پشاور: احمد عليءَ نالي هڪ شخص جو پٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ روئندو رهندو آهي. هن جي هڪ مائٽ کيس ٻڌايو ته هن جي پٽ تي جن جو واسو ٿيل آهي. انهيءَ مائٽ ئي کيس اها صلاح ڏني ته هو پنهنجي 22 سالن جي پٽ کي چُهٽيل جن ڀڄائڻ لاءِ روحاني طاقت واري پير وٽ وڃي.

پنهنجي گھرڀاتين سان صلاح ڪرڻ بعد احمد عليءَ فيصلو ڪيو ته پٽ کي خيبرپختونخواه صوبي جي صوابي شهر سان تعلق رکندڙ پير وٽ وٺي ويندو. عامل جي ٺڪاڻي تي پهچي هن ڏٺو ته تمام گھڻا ماڻهو  اتي پنهنجي مسئلن جي حل خاطر اچي رهيا هئا.

احمد عليءَ ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن جو تعداد تمام گھڻو آهي جيڪي پنهنجي مسئلن ڪاروبار ۾ نقصان، جيون ساٿيءَ سان لاڳاپن، اولاد نه ٿيڻ ۽ محبوب حاصل ڪرڻ جهڙن معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ عامل سان لهه وچڙ ڪري رهيا هئا.

احمد عليءَ جي جنهن مائٽ کيس پٽ جو علاج روحاني پير کان ڪرائڻ جي صلاح ڏني، ان جو چوڻ هو ته جِن جي قابوءَ ۾ آيل ماڻهن جو علاج ڪرائڻ بابت هن هڪ اشتهار ڪيبل ٽي ويءَ جي هڪ چينل تي ڏٺو هيو. سڄي ملڪ جي عاملن ۽ حڪيمن پاران پنهنجي مشهوريءَ خاطر هاڻي ميڊيا جي اشتهارن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي ٿو ته جيئن گھڻي کان گھڻن ماڻهن تائين سندن ڳالهه پهچي سگھي.

سندن مشهوريءَ وارا اشتهار پاڪستان ۾ ڪيبل ٽي وي آپريٽرن جي سمورن مکيه چينلن تي هلندي ڏسي سگھجن ٿا. پيمرا رولز 2009 تحت پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) انهن ڪيبل آپريٽرن کي چينل هلائڻ ۽ ضابطي هيٺ رکڻ جو ڪم ڪندي رهي پئي.

ڪيبل ٽي ويءَ جا سمورا چينل عطائي ڊاڪٽرن، نيم حڪيمن ۽ عاملن کي هٿي وٺرائيندا رهن ٿا. حد ته اها ٿي وئي آهي ته ملڪي سطح جا خبرون ڏيڻ وارا نيوز چينلز به اهڙو علاج ڪرڻ وارن جا اشتهار هلائيندا رهن ٿا. هن معلوماتي اسٽوريءَ خاطر ”ٽرٿ ٽريڪر“ پاران هڪ نيوز چينل جي نشريات جو غور سان مشاهدو ڪرڻ جي نتيجي ۾ معلوم ٿيو ته انهيءَ چينل تي هر ڪلاڪ دوران پنجن منٽن تائين عاملن جي مشهوريءَ وارا اشتهار نشر ڪيا وڃن ٿا. اهي چينل پنهنجي ناظرين جي ذهنن ۾ قديم دور جي عقيدن واري ان رواجي علاج جا تفصيل اوتي رهيا آهن جن تي ڏکڻ ايشيا جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهو عمل ڪندا هئا.

”عقيدي پرستي ۽ جديد طرز وارو علاج“ جي عنوان تحت ٿيل هڪ اڀياس دوران 953 اهڙن مريضن جيڪي آپريشن لائق بيمارين ۾ ورتل هئا، انهن جي راءِ وسيلي روحاني علاج ۽ ان بابت مختلف عقيدن جي محرڪن بابت مشاهدو ڪيو ويو. ان اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته ”مختلف عقيدي پرستين جي بنياد تي مسئلا حل ڪرائڻ جو رجحان مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن اندر وڌيڪ آهي. مردن ۾ اهو رجحان 47.31 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ اهو رجحان 52.53 سيڪڙو آهي“.

اهو تحقيقي اڀياس ”پروفيشنل ميڊيڪل جرنل“ ۾ 2014 دوران شايع ٿيو. ان اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته شهرن سان تعلق رکندڙ مريضن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙيءَ وارو پسمنظر رکندڙ ماڻهو روحاني علاج ۾ وڌيڪ يقين رکن ٿا. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته روحاني علاج ڪرائڻ جي حوالي کان تعليم يافته هجڻ يا نه هجڻ واري شرح جو ڪو وڏو فرق موجود نه آهي.

ٽي ويءَ جي اشتهارن ۾ مسئلن جي حل بابت تاڪيد ڪندڙ ٻولي استعمال ڪندي ماڻهن جو ڌيان ڇڪرايو وڃي ٿو.  ”هڪ اشتهار وسيلي ڏسندڙن تي زور ڀريو ٿو وڃي ته ڇا توهان جو محبوب توهان کي پسند  نه ٿو ڪري، ڇا توهان محبوب کي قابو ڪرڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ اسان سان رابطو ڪيو“. انهيءَ پيغام سان گڏ ئي عامل جا موبائل نمبر به اسڪرين تي ڏنا وڃن ٿا.

پيمرا طرفان سيٽلائيٽ ٽي وي چينلن، ايف ايم ريڊيو ۽ ڪيبل ٽي وي چينلن وسيلي اهڙا اشتهار هلائڻ مٿان پابندي مڙهيل آهي ان باوجود ڪيبل ٽي ويءَ جي چينلن تي عاملن ۽ روحاني علاج ڪرڻ وارن جا اشتهار بنان روڪ ٽوڪ هلندا رهن ٿا.

مارچ 2016 ۾ پيمرا طرفان جاري ٿيل هڪ حڪمنامي وسيلي سمورن ڪيبل آپريٽرن کي هدايت ڪئي وئي ته ”اهڙي نوعيت جو مواد جيڪو عاملن، روحاني علاج ڪرڻ وارن متعلق هجي اهو نشر ڪرڻ بند ڪيو وڃي“. جيڪڏهن هن حڪم تي عمل نه ڪيو ويندو ته ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا.

”ٽرٿ ٽريڪر“ وٽ پيمرا جي انهيءَ حڪمنامي جي هڪ ڪاپي موجود آهي، جيڪا چئي رهي آهي ته ”هڪ شهريءَ جون شڪايتون ٻڌڻ بعد پيمرا سندس فرياد کي اڪلائڻ خاطر سمورن سيٽلائيٽ ٽي وي چينلن، ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن ۽ ڪيبل ٽي وي آپريٽرن کي حڪم ڏئي ٿي ته هو عطائي ڊاڪٽرن، حڪيمن، پيرن (تعويذ، ڌاڳا ڦيڻا ڏيندڙن) ۽ روحاني عاملن بابت اشتهار پنهنجي نيٽ ورڪ وسيلي هلائڻ بند ڪن، جيڪي به هن حڪم تي عمل نه ڪندا انهن خلاف سخت قدم کنيا ويندا“.

اليڪٽرانڪ ميڊيا بابت ضابطه اخلاق 2015 جي شق 7 جو قلم 14 واضح ڪري ٿو ته ”لائسنس رکندڙ (سيٽلائيٽ چينل ۽ ڪيبل ٽي وي آپريٽر) هرگز اهڙو اشتهار هلائي نه سگھندو يا ڪاري جادوءَ، وهم پرستيءَ ۽ غير مستند علاج کي ڪنهن به صورت ۾ هٿي وٺرائي نه سگھندو“.

خيبرپختونخواه لاءِ پيمرا جي ريجنل ڊائريڪٽر راحت عليءَ جو چوڻ هو ته ”روحاني علاج ڪرڻ وارن جي اشتهارن تي ته سخت پابندي مڙهيل آهي، سواءِ ان صورت ۾ ته ڪو چينل صحت واري کاتي کان ”نو آبجيڪشن وارو سرٽيفڪيٽ“ حاصل ڪري جنهن وسيلي اها ضمانت حاصل ٿئي ته روحاني علاج واري ڪنهن دوا مان يا روحاني علاج سان عوام جي صحت کي ڪو خطرو نه پهچي.

هن کي جڏهن اهو ٻڌايو ويو ته ڪيبل چينلن تي اهڙي قسم جا اشتهار هلي رهيا آهن ته ان جي جواب ۾ راحت عليءَ چيو ته ”ڪيبل ٽي وي چينل هلائڻ لاءِ سيٽلائيٽ واري نشريات جي ڪا ضرورت نه ٿي هجي ۽ خيبرپختونخواه صوبي ۾ 2 سو ڪيبل آپريٽر آهن جيڪي پنهنجا 600 چينل هلائين پيا انهن سمورن چينلن تي نظر رکڻ پيمرا انتظاميا لاءِ اعصاب ٿڪائي وجهندڙ ڪم آهي.

هن ٻڌايو ته، پيمرا جو عملو اهڙن اشتهارن تي ڪَرڙي نظر رکندو آهي جيڪي روحاني عامل پيسا ڏئي هلرائين ٿا پر هو گھڻو ڪري شهرين جي شڪايتن تي انحصار ڪندا آهيون. ”جڏهن به پيمرا کي اهڙي قسم جي اشتهار متعلق عوامي شڪايتون وصول ٿينديون آهن ته هو لاڳاپيل ڪيبل آپريٽر خلاف تڪڙا قدم کڻندا آهن.

راحت عليءَ جو چوڻ هو ته ”بندش پيل اشتهار نشر ڪرڻ جو ڏنڊ عام طور تي 10 هزار مقرر ٿيل آهي پر ڀڇڪڙيءَ ۽ مواد جي نوعيت تحت اهو وڌي هڪ لک روپيا به ٿي سگھي ٿو. پيمرا جي قانون تحت ايف ايم ريڊيو ۽ ڪيبل ٽي وي چينلن تي صرف انهن حڪمين جا اشتهار ئي هلائي سگھجن ٿا جن صحت واري کاتي کان ”نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ“ حاصل ڪري ورتو هوندو آهي.

2016 ۾ ملڪ اندر عاملن ۽ روحاني علاج ڪرڻ وارن جي ڪاروبار مٿان لڳل پابنديءَ خلاف داخل ٿيل هڪ عدالتي ڪيس جي سماعت ڪندي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ راءِ ڏني هئي ته ملڪ ۾ اهڙو ڪو به قانون موجود نه آهي جنهن وسيلي عاملن ۽ روحاني علاج ڪرڻ وارن تي ضابطو رکي سگھجي. جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، عدالت حڪومت کي اها هدايت پڻ ڪئي ته سڄي ملڪ اندر عطائي توڙي روحاني علاج ڪرڻ وارن کي اهڙي ڪم جي اجازت ڏيڻ ۽ کين صابطي ۾ آڻڻ وارو ڪم ڪيو وڃي. عدالت اهو پڻ چيو ته انهيءَ قسم جو علاج عوام جي بهتريءَ لاءِ موذون نه آهي.

ان هوندي به عاملن جو اصرار آهي ته ”هو ڪجهه به نه ٿا ڪن سواءِ ان جي ته مقدس ڪتابن جي آيتن وسيلي ضروتمندن جو علاج ڪن ٿا“. چارسده سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙي ئي عامل، جيڪو پنهنجو نالو ظاهر نه ٿو ڪرڻ چاهي، ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هو ته بس تعويذن تي قرآن پاڪ جون آيتون لکي ڏيندا آهن باقي الله ئي انهن آيتن وسيلي سندن مسئلا ختم ڪندو آهي. هن جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي روحاني علاج وسيلي تمام گھڻن ماڻهن جا مسئلا ختم ٿيندا رهيا آهن.

ان هوندي به هن اها ڳالهه پڻ ڪئي آهي ته ”روحاني علاج ڪرڻ وارا ڪيترائي عامل جعلي به آهن جيڪي مسئلن جي ماريل ماڻهن سان ڌوڪو ڪن ٿا ۽ ڪاري جادو جهڙا غيرقانوني طريقا استعمال ڪري ماڻهن جا جهجها پيسا ڳڙڪائي وڃن ٿا.

هڪ ٻئي تحقيقي اڀياس، جيڪو ”جرنل آف پايونيئرنگ ميڊيڪل سائنس“ ۾ شايع ٿيو ان مطابق ”انساني نفيسات جي بهتر واڌ ويجهه خاطر عقيدو انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو پر روحاني علاج وارا طريقا اهڙا ضرور هجڻ گھرجن جن کي مريض جي طبي علاج طور استعمال ڪري سگھجي“.

”مسلمان مريضن جو روحاني علاج بابت عقيدو ۽ ڊاڪٽرن جو مذهب ڏانهن لاڙو“ جي عنوان سان لکيل هڪ تحقيقي مضمون جيڪو ”پاڪستان هارٽ جرنل“ ۾ شايع ٿيو، ان مضمون ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائيندڙ 76 سيڪڙو مريضن کي بيمارين مان شفا وٺڻ خاطر تعويذ ٻڌل هوندا آهن.

پشاور ۾ واقع خيبرپختونخواه ٽيچنگ اسپتال سان لاڳاپيل نفسيات جي هڪ ڊاڪٽر اعزاز جمال کي روزانو هڪ سو مريضن جو معائنو ڪرڻو هوندو آهي. انهن مريضن مان 10 سيڪڙو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي ذهني پريشانين/ بيمارين جي علاج خاطر ميڊيڪل اسپتال اچڻ کان پهريان ئي روحاني علاج ڪرائي چڪا هوندا آهن.

ڊاڪٽر اعزاز جمال جو چوڻ هو ته ”ذهني مسئلن ۾ الجهيل اڪثر مريض تڏهن ئي جديد نفيساتي علاج وارن طريقن ڏانهن مائل ٿيندا آهن جڏهن سندن مسئلو انتهائي الجهي ويندو آهي ۽ هو پنهنجا هزارين روپيا روحاني علاج ڪرڻ وارن تي لٽائي چڪا هوندا آهن“.

ڊاڪٽر اعزاز جمال کان جڏهن اهو معلوم ڪيو ويو ته، مريضن کي عاملن کان علاج ڪرائڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي؟ جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”مريض انهن وٽ وڃي ان اطمينان محسوس ڪن ٿا ڇو ته عامل به نفسياتي بيمارين جي جديد علاج مطابق ذهني رهنمائي ڪن ٿا، پر گھڻي وقت کانپوءِ محض مريضن جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ کين مشورا ڏيڻ سان ئي کين فائدو نه ٿو ٿئي ان لاءِ جديد علاج به ضروري آهي. ڊاڪٽر اعزاز جمال ٻڌايو ته، انهن مريضن جن کي روحاني علاج جي فائدن تي وڌيڪ يقين آهي انهن مان گھڻن جو تعلق خيبرپختونخواه صوبي جي ڏاکڻين علائقن ۽ مالاڪنڊ، چارسده توڙي مردان ضلعن سان هوندو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here