لاهور (دردانه نجم وٽان) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪڪڙين جي قيمتن مقرر ڪرڻ واري جنهن پاليسيءَ متعلق واعدو ڪيو هيو، هُو ان پاليسيءَ کي لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. هڪ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل معيشت جي ماهر جو چوڻ آهي ته اهڙي پاليسيءَ جي عدم موجودگيءَ سبب ڪڪڙين جي وڏن وڏن واپارين کي مارڪيٽ تي ڌاڪ ڄمائڻ جو موقعو ملي ويو آهي.

لاهور ۾ واقع يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب ۾ اڪنامڪس جي پروفيسر قيس اسلم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت ننڍن واپارين کي ڪڪڙ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ کان روڪي رهي آهي پر ساڳئي وقت ئي انهن واپارين جن وٽ پنهنجا پروسيسنگ پلانٽ آهن انهن کي اهڙي اجازت ڏئي رهي آهي ته اهي ڪڪڙ انهن اگھن تي وڪرو ڪن جيڪي کين پسند هجن.

قيس اسلم جو چوڻ هو ته ڇا هو ان ڳالهه جو يقين ڪري وٺن ته جن آبادگارن ۽ ننڍن واپارين کي اگھن واري لسٽ تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻايو پيو وڃي اهي ان صورت ۾ ڪڪڙ جي معيار کي ڪيرائي ڇڏيندا؟.

مالي سال 2016-17 جي بجيٽ کانپوءِ واري پنهنجي تقرير ۾ خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار واعدو ڪيو هو ته زنده ڪڪڙ ۽ ڪڪڙ جي گوشت جون قيمتون ترتيبوار 145 ۽ 199 روپيا في ڪلو کان مٿي وڌڻ نه ڏنيون وينديون، پر عام واپارين کي پابند بڻائي، حڪومت جيتوڻيڪ ڪڪڙ جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪرائي ورتي آهي ان هوندي به اهي واپاري جيڪي هڪ نالي تحت مختلف هنڌن تي قائم وڏن دڪانن کي ڪڪڙ فراهم ڪندا اهي ڪڪڙ کي اڃان به مهانگي اگهه 450 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪري رهيا آهن.

قيس اسلم جو چوڻ هو ته حڪومت غريبن کي لُٽي اميرن جو پيٽ ڀري رهي آهي. ڪڪڙ تيار ڪرڻ وارن ڪارخانن (پروسيسنگ پلانٽس) ۾ ٻين شين کان علاوه ڪڪڙن کي فارم کان ڪارخاني ۽ پوءِ دڪان تائين پهچائڻ، ڪڪڙن کي ذبح ڪري ان جي گوشت جي پيڪنگ ۽ ان کي ٿڌين مشينن ۾ محفوظ رکڻ وارين سمورين سهولتن کي قائم ڪرڻ تي 4 ارب روپين جي لاڳت اچي وڃي ٿي.

Chicken Tariff
brands selling chicken through a chain of Brand outlets across the country Selling chicken for Rs 450/Kg : Photo by News Lens

پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن جي اڳوڻي چيئرمين عبدالباسط چيو ته، ڪڪڙ جون قيمتون مقرر ڪرڻ وارو طريقه ڪار غلطين سان ڀريل آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عبدالباسط ٻڌايو ته قيمتن جي هڪ حد مقرر ڪرڻ بجاءِ، حڪومت ڪڪڙ جي سراسري قيمت 145 روپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏي آهي، پورو سال ڪڪڙ هاڻي انهيءَ اگھ تي وڪرو ٿيندي ۽ اهو موقعو پڻ موجود رهندو ته ڪڪڙ جي طلب وڌڻ بعد ۾ ان ۾ واڌارو به ڪري سگھبو.

عبدالباسط اهو پڻ ٻڌايو ته ”زنده ڪڪڙ وٺندڙ هڪ گراهڪ کي صرف 45 سيڪڙو گوشت حاصل ٿي سگھندو آهي باقي 55 سيڪڙو حصو کنڀن، پرن ۽ چنبن جي صورت ۾ ضايع ٿي ويندو آهي. خريدار في ڪلو زنده ڪڪڙ حقيقت ۾ 240 روپيا في ڪلو جي حساب سان خريد ڪندو آهي. هن جو چوڻ هو ته، حڪومت ڪڪڙ جي واپارين کي ڪڪڙن جي کاڌ خوراڪ (پولٽري فيڊ) مٿان ٽيڪس هڻڻ جو ڌڙڪو ڏئي انهن اگھن تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.

ڪڪڙ وڪرو ڪندڙ هڪ دڪاندار محمد شفقت ٻڌايو ته خريدار حقيقت ۾ جيئري ڪڪڙ جي گوشت جو هڪ ڪلو 145 روپين ۾ خريد ناهي ڪندو. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي محمد شفقت چيو ته خريدار کي ڪڪڙ جو هڪ ڪلو گوشت 240 روپين ۾ پلئه پوندو آهي.

هوڏانهن قيس اسلم پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت جي موجوده رويي مان نظر اچي پيو ته اها ڪڪڙ جي معيار ۽ صحت بخش هجڻ واري پاسي کي نظر انداز ڪري رهي آهي. کيس يقين آهي ته زنده ڪڪڙ ۽ ان جو گوشت ترتيبوار 145 ۽ 200 روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته خريدارن کي غيرمعياري ڪڪڙ ڏني ويندي.

هن اهو پڻ چيو ته ڪڪڙ جي قيمتن جو منظم طريقه ڪار لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي گھرجي ته پهريان ڪڪڙ جي پالنا پوءِ ان کي سپلاءِ ڪرڻ واري سموري سلسلي جي مڪمل جاچ پڙتال ڪرڻ بعد فيصلو ڪري. معيار کي نظرانداز ڪري صرف قيمتن کي ضابطي هيٺ آڻڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته ان جو معيار بهتر نه رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here