ڪراچي: پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۽ معاشي مرڪز ڪراچيءَ ۾ 06 سالن جي نينگريءَ کي جهڙيءَ ريت جنسي وحشت جو نشانو بڻايو ويو ان بعد والدين ۾ پريشانيءَ جي لهر ڦهلجي وئي آهي.

پوليس ۽ طبي رپورٽن مطابق، سويرا نالي نينگريءَ کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو، جيڪا بعد ۾ گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ هڪ نالي مان سخت تشدد ٿيل حالت ۾ هٿ آئي.

ويجهڙائيءَ واري وقت کان پاڪستان اندر ٻارن جي جنسي استحصال وارن واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. اسلام آباد مان ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري سماجي تنظيم ”ساحل“ پاران ڪيل تحقيق جي نتيجي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سال 2015 جي ڀيٽ ۾ 2016 جي اڌ تائين اهڙن ڏوهن ۾ 36 سيڪڙو واڌارو ڏٺو ويو. ساحل تحقيقاتي ادارو آهي، جيڪو ملڪ اندر ٻارن مٿان ٿيندڙ هر قسم جي تشدد وارن واقعن جي نگراني ڪندو آهي.

”مددگار هيلپ لائين“ جي بانيڪار ضياءَ احمد اعواڻ جي راءِ آهي ته پاڪستان ۾ غربت، جهالت، ڪمزور قانوني سرشتي ۽ سرڪاري اختيار ڌڻين پاران جوابدارن خلاف بي دليءَ سان ڪئي ويندڙ ڪارروائيءَ وارن سببن جي ڪري ٻارن مٿان اهڙي تشدد جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. هن پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته، ٻارن جي جنسي استحصال وارن واقعن کي روڪي ڇڏڻ يا انهن ۾ گھٽتائي آڻڻ وارو عمل تيستائين ناممڪن آهي جيستائين ملڪ اندر انهيءَ استحصال جي بنيادي سببن کي ختم نه ڪيو ويندو.

”سيوِ دا چلڊرن“ نالي عالمي اداري پاران 2003 ۾ ”ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي چئن ملڪن افغانستان، بنگلاديش، نيپال ۽ پاڪستان ۾ جنسي استحصال جو نشانو بڻيل ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن کي ملندڙ نفيساتي مدد جو جائزو“ جي عنوان سان شايع ڪرايل تحقيق ۾ ليکڪ ”ڪيٿ سلجٽ“ پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”ڏکڻ ايشيا جي ملڪن خاص ڪري پاڪستان اندر ٻارن جي استحصال بابت تحقيق جو گھڻو فقدان آهي. انهن ملڪن اندر جنسي استحصال جو نشانو بڻجندڙ ٻارن جا جيڪي انگ اکر ڪٺا ٿيندا رهيا آهن انهن مان 44 سيڪڙو ٻارڙا صرف غربت جي ڪري انهيءَ تشدد جو نشانو بڻجن ٿا“. رپورٽ ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته اها حقيقت آهي ته ٻارن جي جنسي استحصال جو سڀ کان وڏو سبب غربت ئي آهي.

ٻارن سان جنسي زيادتين جا واقعا پاڪستان اندر هڪ منجهيل معاملو آهن ڇو ته ٻارن جي جنسي استحصال سان لاڳاپيل معاملن بابت معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو رواج موجود نه آهي. تعليمي سرشتي ۾ به ان ڳالهه جي اجازت مليل نه آهي جنهن وسيلي پاڪستان اندر ٻارن جي استحصال بابت کليل انداز سان ڳالهائي سگھجي.

غيرسرڪاري سماجي اداري ”ساحل“ پاران ”ظالماڻه انگ اکر“ جي عنوان سان جاري ڪيل تازي تحقيقي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”پاڪستان ۾ روزانو 10 ٻار جنسي استحصال جو نشانو بڻجن ٿا“. انهيءَ اداري پاران سال 2016 جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته، جنوريءَ کان جون 2016 واري عرصي دوران پاڪستان ۾ 2127 ٻارن کي جنسي استحصال جو نشانو بڻايو ويو. اهي انگ اکر انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري رهيا آهن ته سال 2016 دوران ٿيل جنسي استحصال جي واقعن ۾ سال 2015 جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو واڌرو نظر آيو.

ساحل جي ميڊيا مئنيجر ممتاز علي گوهر جو چوڻ هو ته ”جنسي استحصال جو شڪار ٿيندڙ اڪثر ٻارڙا ڪچين آبادين جا رهواسي هوندا آهن، جن جا والدين پنهنجي ٻارن جي پرگهور لهڻ تي گھڻو ڌيان ناهن ڏيندا“. هن اهو پڻ چيو ته، ملڪ اندر ٻارن کي جنسي استحصال جو نشانو بنائڻ جا جيڪي ٻه وڏا سبب سامهون ايندا رهن ٿا اهي غربت ۽ جهالت آهن. ڪچين آبادين اندر ٻارڙا اڪيلي سِر گھمندا رهن ٿا جنهن ڪري سندن جنسي استحصال بابت خطرا وڌيڪ هوندا آهن اهڙو ئي معاملو سويرا نالي نينگريءَ سان پيش آيل واقعي ۾ به مشاهدي هيٺ آيو.

پوليس رپورٽ مطابق، سويرا کي سندس گھر کان ٿوري مفاصلي تان اغوا ڪرڻ بعد ساڻس لڄالٽ ڪئي وئي. جنهن بعد سندس ڪنڌ مروڙيو ويو ۽ ڏوهاري کيس مرده سمجهي گندي پاڻيءَ جي نالي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. سويرا جي پيءُ شبير حسين ٻڌايو ته ”سويرا کي ان وقت اغوا ڪيو ويو جڏهن هوءَ پنهنجي گھر کان ٿورو پري ئي گھمي رهي هئي“. سويرا جو خاندان ملڪ جي سڀ کان وڏي معاشي شهر ڪراچيءَ جي ڪورنگيءَ واري علائقي ۾ واقع هڪ ڪچي آباديءَ ۾ رهندڙ آهي.

سويرا جي پيءُ ٻڌايو ته سندس ڌيءُ هاڻي چاق چڱي ڀلي آهي جڏهن ته ساڻس زيادتي ڪندڙ جوابدار اڃان به قانون جي جڪڙ ۾ اچي ناهن سگھيا. سويرا سان جيڪو واقعو پيش آيو ان جي ڪري سندس گھر وارا توڙي علائقي جا ٻيا ڪيترائي خاندان پريشانيءَ ۽ خوف جو شڪار ٿي پيا آهن. سويرا جي پيءُ ڏکاري لهجي ۾ اهو پڻ چيو آهي ته کيس سويرا سان ظلم ڪندڙ جوابدار گرفتار ٿيڻ جي ڪا گھڻي اميد نه آهي“.

آغا خان يونيورسٽيءَ جي سينئر انسٽرڪٽر ڊاڪٽر سميرا عزيز عليءَ پاران هڪ ٻي محقق ڊاڪٽر سويرا عزيز سان گڏجي ڪيل تحقيق ”ٻارن سان ٿيندڙ جنسي استحصال کين نفيساتي مونجهارن جي وَرِ چاڙهي ڇڏي ٿو“ جي عنوان سان 2014 ۾ جاري ڪئي وئي. ڊاڪٽر سميرا عزيز ٻڌايو ته سندن تحقيق جي نتيجي ۾ پڻ اهو انڪشاف ٿيو هيو ته جنسي استحصال جو نشانو بڻجندڙ اڪثر ٻارڙن جو تعلق ڪچين آبادين يا غريب خاندانن سان هوندو آهي. هڪ ٻيو ڏکوئيندڙ پاسو هي به آهي ته ٻارن جي جنسي استحصال جا جيترا به واقعا پاڪستان ۾ ٿين ٿا انهن ۾ 80 سيڪڙو واقعن جي ته ڪا ايف آءِ آر به داخل ناهي ڪرائي ويندي.

انهيءَ تحقيقي مقالي ۾ اهي سفارشون پڻ ڪيون ويون آهن ته جنسي تشدد جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سندن والدين، استادن ۽ ڊاڪٽرن وسيلي هڪ خاص رويي کي اختيار ڪرڻ جي اشد ضرورت هوندي آهي پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ اهڙي عمل تي گھڻو ڌيان ناهي ڏنو ويندو. ڊاڪٽر سميرا عزيز جي تحقيق ۾ اها صلاح پڻ ڏني وئي آهي ته حڪومت کي ٻارن جي جنسي استحصال کي روڪڻ خاطر موثر قانونسازي ڪرڻ گھرجي ۽ جوابدارن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪري ڇڏڻ گھرجن.

ڊاڪٽر سميرا مطابق، ٻارن کي جنسي استحصال جو نشانو بڻائي قوم جي معمارن جو مستقبل تباهه ڪيو وڃي ٿو ٻارن کي ئي مستقبل جو معمار سڏيو ويندو آهي پر اهي ٻارڙا ئي اسانجي ملڪ ۾ غيرمحفوظ آهن. ٻارن سان جنسي استحصال ٿيڻ بعد سندن خاندان پڻ معاشي ۽ سماجي طور تي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو آهي.

”ساحل“ جي تازي رپورٽ مان کنيل انگن اکرن مان پتو پئجي رهيو آهي ته ڇوڪرن سان اجتماعي بدفعليءَ جي واقعن ۾ به 71 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. جڏهن ته جنسي زيادتيءَ جي ڪوشش وارن واقعن ۾ به 61 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، بدفعليءَ جي واقعن ۾ 41 سيڪڙو واڌ جڏهن ته نينگرين سان جنسي زيادتيءَ جي واقعن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اها واڌ 2015 جي انگن اکرن سان ڀيٽ ڪرڻ جي نتيجي ۾ مشاهدي هيٺ آئي آهي.

رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ٻارن جو جنسي استحصال ڪرڻ وارا سڀ کان گھڻا واقعا پنجاب صوبي ۾ جڏهن ته ٻئي نمبر تي سڀ کان گھڻا 24 سيڪڙو واقعا سنڌ صوبي ۾ ٿيا آهن. جنوريءَ کان جون 2015 جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر سال 2016 دوران ٻارن جي جنسي استحصال وارن واقعن ۾ 77 سيڪڙو جڏهن ته خيبرپختونخواه صوبي اندر اهڙن واقعن ۾ 66 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو.

ساحل پاران 2007 کان 2011 تائين جي واقعن بابت ”پنج ساله جائزو“ جي عنوان سان جاري ڪيل هڪ ٻي رپورٽ وسيلي اها پڌرائي به ٿي رهي آهي ته پاڪستان اندر بدقسمتيءَ سان ٻارن جي جنسي استحصال ۾ هر سال واڌارو ئي ٿيندو رهي ٿو. ”پنج ساله جائزي“ ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن انهن مطابق 2007 ۾ ٻارن سان جنسي استحصال جا 2331 واقعا پيش آيا جڏهن ته 2011 تائين، سواءِ 2008 جي، انهن واقعن ۾ هر سال اضافو ٿيندو رهيو آهي.

انگن اکرن جي جائزي مطابق سال 2009 ۾ ٻارن جي جنسي استحصال وارن واقعن ۾ 9.4 سيڪڙو ۽ 2010 ۾ 10 سيڪڙو واڌارو آيو. جڏهن ته سال 2011 جي ڀيٽ ۾ سال 2012 دوران اهڙن واقعن ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو.

ضياءَ اعواڻ چيو ته ”ٻارن کي جنسي استحصال جو نشانو بنائڻ پاڪستان جو هڪ سنگين مسئلو آهي. ٻارن کي اهڙي ظلم کان محفوظ رکڻ لاءِ حڪومت کي سخت انداز سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ انهيءَ حوالي سان ملڪ ۾ ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ٻارن سان جنسي استحصال جي واقعن ۾ هر سال اضافو ٿيندو ئي رهندو“. هن اهو پڻ چيو آهي ته ماضيءَ ۾ اهڙن ڏوهن بابت رپورٽ داخل نه ڪرائي ويندي هئي پر 2016 دوران مثبت عمل ٿيندي نظر آيو ڇو ته سموري پاڪستان جي 897 عورتن ۽ ٻارڙن قدم اڳتي وڌائيندي سندن تنظيم سان پنهنجي تحفظ بابت رابطو ڪيو.

ضياءَ اعواڻ ٻڌايو ته، ٻارن مٿان ٿيندڙ تشدد جي صرف 10 سيڪڙو واقعن جون خبرون سنڌ ۽ پنجاب جي ميڊيا وسيلي پڌريون ٿين ٿيون جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ اهو رجحان اڃان به گھٽ آهي.

سنڌ صوبي جي صحت وارن معاملن جي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌرو جو چوڻ هو ته، ٻارن سان جنسي استحصال وارن واقعن جو سبب بڻجندڙ مکيه مسئلن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ اهڙن واقعن تي ضابطو آڻڻ تمام گھڻو مشڪل آهي. ٻارن کي جنسي استحصال سميت جيڪي به مسئلا درپيش آهن انهن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جارحاڻي انداز سان ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته انهيءَ حوالي سان سنڌ اسيمبليءَ ڪجهه قانون منظور ڪيا آهن پر مسئلن جي مڪمل خاتمي جي سلسلي ۾ اڃان به ڪيترائي قدم کڻڻ جي ضرورت موجود آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here