ڊيرا اسماعيل خان: محمد شاهه نالي هڪ شخص اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ طرف وڃڻ چاهيو ٿي پر پوليس کيس اهو سفر مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ڇو ته هن جو تعلق محسود قبيلي سان هيو ۽ هو قبائلي پرڳڻي جي علائقي ڏکڻ وزيرستان جو رهواسي آهي.

4 ٻارن جو پيءُ محمد شاهه محسود، جيڪو ڏکڻ وزيرستان جو قبائلي آهي اهو گذريل 6 مهينن کان اسلام آباد جي فروٽ ۽ سبزي مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. فاٽا سان تعلق رکندڙ ڪيترا ئي قبائلي اها شڪايت ڪندا رهيا آهن ته پوليس کين حراسان ڪري ٿي ۽ ڪيترن ئي فردن کي ته سندس قبائلي پسمنظر جي ڪري هوٽلن ۾ رهائش ڏيڻ کان به انڪار ڪيو وڃي ٿو.

پاليسين جي تجزيه نگار فوزيه يزدانيءَ پاران ”ڏکڻ وزيرستان جي ملڪ اندر لڏپلاڻ ڪندڙن بابت تازه ترين ڄاڻ“ جي عنوان سان ترتيب ڏنل هڪ تحقيقي مقالي ۾ لکيو ويو آهي ته، وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقا (فاٽا) افغانستان جي سرحد ڀرسان 27 هزار 220 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ تي ڦهليل آهن.

انهيءَ مقالي مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، پاڪستان جي اتر اولهندي حصي ۾ افغان سرحد ڀرسان قائم ڏکڻ وزيرستان ايجنسي جي پکيڙ 11 هزار 585 ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهي. مقالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”هي پرڳڻو 1947 ۾ پاڪستان جي رياستي انتظام هيٺ آيو ان کان اڳ برطانوي راڄ واري دور ۾ انگريز فوجين پاران ڌارين لاءِ غيرمهمانوازيءَ واري رويي ۽ قبائلين جي ويڙهاڪ هجڻ واري شهرت جي اعتراف خاطر هن خطي کي ”دوزخ جو دروازو کڙڪائيندڙن“ جو علائقو قرار ڏنو هيو.

فاٽا رسرچ سينٽر (ايف آر سي) جي ڊائريڪٽر سيف الله محسود نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قبائلي پرڳڻي جا ماڻهو دهشتگرديءَ جي خاتمي واري جنگ جي ڪري عظيم قربانيون ڏئي چڪا آهن اهڙي نازڪ وقت دوران ڪنهن مخصوص قبائلي علائقي يا قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي.

انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) جي هڪ محقق ڪرن فردوس پاران 2014 ۾ لکيل هڪ رپورٽ ۾ ياد ڏياريو ويو آهي ته، پاڪستان جي قبائلي پرڳڻي جي 40 ويڙهاڪ ڪمانڊرن پاران هڪ ڳجهي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هنن ”تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)“ جو قيام عمل ۾ آڻيندي ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ بيت الله محسود کي ان تحريڪ جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

2009 ۾ ٿيل ڊرون حملي جي نتيجي ۾ بيت الله محسود جي مارجي وڃڻ بعد محسود قبيلي سان ئي تعلق رکندڙ هڪ ٻئي ويڙهاڪ ڪمانڊر حڪيم الله محسود کي تحريڪ طالبان پاڪستان جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو جيڪو پڻ 2013 ۾ ٿيل هڪ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويو.

فاٽا سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ انيتا محسود جو چوڻ هو ته، ڏکڻ توڙي اتر وزيرستان جو رهواسي هجڻ هاڻي قبائلي ماڻهن لاءِ سچ پچ ته مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

انيتا محسود چيو ته جن خاندانن جو تعلق وزيرستان آهي، انهن خاندانن کي پنهنجي اهڙي پسمنظر سبب وڏن شهرن ۾ ڪرائي وارو گھر وٺڻ ۾ به هاڻي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون.

ڏکڻ وزيرستان جي رهواسي سينيٽر صالح شاهه جو چوڻ هو ته، محسود قبيلي يا ڪنهن خاص قبائلي علائقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي وڏن شهرن اندر پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن پاران حراسان ڪرڻ وارو ڪو عمل سندس مشاهدي ۾ ناهي آيو.

سينيٽر صالح شاهه محسود ڪجهه ڳالهيون ياد ڪندي پوليس عملدارن جي رويي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته کيس ڪنهن ڪم ڪار سانگي اسلام آباد اچڻو هيو ۽ پوليس کيس ته ڪٿي به نه روڪيو.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ سان تعلق رکندڙ هڪ قبائلي گل نواز ٻڌايو ته هو پنهنجي ڳوٺ جي هڪ مريض کي علاج خاطر اسلام آباد وٺي ويو هو، سندس دماغ ان وقت چڪرائجي ويو جڏهن اسلام آباد جي جاڙي شهر راولپنڊيءَ ۾ قائم ٽن هوٽلن جي انتظاميا کين رهائشي ڪمرا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري مجبور ٿي هنن رات مسجد ۾ گذاري.

سائوٿ ايشين ٽيررزم پورٽل (ايس اي ٽي پي) جو چوڻ آهي ته، ٻين ديسي دهشتگرد گروپن جي ڀيٽ ۾ ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن، جيڪي پاڪستاني طالبان طور به مشهور آهن، کي وڌيڪ موتمار تصور ڪيو وڃي ٿو.

انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته، قبائلي علائقن اندر ويڙهه ۾ اضافو اچي وڃڻ کانپوءِ انهن علائقن ۾ هڪ لک فوجي جوان ۽ نيم فوجي دستن جا اهلڪار به وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا. قبائلي علائقن ۾ ٿيل ويڙهاند جي نتيجي ۾ عام شهرين، دهشتگردن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جو ڪافي جاني نقصان ٿيو آهي.

رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته، سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ 2008 کان شروع ٿيل ڇتي ويڙهه جي ڪري محسودن جي گھڻائيءَ وارن علائقن جي 4 لک 50 هزار رهواسين کي پنهنجا گھر ڇڏي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ وڃي پناهه وٺڻي پئي.

فاٽا رسرچ سينٽر (ايف آر سيءَ) جي ڊائريڪٽر سيف الله محسود جو چوڻ هو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ وزيرستان يا ڪنهن مخصوص قبيلي جي ماڻهن سان مختلف رويي تحت پيش اچڻ مجرماڻي غفلت ڪرڻ جي برابر آهي. اها خبر سڀ ڪنهن کي آهي ته پاڪستان جي سول توڙي فوجي آفيسرشاهيءَ ۾ محسود قبيلي جي ماڻهن جو ڪردار انتهائي اهيمت جوڳو آهي ۽ وزيرستان پرڳڻي جا ماڻهو نار وارن ملڪن ۾ محنت ڪري جهجهي تعداد ۾ غيرملڪي ناڻو ڪمائي وطن اماڻيندا رهن ٿا.

فاٽا رسرچ سينٽر پاران 2013 ۾ ترتيب ڏنل هڪ رپورٽ مطابق، فاٽا ۾ رهندڙن جو تعداد 35 لک آهي ۽ هي پرڳڻو به انهن علائقن ۾ شامل آهي جيڪي عدم استحڪام واري صورتحال سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.
فاٽا رسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر چيو ته ڪجهه ماڻهن جي غلط اعمالن سبب ڪنهن هڪ قبيلي يا علائقي جي ماڻهن کي نشانو نه بنائڻ گھرجي.

ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ وارن سببن جي ڪري پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تحت، اسلام آباد پوليس جي هڪ سينئر عملدار چيو ته، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي قبائلي پرڳڻن سان تعلق رکندڙ ماڻهن متعلق هڪ غلط تاثر قائم ڪيو ويو آهي.

انهيءَ پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته کيس يقين آهي ته سواءِ چند ماڻهن جي ٻنهي وزيرستانن سان تعلق رکندڙ باقي سمورا ماڻهو قانون جي پاسداري ڪندڙ آهن ۽ اسان پوليس اهلڪارن کي اهي هدايتون ڏيندا رهندا آهيون ته قبائلي علائقن جي ماڻهن کي اجايو تنگ نه ڪيو وڃي.

ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ سينئر پوليس آفيسر رحمت خان جو چوڻ هو ته هن مشاهدو ڪيو آهي ته فاٽا جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙن کي عام طور تي ۽ وزيرستان سان تعلق رکڻ وارن کي خاص ڪري چيڪ پوسٽن وٽ حراسان ڪيو ويندو آهي. حڪومت پاران اهڙي اثرائتي مهم هلائي وڃڻ گھرجي جنهن تحت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن کي اهي هدايتون ڏنيون وڃن ته اهي قبائلي ماڻهن کي حراسان نه ڪن ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن پهريان ئي ڪافي تڪليفن کي برداشت ڪيو آهي.

فاٽا رسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته قبائلي عوام لاءِ قائم ٿيل غلط تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙي قسم جا قدم کنيا وڃن ته ان جي جواب ۾ سيف الله محسود چيو ته قبائلي پرڳڻي جي سياستدانن ۽ سول سوسائٽيءَ کي گھرجي ته دهشتگرديءَ واري سوچ جي اثرائتي خاتمي لاءِ موثر ڪوششون ڪن ۽ مقامي ماڻهن کي اهو احساس ڏيارين ته دهشتگرديءَ جي ڪري هتان جي ماڻهن کي ڪيڏيون نه تڪليفون ڀوڳڻيون پيون ۽ اڃان به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here