ڪوئيٽا (حزب الله خان وٽان) پاڻيءَ جي ورڇ متعلق صوبن وچ ۾ پراڻي تڪرار ۾ خدشو آهي ته وڌيڪ شدت اچي ويندي ڇو ته ملڪ جي ڏاکڻئين-اولهندي صوبي بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب آبادگارن احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. بلوچستان جي صوبائي حڪومت جي اختيارين اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ پڻ اٿاريو آهي، جنهن کي اهو آئيني حق حاصل آهي ته، وفاق ۽ صوبن توڙي هڪ کان ٻئي صوبي جي وچ ۾ اختيارن متعلق پيدا ٿيندڙ تڪرارن جو نبيرو ڪري سگھي.

انڊس رِور سسٽم اٿارٽي (اِرسا) ۾ بلوچستان جي ميمبر محمد نسيم بازئي نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني آهي ته بلوچستان ملڪ جي ڪئنالن واري نظام جي پُڇڙيءَ ۾ واقع آهي ۽ ان جي ڪري ئي ٻيا صوبا، خاص ڪري سنڌ نهري پاڻيءَ ۾ طئي ٿيل سندن حصي واري پاڻيءَ جو استحصال ڪري رهيو آهي ۽ آبپاشيءَ خاطر کين بنهه ٿورو پاڻي مهيا ڪري ٿو.

بلوچستان جي اها شڪايت ڪافي پراڻي آهي ته سنڌو درياءَ وسيلي مهيا ٿيندڙ پاڻيءَ واري نظام ۾ مٿاهين جڳهه تي موجود هجڻ ڪري سنڌ کيس حصي موجب پورو پاڻي مهيا نه پيو ڪري. بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا ۾ موجود صوبائي عملدارن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي حصي جو پاڻي سنڌ صوبو پنهنجي آبپاشيءَ وارين ضرورتن خاطر استعمال ڪري ڇڏيندو آهي.

محمد نسيم بازئيءَ ٻڌايو ته 18 جولاءِ 2016 واري ڏهاڙي سنڌ صوبو پنهنجي ضرورتن آڌار طئي ڪيل حصي 1 لک 35 هزار ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ 2 لک ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو هيو ۽ هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري اهو پاڻي ضايع پڻ ڪري رهيو هيو.

ارسا ۾ بلوچستان جي نمائندي نسيم بازئيءَ جو چوڻ هو ته هڪ طرف بلوچستان جو پاڻيءَ واري ورهاست ۾ مقرر ڪجهه هزار ڪيوسڪس تي ٻڌل حصو سنڌ پنهنجي ضرورتن جي پورائي لاءِ استعمال ڪري ڇڏي ٿو ٻئي طرف هڪ لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وهڪرو بغير استعمال جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ضايع پڻ ڪري رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اها وڏي ستم ظريفي آهي ڇو ته پورو حصو نه ملڻ سبب پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري هر سال بلوچستان جي هزارين ايڪڙ زمين تي پوکجندڙ فصل برباد ٿي وڃن ٿا. محمد نسيم بازئيءَ جي ڳالهين مطابق، سال 2014 ۾ بلوچستان جو پاڻيءَ وارو حصو 3.87 ملين ايڪڙ فوٽ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ سال دوران پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ 42 سيڪڙو کوٽ ٿيڻ جي ڪٿ ڪندي بلوچستان کي ان کوٽ مطابق پاڻي ڏنو ويو ۽ هڪ دفعو ٻيهر بلوچستان کي 42 سيڪڙو واري کوٽ موجب پاڻيءَ جو حصو ڏنو پيو وڃي.

هن ٻڌايو ته نهري پاڻيءَ ۾ 42 سيڪڙو جي گھٽتائيءَ جو مطلب اهو آهي ته ساڍا 3 لک کان 4 لک ايڪڙ زرخيز زمين پاڻيءَ کان محروم رهجي ويندي آهي. مٿي ڄاڻايل تفصيل بيان ڪندي هن واضح ڪيو ته، سنڌ صوبي جي اختيارين کي درياءِ سنڌ وسيلي پاڻي ورڇ واري 1991 جي ٺاهه تي عمل ڪرڻ متعلق يادگيري وارا ڪيترائي ليٽر لکيا ويا ۽ اهو معاملو نبيري خاطر ڪيترائي ڀيرا ارسا جي اجلاسن ۾ پڻ اٿاريو ويو پر اهڙين ڪوششن جو جڏهن ڪو به کڙتيل نه نڪتو ته پوءِ بلوچستان وٽ انهيءَ مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ سي سي آءِ سان رابطو ڪرڻ کان علاوه ڪو ٻيو رستو باقي نه بچيو.

نسيم بازئيءَ تجزيو ڪندي چيو ته، بلوچستان سان ٿيندڙ اهڙي ناانصافيءَ جا مکيه سبب اهي آهن ته پاڻي ورهائڻ ۽ پاڻي سنڀالڻ وارو نظام سنڌ صوبي ۾ واقع آهي ۽ ان صوبي جو آبپاشيءَ وارو عملو اسانجي حصي واري پاڻيءَ جو رخ به پنهنجن ڪئنالن ڏانهن موڙي ڇڏي ٿو.

انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ (ارسا) ۾ سنڌ جي نمائندي سيد مظهر علي شاهه ڪراچيءَ مان ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻيءَ جي حصي بابت مسئلو موجود آهي پر اهو ايڏو وڏو نه آهي جيترو محمد نسيم بازئي بيان ڪيو آهي.

سيد مظهر علي شاهه چيو ته صرف کيرٿر ڪينال ۾ 3 کان 4 سو ڪيوسڪ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي هوندي جڏهن ته باقي ڪئنالن وسيلي بلوچستان کي سندس حصي جو پورو پاڻي ڏنو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان جي عملدارن پاران مسئلي جي حل وارو موقف اختيار ڪرڻ سان تڪرار نبيرڻ ۾ مدد ملندي ۽ اميد آهي ته انهي معاملي کي نبيرڻ لاءِ ارسا مناسب ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته بهرحال اها سٺي ڳالهه نه آهي ته اهو معاملو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) جي آڏو اٿاريو وڃي.

شاهه چيو ته اها ارسا جي ذميواري نه آهي ته بلوچستان کي سندس حصي جو مڪمل پاڻي مهيا ڪري پر ارسا سنڌ صوبي جي اختيارين کي چئي سگھي ٿي ته اهي بلوچستان کي پاڻي مهيا ڪرڻ جا انتظام ڪن. هن ٻڌايو ته ارسا جي چيئرمين پاران سنڌ جي آبپاشيءَ واري سيڪريٽريءَ کي ڪيترائي خط لکيا ويا آهن ته هو بلوچستان جي ڪئنالن ۾ سندن حصي موجب پورو پاڻي مهيا ڪن.

بلوچستان جي ٽن پارٽين واري حڪومتي اتحاد ۾ شامل نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري جان محمد بليديءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ لاءِ 1991 وارو ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان کي ڪڏهن به پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي ناهي مليو ڇاڪاڻ ته سنڌ اهو پاڻي پنهنجي ضرورتن لاءِ استعمال ڪري ڇڏي ٿو.

جان محمد بليديءَ جو چوڻ هو ته، سنڌ بلوچستان جي حصي جو پاڻي استعمال ڪرڻ عيوض معاوضو به ادا نه ٿو ڪري. بلوچستان جي حصي جو پاڻي غيرقانوني طور تي استعمال ڪرڻ عيوض سنڌ مٿان اربين روپين جون بقايائون ادائيگيءَ جوڳيون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته هاڻي اهو وقت اچي چڪو آهي جو جنگيون پاڻيءَ جي ڪري لڳنديون، ان ڪري سنڌ صوبي جي اختيارين کي گھرجي ته سندن شڪايتن کي سنجيدگيءَ سان وٺي.

هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي به گھرجي ته سنڌ ۽ ارسا مٿان دٻاءُ وجهي ته اهي ٺاهه تي عمل ڪن ۽ بلوچستان کي ان جي حصي جو پورو پاڻي مهيا ڪن. بلوچستان جي ڪئنالن وارو پاڻي سنڌ ۾ استعمال ڪري ڇڏڻ سبب بلوچستان جي نصيرآباد ڊويزن ۾ ساڍا ٽي لک ايڪڙ زمين ويران ٿي رهي آهي جنهن ڪري سندن معيشت ۽ ماڻهن جي جياپي مٿان سڌيءَ ريت منفي اثر پئجي رهيا آهن.

نصيرآباد سان تعلق رکندڙ زميندار ۽ آبادگارن جي تحريڪ جي اڳواڻ عمران عمراڻيءَ جو چوڻ هو ته نهري پاڻيءَ جي کوٽ سبب نصيرآباد ڊويزن ۾ خريف جي مند وارن فصلن کي 40 سيڪڙو نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري زميندارن ۽ آبادگارن کي تمام گھڻو مالي نقصان ٿي رهيو آهي.

عمران عمراڻيءَ ٻڌايو ته حقيقت اها آهي ته سکر بئراج وٽان ڪئنالن ۾ پورو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو پر بلوچستان تائين پهچندي پهچندي اهو پاڻي باقي وڃي اڌ بچي ٿو جنهن جي ڪري لڳي ايئن پيو ته سنڌ سندن زمينن کي آباد ڏسڻ نه ٿي چاهي. هن وڌيڪ چيو ته، بلوچستان کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي پر بلوچستان جي صوبائي حڪومت پاڻيءَ جي کوٽ وارو مسئلو وفاقي حڪومت آڏو اٿاري مسئلي جي حل خاطر ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جيتري ڪوشش به نه پئي ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here