راندين جو سهارو وٺئون ته ان جا حقيقي طور تي مثبت نتيجا سامهون ايندا ۽ سماج ۾ بهتر تبديلي اچي ويندي.
راندين ۾ اهڙي خوبي لڪل آهي جنهن سان سماجي رابطن جي نظام کي مضبوط ڪرڻ کان علاوه خوشين کي ڦهلائي ۽ ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪري سگھجي ٿو، پوءِ اهي ڀلي ڪٿان به آيا هجن. نوجوان خاص طور تي راندين کيڏڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ راندين جي پوئواري ڪرڻ سان انهن جي جند ڏوهن ۽ منشيات واپرائڻ جهڙين غيرصحتمند سرگرمين مان آجي پڻ ڪرائي سگھجي ٿي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here