پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان پاران مذهبي عالمن جي ان فتويٰ، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٽين جنس سان لاڳاپيل فردن پاران هڪٻئي سان شادي ڪرڻ جائز آهي، جي توثيق ڪندي واضح ڪيو آهي ته شادي ڪرڻ جو اهڙو حق هجڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيف رسرچ آفيسر ۽ تحقيق واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر انعام الله نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته 50 مفتين پاران ان فتويٰ جي تائيد ڪئي وئي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل ملڪ جو اهو آئيني ادارو آهي جيڪو قانونسازيءَ کي شريعت ۽ اسلامي قانونن مطابق ترتيب ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ کي صلاحون ڏيڻ وارو ڪم ڪندو آهي.

مٿي ڄاڻايل فتويٰ تحت ٽين جنس وارن کي اهو حق حاصل ٿئي ٿو ته اهي هڪٻئي سان شادي ڪري سگھن ٿا ۽ اها فتويٰ مفتيءَ جي رتبي وارن 50 مذهبي اڳواڻن پاران پاڪستان شريعت بورڊ جي اجلاس دوران منظور ڪئي وئي. سِول سوسائٽي ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، ٽين جنس سان لاڳاپيل فردن کي جيڪي حق ڏيارڻ چاهين ٿيون ان جدوجهد جي حوالي کان هن فتويٰ کي انتهائي اهميت واري اڳڀرائيءَ طور ڏسي رهيون آهن. ان فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته ”اهي خاندان جيڪي صنف جي بنياد تي پنهنجي ٽين جسن وارن ٻارن کي پاڻ کان ڌِڪي ڌار ڪري ڇڏين ٿا اهي ”گناهه“ جا مرتڪب ٿين ٿا ۽ اهڙن خاندانن کي ”پنهنجي ٻارن سان خراب سلوڪ ڪرڻ سبب خدا آڏو جواب ڏيڻو پوندو“.

انهيءَ فتويٰ وسيلي ٽين جنس وارن لاءِ پاڪستاني معاشري ۾ وسيع پيماني تي موجود امتيازي سلوڪ ۽ ڌِڪار واري رويي جو خاتمو آڻڻ لاءِ تنبيهه ڪئي وئي آهي ته ”ٽين جنس واري سڃاڻپ رکندڙ انسانن سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ تمام وڏو ڏوهه آهي ۽ مسلمانن کي اهڙي عمل کان پرهيز ڪرڻ گھرجي“. فتويٰ ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته ٽين جنس وارن سان غنڊه گرديءَ واري رويي تحت پيش اچڻ يا نفرت جي بنياد تي سندن خلاف ڏوهي ڪارروايون ڪرڻ به سنگين ڏوهه هوندو ۽ هر هڪ کي اهڙي عمل کان پرهيز ڪرڻ گھرجي.

انهيءَ فتويٰ جو شايد سڀ کان اهم نقطو اهو آهي، جنهن ۾ تاڪيد ڪئي وئي آهي ته مسلمانن کي ٽين جنس وارن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ کان لنوائڻ نه گھرجي. هڪ اهڙي ملڪ ۾، جتي ٽين جنس وارن سان نفرت واري سلوڪ ۾ سماجي روين آڌار وڌيڪ اضافو ٿيندو رهي، جنهن ڪري ٽين جنس وارن کي سماج ۾ ڪمتر حيثيت مليل هجي، اهڙي سماج ۾ ماڻهو ٽين جنس وارن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ کان به لنوائيندا آهن، انهيءَ پسمنظر سبب انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون فتويٰ جي مٿي ڄاڻايل تاڪيد کي انتهائي اهم قرار ڏين پيون.

ٽين جنس وارن ۽ مختلف جنسي رجحان رکندڙ ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري بليو وينز جي ڪوآرڊينيٽر قمر نسيم نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اهڙو رويي (جيڪو ٽين جنس وارن جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ کان لنوائڻ بابت آهي) جي ڪري عام ماڻهن جي اها سوچ زور وٺندي رهي ٿي ته ٽين جنس وارن جي حيثيت گناهگار واري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته فتويٰ وسيلي اهڙي تاڪيد ڪرڻ ته ٽين جنس وارا به ٻين عام مسلمانن جيان ئي ان لائق آهن ته انهن جي بخشش ۽ روح کي ثواب پهچائڻ خاطر سندن جنازي نماز ادا ڪئي وڃي، جي مدد سان ٽين جنس واران جي چوگرد موجود ڏند ڪٿائن ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ڳالهين جو خاتمو اچي ويندو ۽ کين انساني رتبو واپس ملي سگھندو.

2009 ۾ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ پاران تاريخي فيصلو جاري ڪندي ٽين جنس وارن کي ٽين جنس طور تسليم ڪيو ويو. انهيءَ فيصلي جي روشنيءَ ۾ ئي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) کي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ (سي اين آءِ سي) ۾ ٽين جنس وارن جي حياتياتي صنف جي نشاندهي ڪرڻ خاطر ٽئين خانو شامل ڪرڻ جا انتطام ڪرڻا پيا. ان باوجود سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ خاطر وڌيڪ قدم کڄڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ٽين جنس ۾ شمار ٿيندڙ عورت جي صنف شناختي ڪارڊ ۾ اڃان به مرد طور لکي وڃي ٿي.

ٽين جنس وارن جي برداريءَ خلاف تشدد جي واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هلندڙ سال جي جون مهيني ۾ 23 سالن جي عورت خواجه سرا عليشا کي مبينا طور تي سندس بواءِ فرينڊ، پشاور ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو. گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل عليشا پشاور جي اسپتال ۾ زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هئي، کيس فوري طبي امداد جي ضرورت هئي پر اسپتال جا ڊاڪٽر انهيءَ مونجهاري جو شڪار رهيا ته هن جو علاج مردن واري وارڊ يا زناني وارڊ ۾ ڪيو وڃي.

گذريل ٻن سالن دوران تسلسل سان ٿيل واقعن جي نتيجي ۾ 45 خواجه سرائن (کدڙن) جي قتل ٿي وڃڻ کانپوءِ خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران سالياني بجيٽ ۾ خطرن جي وَرِ چڙهيل هن برادريءَ کي فني توڙي هنري تربيت ڏيڻ ۽ مالي مدد مهيا ڪرڻ لاءِ 20 لک روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. خيبر پختونخواه جي شي ميل ايسوسيئيشن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صوبي ۾ 50 هزار کان وڌيڪ خواجه سرا موجود آهن.

مالي امداد بابت برطانيه جي عالمي اداري ڊي ايف آءِ ڊيءَ جي سهڪار سان سِول سوسائٽيءَ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هلندڙ منصوبي ”آواز“ تحت ”ٽين جنس واري شناخت: شرم، عزت ۽ جنسيت“ جي عنوان سان ڪرايل اڀياس ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”سندن ذهني ۽ جسماني تڪيلفن جو بنيادي سبب اتان کان شروع ٿئي ٿو جڏهن رياستي مشينري ۽ عام ماڻهن پاران سندن رضامنديءَ جي خلاف جنس جي بنياد تي سندن استحصال ڪيو وڃي ٿو.

اڀياس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”جياپي خاطر هڪ خواجه سرا کي يا ته خوشيءَ وارين محفلن ۾ نچڻو پوي ٿو يا وري رستن تي پنڻو پوي ٿو. پيسن عيوض جسم فروشي ڪرڻ هڪ اهڙي سرگرمي آهي جنهن جي سمورا خواجه سرا سختيءَ سان ترديد ڪن ٿا. اها ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي ته جياپي خاطر ڪمائڻ جا اهي غيرمتوقع طريقا آهن، جيڪي رياست ۽ سماج جي بي حسي ۽ بي قدريءَ سبب کين اختيار ڪرڻا پون ٿا. کين تعليم ۽ روزگار جا باعزت سمجهيا ويندڙ موقعا ميسر نه ٿا هجن.

متحده جميعت اهلحديث پاڪستان جي مرڪزي چيف آرگنائيزر مولانا مقصود احمد سلفيءَ ٽين جسن وارن متعلق فتويٰ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته خواجه سرا معاشري جو مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ طبقو آهن ۽ مذهبي نظرئي جي روشنيءَ ۾ قانونن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ۽ مذهبي عالمن پاران ٽين جنس وارن جي حقن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ متعلق اصولن کي اڀارڻ متعلق فتويٰ ڏيڻ سٺو ورتاءُ آهي.

خواجه سرائن جي ايڪشن الائنس جي صدر ۽ 23 سالن جي عورت خواجه سرا فرزانه جان ٻڌايو ته، کيس اهو ٻڌي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي ته مذهبي عالمن پاران حڪومت تي زور ڀريو ويو آهي ته اها سندن حقن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاليسي جوڙي.

جڏهن ڳالهه ٽين جسن وارن جي هڪٻئي سان شادي ڪرڻ واري نقطي تي پهتي ته فرزانه جان جو چوڻ هيو ته عورت خواجه سرا، مرد خواجه سرا سان شادي ڪرڻ کي پسند ناهي ڪندي ڇاڪاڻ ته سندن روح هڪجهڙا ئي آهن. هن وضاحت ڪندي چيو ته ”خُنثا“ يا گڏيل جنس وارا خواجه سرا ٻنهي نوعيت يعني عورت ۽ مرد وارن جنسي عضون ۽ خاصيتن سميت ڄمندا آهن، اهي مرد يا عورت خواجه سرا سان شادي ڪرڻ کي پسند ناهن ڪندا. فرزانه جان پڇاڻي واري انداز ۾ چيو ته اهڙي صورت ۾ پوءِ خنثا جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟

فرزانه جان جو چوڻ هو ته خواجه سرائن جا روح ته هڪجهڙا ئي آهن پر اهي هڪٻئي سان شادي ڪرڻ کي پسند نه ٿا ڪن، توڙي جو فتويٰ اچڻ کانپوءِ کيس حوصلو مليو آهي پر هو چڱي نموني ڄاڻي ٿي ته سماج خواجه سرائن کي گھٽين ۾ گھمندي به ڏسڻ نه ٿو چاهي انهيءَ سماج جا ماڻهو کين پنهنجي گھرن اندر زال يا مڙس جي حيثيت ۾ ڪيئن قبول ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here