لاهور (دردانه نجم وٽان) پنجاب ۾ هن سال به پٽاٽن جو فصلو انتهائي ڀلو ٿيو آهي. پنجاب جي آبادگارن لاءِ هي گھڙيون خوشيءَ ۽ ٿڪ لاهڻ واريون هجڻ گھرجن ها، پر مناسب اگهه حاصل نه ڪري سگھڻ واري بيوسيءَ جي ڪري هو مايوسيءَ جو شڪار آهن. آبادگارن ۾ ڏک جي اها ڪيفيت ان ڪري آهي جو موجوده اگھن جي حساب سان ته سندن خرچ ئي مشڪل سان نڪري سگھندا.
پيداوار وڌي وڃڻ ڪري پٽاٽن جي في ڪلو جو اگهه 25 روپين مان گھٽجي 7 روپيا في ڪلو تي اچي پهتو آهي. پنجاب جي زرعي ترقيءَ واري کاتي پاران ڏنل سرڪاري انگن اکرن موجب مقامي مارڪيٽ ۾ پٽاٽي جي کپت 27 لک ٽن آهي جڏهن ته هن سال پٽاٽن جي 37 لک ٽن پيداوار حاصل ٿي آهي.

:Photo by News Lens Pakistan/
:Photo by News Lens Pakistan/

پنجاب جي شهر ساهيوال کان 15 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع هڪ ڳوٺ 6 آر جو رهواسي اِڪرام الحق 11 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي ۽ گذريل ٽن سالن کان پٽاٽن جي اگھن ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن سبب هڪ کانپوءِ ٻئي بحران کي منهن ڏيندو پيو اچي. هِن سال به هن جي مشڪل اها آهي ته پٽاٽن جي پيداوار حاصل ڪرڻ تي آيل خرچ جيترا پيسا به کيس مشڪل سان ئي ملي سگھندا.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي اڪرام الحق چيو ته ”هڪ ايڪڙ تي پٽاٽن جو فصل اپائڻ تي لڳ ڀڳ هڪ لک روپيا خرچ ٿي ويندا آهن ۽ منهنجي 11 ايڪڙ زمين جي حساب سان مون 11 لک روپيا خرچ ڪيا آهن. پيداوار وڌيڪ لهڻ جي ڪري مونکي هڪ ايڪڙ مان ٿيل پٽاٽن عيوض مشڪل سان 60 هزار ملي رهيا آهن، ان جو سڌو سڌو مطلب آهي ته سمورا پٽاٽا وڪڻڻ بعد مونکي 6 لک 60 هزار روپيا ملندا ۽ 4 لک 40 هزارن جو نقصان ٿيندو“.
پٽاٽن جي ڪل 1320 ڳوڻين مان اِڪرام هن مهل تائين 500 ڳوڻيون وڪرو ڪيون آهن (هر هڪ ڳوڻ ۾ لڳ ڀڳ 3 مڻ 30 ڪلو پٽاٽا ڀريل هوندا آهن). وڪرو ٿيڻ کان رهجي ويلن مان 300 ڳوڻيون هن ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکرايون آهن جڏهن ته باقي سڀ هن جي زمينن تي ڀانڊن ۾ رکيل آهن. اهي بچيل ڳوڻيون هو ان انداز سان وڪرو ڪندو ته جنهن مارڪيٽ ۾ پٽاٽن جي کپت هوندي، هو اتي وڃي اهي وڪڻي سگھندو.
اِڪرام جو چوڻ آهي ته جيڪي پٽاٽا وڪرو ٿيڻ کان رهجي ويا آهن اهي جيڪڏهن وقت سِرِ وڪرو نه ٿي سگھيا ته گرمين جي ڪري خراب ٿي ويندا. ان کان علاوه هن ڪولڊ اسٽوريج ۾ جيڪي پٽاٽا 10 مهينن لاءِ رکرايا آهن انهن جي هڪ ڳوڻ تي کيس 400 روپيا ڪرايو ڏيڻو پوي ٿو جنهن سان فصل تي ايندڙ خرچ ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. اِڪرام پراميد آهي ته ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيل سندس پٽاٽا سٺي اگھ تي وڪرو ٿي ويندا.
نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران جڏهن اِڪرام کان اهو معلوم ڪيو ويو ته مارڪيٽ ۾ گھرج کان وڌيڪ پٽاٽن اچڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ ته هن عام رواجي جواب ڏيندي چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ايئن ٿيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ”پٽاٽن جي اضافي پيداوار ٿيڻ سبب آبادگار جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن حڪومت کي انهن مسئلن جي ڄاڻ هئي، پر ننڍن آبادگارن کي سهولت ڏيڻ توڙي سندن مسئلا ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ حڪومت پاران ڪجهه ناهي ڪيو ويو، نه ئي آبادگارن کي متبادل فصل پوکڻ جي لاءِ ڄاڻ ڏني پئي وڃي“.
اِڪرام الحق نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ”هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ بجاءِ زرعي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اسمن جون قيمتون گھٽ رکڻ لاءِ حڪومت کي سبسڊي ڏيڻ گھرجي ها“. هن ٻڌايو ته بجلي، ڀاڻ، جيت مار دوائن، ڊيزل سميت هر هڪ اسم جا اگھ ڳاٽي ٽوڙ آهن جنهن جي ڪري آبادگار جو جياپو مشڪل ٿي پيو آهي خاص ڪري ان صورتحال ۾ ته وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿي پونديون آهن جڏهن وڏا زميندار پنهنجي زرعي پيداوار سياسي ۽ ذاتي واسطن کي استعمال ڪري وڪڻڻ شروع ڪندا آهن.
اِڪنامڪ سروي آف پاڪستان ۾ ڏنل معلومات مطابق سال 2014-15 دوران زرعي شعبي ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 20.9 سيڪڙو حصو وڌو ۽ مجموعي طور تي 43.5 سيڪڙو روزگار مهيا ڪيو. پاڪستان ڪسان اتحاد (هارين جو اتحاد) جي صدر خالد محمود کوکر پاران اِڪرام الحق جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ويو ته حڪومت کي گھرجي ته اها پوکيءَ هيٺ ايندڙ زمينن کي فصلن ۽ انهن جي کپت جي ڪٿ ڪندي مختلف زونن ۾ ورهائي. هن جي راءِ آهي ته ”فصلن جي پيداوار تي تمام گھڻو خرچ اچڻ سبب اسانجي زرعي پيدوار جا اگھ عالمي مارڪيٽ سان مطابقت رکندڙ ناهن هوندا. اسان سبسڊين جي بنياد تي مشڪل سان ڀارت جو مقابلو ڪري سگھندا آهيون“.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

خالد کوکر جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بدانتظاميءَ سبب ئي قيمتن جي گھٽجي وڃڻ جي ڪري پٽاٽن جو فصل بحران جي وَرِ چڙهيو آهي. مسئلي پيدا ٿيڻ بعد صورتحال مطابق ان جو حل ڪڍڻ واري پاليسي ڊگھي رٿابنديءَ تي ٻڌل نه هجڻ سبب آبادگار برادري حڪومت کي ان مسئلي جو ذميوار قرار ڏئي ٿي.
نيوز لينز پاڪستان کي خصوصي انٽرويو ڏيندي پنجاب جي زرعي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل انجم عليءَ چيو ته ”قيمتن بابت آبادگارن جي نامناسب اميدن جي ڪري ملڪ ۾زرعي پيداوار جي قيمتن جو بحران هر سال پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن سال ۾ آبادگارن کي پٽاٽن جي پيداوار جي بدلي سٺا اگھ مليا ته ان بعد سٺا اگھ ملڻ وارو رجحان ايندڙ سالن ۾ به قائم رهيو پر هاڻي جڏهن عالمي سطح جي طريقي ڪار ۽ قيمتن ۾ هيٺ مٿاهين سبب آبادگارن کي خواهشن موجب اگھ نه پيا ملن ته هو اهو پيا سمجهن ته حڪومت دغا ڪري رهي آهي.
ڊائريڪٽر جنرل زراعت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”ضرورت جون ٻيون شيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي پٽاٽي جي کپت کي وڌائي سگھجي ٿو. انهن ٻن طريقن، هڪ پٽاٽي مان ضرورت جون ٻيون شيون تيار ڪرڻ وارن طريقن کي هٿي وٺرائي ۽ ٻيو پٽاٽا سڌيءَ ريت مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ واري رجحان کي همٿائي، آبادگار جي خالص منافعي کي وڌائي سگھجي ٿو.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

اسان رٿابندي ڪئي آهي ته پٽاٽن جي پِسائي ڪري انهن جو اٽو ٺاهجي، پر هن مهل تائين ان ڏس ۾ نتيجا ڏئي سگھندڙ قدم کڄي ناهن سگھيا. سڄي دنيا ۾ پٽاٽن جي اٽي جي صنعت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، ان صنعت کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ سان پٽاٽي جي پيداوار ۽ اگھن کي بهتر ڪرڻ ۾ گھڻي مدد ملندي“.
انجم عليءَ وڌيڪ چيو ته ”انويسٽمينٽ (سيڙپڪاري) بورڊ ۽ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو کي ان ڏس ۾ ڪم ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته آبادگارن کي مالي فائدو ڏيڻ لاءِ حڪومت پٽاٽن جي اضافي پيداوار کي ملڪ کان ٻاهر وڪرو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن“.
پنجاب حڪومت جي وڻن (قلمي ٻوٽن) جي تحفظ واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد طارق خان پاران ايڪسپورٽ ڪيل پٽاٽن جا انگ اکر نيوز لينز پاڪستان کي فراهم ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته پٽاٽا ملڪ کان ٻاهر اماڻڻ جي شروعات فيبروري 2016 ۾ ڪئي وئي ۽ هن مهل تائين مختلف ملڪن ڏانهن 10,2704.335 ٽن پٽاٽا موڪليا ويا آهن، جن مان گڏيل عرب امارتن ڏانهن (29890.268 ٽن)، سري لنڪا ڏانهن (35852.887 ٽن)، ملائيشيا ڏانهن (7996.5 ٽن)، قطر ڏانهن (2665 ٽن)، بحرين ڏانهن (18259.13 ٽن)، عمان ڏانهن (6193.44 ٽن)، ڪويت ڏانهن (899.7 ٽن)، مالديپ ڏانهن (191 ٽن)، سنگاپور ڏانهن (377 ٽن) ۽ صوماليه ڏانهن (349.575 ٽن) اماڻيا ويا آهن. حڪومت پاران اهڙا قدم کڻڻ باوجود آبادگار برادري اهو سمجهي ٿي ته حڪومت ساڻن ڄڻ ته ڪا ٺڳي ڪئي آهي.
پنجاب جي زراعت واري وزير فرخ جاويد کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي آبادگارن ۽ حڪومت کي پري ڪري ڇڏين ٿا، ان جي جواب ۾ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي زراعت واري وزير اها حامي ڀري ته حڪومت ۽ آبادگارن وچ ۾ رابطي جي کوٽ آهي ۽ حڪومت اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته رابطي جي ان کوٽ کي ختم ڪيو وڃي.
هن ٻڌايو ته ”پهرين مارچ 2016 تي پنجاب جي وڏي وزير پاران زراعت متعلق لاهور ۾ هڪ ڪانفرنس سڏائي وئي هئي جنهن ۾ زرعي سائنسدانن، تحقيق ڪرڻ وارن ۽ ترقي پسند آبادگارن توڙي ٻين شراڪت دارن شرڪت ڪئي ۽ انهن مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويو جن کي آبادگار مُنهن ڏئي رهيا آهن“.
پنجاب جي زراعت واري وزير ان ڳالهه جي به تائيد ڪئي ته حڪومت پاران آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ گھرجن ۽ فصلن جي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اسمن جا اگھ گھٽائڻ گھرجن.
جڏهن ته، لاهور ۾ واقع سينٽرل پنجاب يونيورسٽيءَ جي اڪنامڪس شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر قيس اسلم آبادگارن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ”هڪ ته زرعي شعبو ٽيڪس ادا ڪرڻ کان لنوائي ٿو، ٻيو ته اهي اهڙا قدم نه کڻي رهيا آهن جن تحت جديد طريقن وسيلي فصلن جي پيداوار وڌائي سگھجي“. هن اهو پڻ چيو ته زرعي پيداوار جا اگھ وٺي ڏيڻ واري معاملي کان حڪومت پاڻ کي پري رکي ۽ ٿيڻ اهو گھرجي ته آبادگارن جي مدد صرف ادارن ذريعي ئي ڪئي وڃي ته بهتر آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here