ڪراچي: ڪراچيءَ کان اتر طرف 550 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هڪ ڳوٺڙي سان تعلق رکندڙ چئن ٻارن جي ماءُ سڪينه خاتونءَ جو گھر جڏهن درياهي ٻوڏ جي ورِ چڙهي ويو ته غربت ۽ قدرتي آفت سبب آيل مشڪلاتن کان بچڻ خاطر هن سموري سنڌ لتاڙي ڪراچيءَ ۾ اچي پناهه ورتي، پر نظر ائين ٿو اچي ته آفتون مستقبل ۾ به سندس پويان لڳل رهنديون.

بندرگاهن واري شهر ڪراچيءَ کي پاڪستان جي باقي شهرن سان ڳنڍيندڙ مصروف ترين شاهراهه سپر هاءِ وي ڀرسان ڪراچيءَ جي پسگردائيِءَ ۾ تازو ئي وجود ۾ آيل سِندباد ڪچي آباديءَ ۾ پلاسٽڪ جي ٻورين ۽ گتي جي ڪاغذن سان اڏيل جهوپڙيءَ اندر سڪينه خاتون پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان گڏ زندگي گذاري رهي آهي.
سپر هاءِ وي سان لڳو لڳ ڦهليل ڪچي آبادي جيڪا ڄڻ ته پهاڙي علائقي ۽ روڊ وچ ۾ سينڊوچ بڻيل آهي، تي زندگي گذارڻ لاءِ گھربل بنيادي سهولتن پيئڻ جي پاڻيءَ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ اسڪولن جي اڻاٺ آهي. آگسٽ 2010 کان انهيءَ ڪچي آباديءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي پوليس ۽ زمين ڦٻائڻ وارا ماڻهو زمين خالي ڪرڻ بابت ڌمڪائيندا به رهن ٿا.

ڇهه سال اڳ گرمين واري مند ۾ پيل طوفاني بارشن سبب درياءِ سنڌ جي پاڻيءَ ۾ تمام گھڻو چاڙهه آيو جنهن جي ڪري پاڻيءَ درياءَ جي ڪنارن تي اڏيل بچاءَ بندن مٿان وهڻ لڳو ۽ موجوده وقتن جي تاريخ جي تباهه ڪن ٻوڏ آئي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ صوبي جي اترئين حصي واري ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ درياءَ جي ڪنارن ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ آباد سڪينه خاتونءَ جي ڳوٺ مولاداد چانڊيو ۾ ڪا به شيءِ سلامت نه رهي سگھي.

درياءِ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن تي ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ جوڙيل بچاءَ بندن جي وچ واري علائقي کي عام طور تي ”ڪچو“ سڏيو ويندو آهي. اهو علائقو عام ڏينهن ۾ خشڪ رهندو آهي پر درياءَ اندر پاڻي جي سطح وڌي وڃڻ واري مند دوران اهو علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي. ڪي وقت هيا ته ڪچي جي سمورن علائقن ۾ گھاٽا درياهي ٻيلا هوندا هئا پر بعد ۾ بااثر زميندارن ٻيلا وڍرائي خالي ٿيل زمين تي فصلن جي پوکي شروع ڪرائي. ڪچي جي زمينن ۾ گھڻي ڀاڱي ڀاڄين، چڻن ۽ تِرن جي پوکي ڪئي ويندي آهي. انهن علائقن جا بااثر جاگيردار سڪينه خاتونءَ جهڙن خاندانن جي ماڻهن جون خدمتون هاريءَ طور حاصل ڪندا آهن ۽ اهي هاري گھڻي ڀاڱي زمينن جي ويجهو ئي گھر اڏي رهندا ۽ ڪچي جي زمينن کي آباد ڪندا آهن.

سڪينه خاتونءَ ٻڌايو ته ”رات جو وڳڙو هيو جڏهن ٻوڏ جو پاڻي اسانجي گھرن اندر ڪاهڻ لڳو. اسانجو سڄو ڳوٺ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويو. تڙتڪڙ ۾ گھر جو جيترو سامان کڻي ٿي سگھياسين اهو کڻي بندن ڏانهن هلئي وڃڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻي ڪا واهه ئي نه هئي. ٻوڏ اچڻ کان هڪ هفتو پوءِ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ خاطر اسان ڪراچيءَ هليا آياسين“.

روزانو ڪيترائي ماڻهو اچن ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪري وٺن ٿا. انهن مان اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي آبهوا جي تبديليءَ وارن اثرن سبب پيدا ٿيندڙ ڏکيائين جو شڪار ٿين ٿا.

”سوسا.ئٽي فار ڪنزرويشن اينڊ پروٽيڪشن آف انوائرنمينٽ (SCOPE) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اِي او) ۽ ماحولياتي معاملن جي ڄاتل سڃاتل ماهر تنوير عارف نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”شديد گرمين ۽ برفاني گليشيئرز جي تيزيءَ سان پِگھرڻ سبب آبهوا ۾ تبديلي اچي رهي آهي جنهن ڪري اڻ مندائتين بارشن جو رجحان به پيدا ٿيو آهي. گرمي پد ۾ ايندڙ تبديلين جا اثر يقيني طور تي عالمي، علائقائي ۽ مقامي سطح تي ظاهر ٿي رهيا آهن. اهڙي قسم جي تبديلين جو مشاهدو هر ڪوئي ان ريت ڪري سگھي ٿو ته هلندڙ سال دوران آڳاٽي مُون سون جون برساتون اپريل مهيني ۾ پوڻ شروع ٿيون“.

ٿر جي ريگستان ۾ طويل ڏڪار هجي يا بلوچستان جي آواران ضلعي ۾ آيل زلزلو، اهڙين آفتن سبب ماڻهو مشڪلاتن کي ڀوڳيندا رهن ٿا. انهن کان علاوه جيڪي ماڻهو پنجاب جي ڏاکڻين علائقن جا رهندڙ آهن اهي ان ڪري غربت ۾ پيڙهبا رهن ٿا ڇو ته آبهوا ۾ تبديليءَ سبب زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ زمين گھٽجي رهي آهي. اهڙين آفتن جا ماريل پوءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪرڻ لڳن ٿا.

گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان اندر گرمي پد ۾ شدت محسوس ڪئي پئي وڃي. سنڌ کان 8 سو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع بلوچستان جي شهر تربت ۾ 28 مئي واري ڏهاڙي ايشيا جو سڀ کان شديد گرمي پد 53.5 ڊگري سينٽي گريڊ (128.3 فارن هائيٽ) رڪارڊ ڪيو ويو.

اهڙي قسم جي خراب ترين موسم جي اثرن سبب پاڻيءَ جي کوٽ ۽ موسمي رجحان ۾ تبديلي واقع ٿئي ٿي اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري زراعت تباهه ٿيڻ لڳي آهي ۽ پاڪستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي ماڻهن جي جياپي جو سمورو دارومدار زراعت تي ئي هوندو آهي. ان ڪري اهڙن علائقن مان لڏي وڃڻ عام ڳالهه آهي.
ڳوٺن مان لڏي ويندڙن جي ڳالهه پاڪستان ۾ نئين نه آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سموري ملڪ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جا ماڻهو پنهنجا اباڻا ماڳ نين منزلن جي تلاش ۾ ڇڏيندا رهيا آهن، پر آبهوا ۾ آيل تبديلين سبب پاڻيءَ جي کوٽ ۽ موسمن جي ڦيري واري نئين منطِق پاڪستان جي مختلف موسمن وارن پرڳڻن جي ماڻهن جون زندگيون مشڪلاتن جي ورِ چاڙهي ڇڏيون آهن.

ڪچي وارن علائقن جي ماڻهن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته هر سال ٻوڏ واري مند ۾ ڪچو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي پر اهو چاڙهه تباهه ڪن ناهي هوندو ڇو ته ٻوڏ جي مند ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه اچڻ معمول واري ڳالهه آهي.

بلوچستان جي مڪران واري سامونڊي پٽيءَ ۽ سنڌ جي باراني پرڳڻي وارن ضلعن جا ماڻهو سخت ۽ ڊگهي ڏڪار جي ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اتان جي ماڻهن جي آخري منزل هاڻي ڪراچي آهي.
پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( پي ڊي ايم اي) سنڌ پاران ويجهڙائيءَ ۾ ڪيل هڪ اڀياس جي نتيجي ۾ پتو پيو آهي ته گذريل چئن ڏهاڪن دوران آبهوا ۾ تبديليءَ سبب لڏپلاڻ ڪندڙ لڳ ڀڳ 30 لک ماڻهو ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن.

پي ڊي ايم اي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل سيد سلمان شاهه نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”پاڻِيءَ جي کوٽ ۽ ماحوليات جي خرابين کان متاثر ٿيل ماڻهو پاڪستان جي سمورن وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، حيدرآباد ۽ پشاور ڏانهن منتقل ٿيندا رهيا آهن“.

آبهوا سبب اباڻا علائقا ڇڏي وڏن شهرن ڏانهن لڏي ايندڙ ماڻهن جي گھڻائيءَ جو تعلق ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان آهي ۽ هنرمند نه هجڻ ڪري اهي ڪراچيءَ جهڙي ميگاسٽيءَ ۾ مناسب روزگار حاصل ڪرڻ کان به محروم رهن ٿا. جنهن ڪري عام طور تي اهي رڪشا ڊرائيور، گھريلو ملازم يا هٿ جي ريڙهن وسيلي فروٽ وڪڻڻ واري ڪِرت سان لاڳاپيل هجن ٿا.

پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ (موسميات واري کاتي) امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ سالن دوران موسم ۾ سختين جا ٻيا واقعا به سامهون اچي سگھن ٿا.

موسميات کاتي پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر غلام رسول نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”هر گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ سال دوران گرميءَ پد ۾ وڌيڪ شدت ايندي رهي ٿي. ملڪ جي موسمي صورتحال ۾ ايندڙ ڏينهن دوران وڌيڪ تبديلين اچڻ جا امڪان آهن“.

ان باوجود، ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان جي حڪومت موسمي اثرن سان مطابقت پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي اثرن ۾ گھٽتائي آڻڻ بابت ڪو به ڪم نه پئي ڪري جنهن جي ڪري ئي مستقبل ۾ صورتحال وڌيڪ نقصانڪار ٿي سگھي ٿي.

موسميات کاتي جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر قمر الزمان چوڌري، جيڪو پاڪستان جي سڀ کان پهرين آبهوا ۾ تبديليءَ بابت پاليسيءَ جو مصنف (ليکڪ) پڻ آهي ان چيو آهي ته برفاني گليشيئر جي پگھرڻ سبب پاڪستان جي اتر ۾ واقع گلگت جي پرڳڻي ۾ ٻوڏ ايندي رهي ٿي، پاڪستان جي ڏاکڻين پرڳڻن ۾ گرم جهولي واريون هوائون گھلن ٿيون، پاڻيءَ جا ذخيرا خشڪ ٿيندا رهن ٿا ۽ سخت ڏڪار ڦٽي پون ٿا اهي سڀ آبهوا ۾ تبديليءَ جون واضح علامتون آهن.

ڪراچيءَ جي سندباد واري ڪچي آباديءَ ۾ رهندڙ حاجي محمد عثمان جو چوڻ هو ته کين هيڏانهن اچڻ جي ڪا خواهش نه هئي پرڪراچيءَ اچڻ کانسواءِ وٽن ٻي ڪا واهه به نه هئي. هو ته هاڻي به پنهنجي اباڻن ماڳن ڏانهن موٽڻ چاهين ٿا پر ان ڏس ۾ حڪومت کي اپاءَ وٺڻ گھرجن.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.