پاڪستان ۾ ٻارن جي استحصال ۾ واڌ

0
2977

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ٻارن خلاف زيادتين ۽ ڏاڍ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان قانون نه هجڻ ۽ موجود پاليسين تي عمل نه ٿيڻ ڪري صورتحال خراب ٿي آهي. انساني حقن بابت مملڪتي وزير ممتاز احمد تارڙ اهڙي رپورٽ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته ٻارن خلاف استحصال ۾ واڌ آئي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2017 دوران پاڪستان ۾ جنوريءَ کان جون تائين ٻارن جي استحصال جا 1762 واقعا ظاهر ٿيا، جن ۾ 1089 پنجاب، 490 سنڌ، 42 خيبرپختونخواه ، بلوچستان ۾ 76 جڏهن ته وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 56 ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 9 واقعا سامهون آيا.

قومي اسيمبليءَ جي هڪ مميبر جي سوال جي جواب ۾ پيش ڪيل انگ اکر پوليس کاتي ۽ سماجي تنظيم ساحل وٽان حاصل ڪيا ويا. ان اين جي او جي رپورٽ موجب 2016 جي ڀيٽ ۾ تشدد جي واقعن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. 2016 دوران 4139 وقعا پيش آيا جنهن ۾ 2410 واقعا ڇوڪرين خلاف پيش آيا. جڏهن ته 50 سيڪڙو متاثر ن جي عمر ڇهن کان 15 سالن جي وچ ۾ هئي.

پاڪستان ۾ اٽڪل 40 سيڪڙو آبادي 18 سالن کان گهٽ آهي پر قانوني طور انهن جي تحفظ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن بابت حقن جي ڪنوينشن جي 1990 کان توثيق ڪئي آهي پر پنهنجي ڪمٽمينٽ جي برخلاف ان تي عمل لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ناهن ورتا.

ٻارن جي قومي ڪميشن جي عملدار اعجاز احمد قريشيءَ جو چوڻ هو ته هڪ محتاط اندازي موجب پاڪستان ۾ روزانو 11 ٻار تشدد جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته 40 سيڪڙو ٻار غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. تازو ئي قومي اسيمبلي هڪ بل پاس ڪندي ٻارن سان جنسي تشدد جي سزا 14 سالن کان وڌائي 20 سال ڪئي آهي.

اهو بل پيش ڪندڙ مسرت احمد زيب ٻڌايو ته ٻارن جو جنسي استحصال ڪرڻ جي موجوده سزا صرف ٻن کان ست سال آهي، ان لاءِ سزا کي سخت بنائڻ ضروري هيو. هن نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسانکي ٻارن کي استحصال کان بچائڻ سميت سندن بهتر زندگيءَ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

FIR of Kasur Child Abuse case: Photo by News lens Pakistan

ياد رهي ته پورنوگرافيءَ خلاف سزا وڌائڻ وارو خيال ان بحث جي نتيجي ۾ نڪتو جڏهن 2015 دوران پنجاب جي قصور ضلعي ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍ جو وڏو واقعو سامهون آيو. جڏهن ته ڪي پي صوبي جي سوات ۾ پڻ اهڙو وقعو پيش آيو هو.

مملڪتي وزير نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت ڪرمنل لا (سيڪنڊ امينڊمينٽ) ايڪٽ 2016 به پاس ڪيو آهي جيڪو ٻارن سان زيادتين کي روڪڻ لاءِ آهي. جڏهن ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري چائلڊ پروٽيڪشن بل 2017 پڻ تيار آهي.

حڪومت نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف دي چائلڊ ايڪٽ 2017 پاس ڪيو آهي جنهن تحت هڪ ڪميشن ٻارن جي حقن کي يقيني بنائيندي. هوڏانهن پنجاب حڪومت جي چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو 9 ٻارن جي تحفظ جا مرڪز قائم ڪيا آهن. چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2011 تحت 12 مرڪز به قائم آهن، جيڪي ٻارن کي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر سردار عبدل کيتران اسيمبلي جي فلور تي ٻڌايو هو ته ننڍي عمر جي قيدين ۾ 90 سيڪڙو نشي ۽ جنسي استحصال جو شڪار آهي ۽ ان جو وڏو سبب ننڍي عمر جي قيدين لاءِ الڳ جيل جو نه هجڻ آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ سماجي روين جي ڪري ٻارن سان جنسي استحصال جا ڪيترائي واقعا ظاهر نٿا ڪيا وڃن. جڏهن ته قانوني امداد ۽ عدم تحفظ سبب به اهي واقعا سامهون نٿا اچن.

ساحل پاران ڪيل هڪ سروي جنهن ۾ پڇيو ويو هيو ته ڇا توهان ڪڏهن جنسي استحصال جهڙوڪ گهوري جسم کي ڏسڻ، غلط طريقي سان جسم تي هٿ ڦيرڻ، جنسي ڏاڍ، چميون يا ڪا ٻي اهڙي نوعيت جي حرڪت کي منهن ڏنو آهي ته 80 سيڪڙو ماڻهن جو جواب ها ۾ جواب آيو.

اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ انٿروپولوجي جي سينئر استاد عبدالوحيد چوڌريءَ جو چوڻ هو ته اسانجي خانداني سرشتي ٻارن کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري هو والدين کي ڪجهه به ٻڌائي نٿا سگهن. اسانکي ڪا خبر ناهي ته هو ڇا ٿا ڪن، ڪهڙيون تصويرون ڏسن ٿا يا ڪهڙي سنگت ۾ آهن، ان ڪري اسانکي قانون کان وڌيڪ سماجي ڳانڍاپي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ان حوالي سان والدين ۽ سول سوسائٽيءَ کي به ڪردار ادا ڪرڻ کپي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here