لنڊي ڪوتل، خيبرايجنسي: رخسانه سلطان افعانستان جي سرحدن ڀرسان قائم قبائلي ضلعي ڪُرم ايجنسيءَ جي علائقي لَنڊي ڪوتل ۾ موجود اڪيلي ڇوڪرين جي اسڪول جي استاد آهي.

عدم استحڪام جي وَرِ چڙهيل سرحدي علائقي ۾، ٻار پڙهائڻ واري ڪم تي مردن جو غلبو رهندو آيو آهي. تعجب جي ڳالهه ته اها به آهي جو وفاق جي انتظام وارن قبائلي علائقن فاٽا ۾ بنهه ٿوريون عورتون ئي گھر کان ٻاهر نڪري سگھنديون آهن، اهڙي ماحول ۾ رخسانه پاران جنهن ملازمت جي چونڊ ڪئي وئي آهي ان ۾ گھڻي ڪم ڪري سگھڻ جا موقعا موجود نه آهن.

رخسانه سلطان جسماني تندرستيءَ بابت تعليم ڏيڻ واري انسٽرڪٽر آهي. جڏهن هوءَ ڇوڪرين کي جسماني تندرستيءَ جي تربيت ناهي ڏئي رهي هوندي ته فرصت واري ان وقت ۾ هوءَ ڇوڪرين کي ڪلاس اندر پڙهائيندي به آهي ته کين چارديواريءَ اندر توڙي کليل ميدان ۾ کيڏجي سگھندڙ راندين بابت تربيت پڻ ڏيندي رهندي آهي.

رخسانه سلطان جو چوڻ هو ته، جسماني ڪسرتن ۽ راندين وسيلي ڇوڪرين جو اعتماد وڌندو آهي جڏهن ته مرداڻي غلبي واري قبائلي سماج جي پردي واري بندش سبب مونجهه ۾ رهندڙ ڇوڪرين جي راندين وسيلي حوصلي افزائي پڻ ٿيندي آهي ڇو ته گھر جي چارديواريءَ ۾ بند رهندڙ ڇوڪرين کي هونئن به گھر کان ٻاهر نڪرڻ جا گھٽ موقعا ئي ملن ٿا.

رخسانه سلطان جو چوڻ هو ته ”مون ملازمت جو اهو پيشو پاڻ چونڊيو جنهن تي مردن حاوي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته مان سمجهندي آهيان ته عورت جيڪڏهن ارادو ڪري وٺي ته ڪو به ڪم ڪرڻ ناممڪن نه آهي. مثال طور عورتون رانديون کيڏي سگھن ٿيون. منهنجون شاگردياڻيون نه صرف ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال کيڏي سگھن ٿيون پر کليل ميدان ۾ کيڏجي سگھندڙ  لانگ جمپ، هاءِ جمپ ۽ ٻين راندين ۾ به حصو وٺي سگھن ٿيون“.

مرداڻي قبائلي سماج جي قدامت پرست رواجن سبب رخسانه سلطان جهڙين عورتن جي گھر کان ٻاهر وڃي ڪم ڪرڻ جي حوصلي شڪني ڪئي ويندي آهي ۽ والدين پنهنجي نياڻين کي صرف ايتري ئي اجازت ڏيندا آهن ته هو ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ وارو ڪم ڪري سگھن ٿيون.

گذريل 15 سالن کان قبائلي پرڳڻي ۾ ويڙهاند واري صورتحال دوران جڏهن اسڪولن کي ويڙهاڪن پاران بارودي مواد سان تباهه پئي ڪيو ويو ۽ انساني جانين جو تحفظ مکيه مسئلو بڻجي چڪو هيو ته اهڙي ماحول ۾ ٻين علائقن جون عورتون نوڪري ڪرڻ خاطر قبائلي علائقي ڏانهن اچڻ جي همت به ساري نه پئي سگھيون جنهن جي ڪري علائقي ۾ ملازمت پيشه عورتن جي اڻهوند وارو معاملو بحران جي شڪل اختيار ڪري ويو.

”سوشيو اڪنامڪ اينڊ پوليٽيڪل اسٽيٽس آف وومن ان فاٽا-دي پروسيس آف ڊولپمينٽ اينڊ فينامينا آف مليٽينسي“ جي عنوان سان فاٽا رسرچ سينٽر (ايف آر سي) جي محقق نائله امان خان پاران ترتيب ڏنل تحقيقي مقالي ۾ چيو ويو آهي ته ”قبائلي علائقن ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيندڙ ادارن جو مکيه مسئلو تربيت يافته ۽ مستند استادياڻين جي اڻهوند به آهي. مستند ۽ تربيت يافته استادياڻين جي عدم موجودگيءَ ۾ فاٽا اندر ڇوڪرين جي تعليمي ادارن کي موثر ۽ معنيٰ خيز انداز سان هلائي نه ٿو سگھجي“.

رپورٽ ۾ چيل آهي ته ”روايتي طور تي، فاٽا ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ لاءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورت استاد موجود آهن ۽ فاٽا ۾ جيڪي به عورتون اسڪولن اندر ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ واري ملازمت ڪن ٿيون اهي هميشهه خيبرپختونخواه صوبي جي مختلف علائقن کان ڪهي اتي اچن ٿيون. جڏهن ته سيڪيورٽيءَ جي خراب تر ٿي ويل صورتحال جي ڪري اهڙي قسم جي ڪيترين ئي عورت استادياڻين فاٽا وڃي تعليم ڏيڻ وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته ڪجهه استادياڻين کي دهشتگردن قتل پڻ ڪيو هيو“.

مقامي طور عورت استادياڻين جي کوٽ ٿي پوڻ واري صورتحال ۾ اهي قبائلي علائقن ۾ آباد اقليتين جون عورتون ئي آهن جيڪي ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ لاءِ اڳتي نڪري آيون، انهن عورتن جو تعلق پشتون نسل سان نه آهي. جيتوڻيڪ ٿورائيءَ ۾ رهندڙ اهڙا گھراڻا مقامي ماحول ۾ ضم ٿيل آهن، سندن عورتون مقامي روايتن مطابق پردي ڪرڻ واري رواج توڙي ٻين رسمن جون پاسداري به ڪن ٿيون، ان هوندي به مذهبي اقليتن جي انهن ماڻهن عورتن کي تعليم پرائڻ توڙي نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڏئي قبائلي علائقن اندر به پنهنجو ترقي پسند تشخص برقرار رکيو آهي. اهڙين ئي عورتن مان هڪ ٻي 35 سالن جي ياسمين آرا آهي جنهن جو تعلق مقامي عيسائي آباديءَ سان آهي.

خيبرايجنسيءَ جي لَنڊي ڪوتل سب ڊويزن ۾ جنم وٺندڙ ياسمين آرا علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي فاصلاتي تعليم واري پروگرام تحت بي اي ۽ پرائمري ٽيچنگ ڪورس (پي ٽي سيءَ) جي ڊگري وٺڻ کان اڳ ڇوڪرين لاءِ قائم هڪ مقامي اسڪول مان تعليم پرائي، ڇو ته قبائلي علائقن ۾ عورتن جي اعليٰ تعليم پرائڻ خاطر ڪو به ادارو موجود نه آهي 2007 ۾ ياسمين آرا کي لَنڊي ڪوتل جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول اشخيل ۾ استاد طور مقرر ڪرڻ جو آرڊر ڏنو ويو.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي ياسمين آرا ٻڌايو ته ”سخت گير پشتون سماج ۾ به اسان پاڻ کي ڪڏهن اقليتي گروهه تصور ناهي ڪيو ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهواسان سان هميشهه عزت ۽ اخلاق سان پيش ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته 60 عيسائي عورتن، ڇوڪرين کي تعليم ڏئي کين با اختيار بنائڻ وارو پيشو اختيار ڪيو آهي“.

اسسٽنٽ ايجنسي ايجوڪيشن آفيسر حيدر علي آفريديءَ جو چوڻ هو ته، لنڊي ڪوتل ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪل 55 اسڪول قائم ٿيل آهن جن ۾ هڪ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ 04 گورنمينٽ مڊل اسڪول به شامل آهن جن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ڇوڪريون تعليم پرائي رهيون آهن.

حيدر آفريديءَ جو چوڻ هو ته کين هڪ اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ خاطر گھٽ ۾ گھٽ ٽن استادياڻين جي گھرج آهي پر جيئن ته قابل عورت استادن جي کوٽ آهي ان ڪري ئي هنن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ واري ڪم خاطر عيسائي برادريءَ جي عورتن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته ”اقليتن سان تعلق رکندڙ اهي استادياڻيون پنهنجي ملازمت ڪرڻ ۾ مخلص آهن ۽ پنهنجون ذميواريون انتهائي سٺي انداز سان نڀائي رهيون آهن. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ هاڻي به استادياڻين جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن. پڙهيل لکيل عورتن کي گھر کان ٻاهر نڪري نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ واري روايتي پابنديءَ جو زور اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ٽٽڻ شروع ٿي ويندو جنهن بعد کين عورت استادياڻين جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.

عيسائي برادريءَ سان تعلق رکندر هڪ ٻي عورت استاد ڪائنات اينڊريس جو چوڻ هو ته، هن تعليم ڏيڻ وارو پيشو پنهنجي مرضيءَ سان ناهي چونڊيو پر پنهنجي والدين جي مدد ڪرڻ خاطر هن شعبي ۾ آئي آهي. تعليم ڏيڻ باعزت ڪم آهي پر هن نرس ٿيڻ چاهيو پئي.

ڪائنات ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته هن ميڊيڪل جي شعبي ۾ وڃڻ پئي چاهيو پر والدين چيو ته هوءَ تعليم جي شعبي ۾ نوڪري ڪري. استاد ٿيڻ سندس پهرين ترجيح نه هئي پر جيئن ته فاٽا ۾ عورتن لاءِ نوڪرين جا گھڻا موقعا موجود ئي نه آهن ان ڪري هن هيءَ نوڪري ڪئي. هاڻي هوءَ پنهنجي نوڪريءَ مان مطمئن آهي ۽ ان ڳالهه جي حامي آهي ته اقليتن توڙي مسلمان گھراڻن جي ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ واري پيشي ۾ اچي پنهنجي والدين جي مدد ڪرڻ گھرجي“.

ڪِرن ايڊوِن، جنهن تازو ئي ڪاليج سطح جي تعليم مڪمل ڪئي آهي، اها پڻ لَنڊي ڪوتل جي هڪ نجي اسڪول ۾ استاد طور ملازمت ڪري ٿي. ان جو چوڻ هو ته، سندس والدين ۽ ڀائرن کي جيئن ته ڪا به نوڪري نه هئي ان ڪري مٿس زور ڀريو ويو ته هوءَ ئي ڪا نوڪري ڪري. ڪِرن جو چوڻ هو ته، مقامي طور تي عورت استادياڻين جي کوٽ هجڻ جي ڪري هن جون ڪيتريون ئي ويجهيون مائٽياڻيون سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ استاد واري نوڪري ڪن ٿيون.

لَنڊي ڪوتل جي عيسائي برادريءَ جي سربراهه ارشد مسيح چيو ته، هن پنهنجي ٻارن تي مسلمانن جهڙا نالا رکيا آهن ۽ هو مقامي اڪثريت وارن ماڻهن جي ٻولي پشتو ڳالهائيندا آهن. هن جو چوڻ هو ته، جيتوڻيڪ هنن جو لڳ لاڳاپو پاڪستان سان آهن ۽ ملڪ خاطر هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا، پر ان باوجود هن ملڪ ۾ ساڻن ٻئي درجي واري شهريءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. بنيادي ۽ آئيني حقن لاءِ کين ڊگھي جدوجهد کانپوءِ به پاڪستان جي رياست کين ”بي“ درجي واري ڊوميسائل جو حق ڏنو.

ارشد مسيح جو چوڻ هو ته ”جيتوڻيڪ عيسائين کي پاڪستان ۾ اقليت تسليم ڪيو ويندو آهي پر انهن پاڪستان جي ماڻهن ۽ رياست جي هميشهه خدمت ڪئي آهي ۽ مختلف ادارن اندر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رهن ٿا. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته اسان جي خدمتن جو کليل اعتراف ڪيو وڃڻ گھرجي“.

Leave a Reply