ڪوئيٽا (حزب الله خان وٽان) آگسٽ مهيني دوران ڪوئيٽا ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 65 وڪيلن جي مارجي وڃڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي کانپوءِ بلوچستان جي حڪومت انصاف جي تباهه ٿي ويل نظام جي بحاليءَ ۽ نقصان جي پورائي خاطر قانون جي شاگردن ۽ نوجوان وڪيلن کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ خاطر پرڏيهه اماڻڻ واري منصوبي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

قانون، سڌسماءَ ۽ پارلياماني معاملن بابت بلوچستان جي وڏي وزير جي صلاحڪار سردار رضا محمد خان بڙيچ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، حڪومت جلد شاگردن ۽ نوجوان وڪيلن کي پرڏيهه اماڻڻ شروع ڪندي ته جيئن هو اتان اعليٰ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري اچن پر انهيءَ فيصلي کي عملي شڪل ڏيڻ متعلق قاعدن ۽ ضابطن جي تياريءَ وارو ڪم اڃان هلندڙ آهي.

سردار رضا محمد بڙيچ ٻڌايو ته انهيءَ منصوبي تحت ڪنهن کي، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ملڪ اماڻڻو آهي انهيءَ بابت في الحال اسان وٽ ڪو به قاعدو يا قانون موجود نه آهي، ڇو ته هن وقت اسان هڪ ڀوائتي واقعي کانپوءِ واري نقصان جو ازالو ڪرڻ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ان هوندي به، شهيدن جي ٻارن، قانون جي شعبي ۾ تعليم پرائيندڙ هوشيار شاگردن ۽ سٺي ڪارڪردگيءَ وارن نوجوان وڪيلن کي اوليت ڏني ويندي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، بم ڌماڪي ۾ گھڻن وڪيلن جي مارجي وڃڻ سبب صوبي جو انصاف وارو نظام ڄڻ ته مفلوج ٿي ويو آهي ڇو ته مارجي ويل وڪيل تمام گھڻن ڪيسن جي اڪلاءَ واري ڪم ۾ رڌل هيا.

سردار رضا محمد بڙيچ جو چوڻ هو ته وڪيلن جي موت سبب جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان کي ڀري ته نه ٿو سگھجي پر حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان خال کي ڀرڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ شاگردن ۽ نوجوان وڪيلن کي تعليم جي حاصلات لاءِ پرڏيهه اماڻڻ هڪ اهڙو نقطو آهي جيڪو حڪومت جي غور ويچار هيٺ آهي.

بلوچستان جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر مسعود نوشيروانيءَ ٻڌايو ته، 8 آگسٽ واري ڏينهن سول اسپتال ڪوئيٽا ٻاهران ٿيل آپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 112 زخمي ٿي پيا هئا. مارجي ويلن ۾ اڪثريت ڪوئيٽا جي سينيئر وڪيلن جي هئي ۽ اهي سڀ بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال انور ڪاسيءَ کي نامعلوم هٿياربندن پاران قتل ڪرڻ بعد ان جو لاش اتي آڻڻ سبب گڏ ٿيا هئا.

بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي هڪ ميمبر محمد وسيم اڪبر دُمڙ ٻڌايو ته، ايسوسيئيشن جي رڪارڊ موجب سول اسپتال ٻاهران ٿيل بم حملي جي نتيجي ۾ 65 وڪيل حياتي وڃائي ويٺا ۽ 100 زخمي ٿي پيا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ڪجهه زخمي وڪيلن جي حالت اڃان به ڳڻتيءَ جوڳي آهي. محمد وسيم دُمڙ ڄاڻ ڏني ته، بم ڌماڪي کان اڳ ڪوئيٽا ۾ وڪيلن جو ڪل تعداد 5 سو هيو جن مان 2 سو ڄڻا ڪل وقتي وڪالت ڪري رهيا هئا.

ڪوئيٽا جي وڪيل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ڪامران مرتضيٰ مطابق، بم ڌماڪي ۾ جيڪي وڪيل مارجي ويا اهي سڀ سينيئر وڪيل هئا ۽ بلوچستان جي عدالتن ۾ هلندڙ 65 سيڪڙو ڪيسن جي پوئواري ڪري رهيا هئا.

ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته، وڪيلن جي ايڏي وڏي جاني نقصان سبب صوبي ۾ انصاف جي حاصلات جي سلسلي ۾ هڪ بحران پيدا ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته لاڳاپيل وڪيل نه هجڻ ڪري هاڻي عدالتي ڪارروائي ٿي نه ٿي سگھي. سينيئر وڪيلن کي پنهنجي ڪم جو گھڻو تجربو هيو ۽ اهي ڪيسن کي موثر انداز سان هلائي پئي سگھيا. هاڻي ڪيسن جي اڪلاءَ ۾ دير ٿيندي رهندي ڇو ته جونيئر وڪيلن کي ڪيسن کي انهن جي نوعيت مطابق موزون انداز سان هلرائڻ جو تجربو ئي نه آهي.

ڪامران مرتضيٰ صوبي ۾ موجود وڪيلن ۽ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي انگ جي ڀيٽ ڪندي چيو ته، وڪيلن جي ڀيٽ ۾ ڪيسن جو تعداد گھڻو آهي، وڪيلن جو تعداد پهريان ئي گھٽ هيو ۽ هاڻي ته صوبي ۾ سينيئر وڪيلن جي کوٽ ويتر وڌي وئي آهي.

انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکي ڪامران مرتضيٰ تجزيو ڪندي چيو ته، اها صورتحال عدالتي ڪاروهنوار ۽ ماڻهن جي انصاف تائين رسائيءَ واري عمل کي مشڪل بڻائي وجهندي، جهڙي بيدرديءَ سان وڪيلن جي تعداد کي گھٽايو ويو آهي ان جي ڪري هاڻي عوام کي انصاف ڏيارڻ وارا سٺا وڪيل ٿورا وڃي بچيا آهن. ان جا سڌا اثر انساني حقن ۽ صوبي ۾ موجود امن امان واري صورتحال تي پڻ پوندا.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي وڪيل محمد يوسف ڪاڪڙ ٻڌايو ته مارجي ويل وڪيل جن ڪيسن جي پوئواري ڪري رهيا هئا انهن جو اڪلاءُ ڪير ڪرائيندو. بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جا 12، هاءِ ڪورٽ جا 30 وڪيل حياتي وڃائي ويٺا باقي سڀ ماتحت عدالتن ۾ پيش ٿيندا هئا.

محمد يوسف ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته ڪا تحقيق ڪرڻ کانسواءِ انهن ڪيسن جا حقيقي انگ اکر ٻڌائڻ ته مشڪل آهن جن جي پوئواري بم ڌماڪي سبب متاثر ٿيل وڪيل ڪندا هئا پر تجربي جي آڌار تي هو اهو چئي سگھي ٿو ته اهڙا لڳ ڀڳ 6 سو ڪيس هوندا. بازمحمد ڪاڪڙ ۽ ڪيهر شاهه جهڙا سينيئر وڪيل ته روزانو 15 کان 20 ڪيسن جي پوئواريءَ خاطر هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا هئا. يوسف ڪاڪڙ اهو نقطو به سامهون آندو ته سينيئر وڪيلن جي مارجي وڃڻ جي ڪري بار ايسوسيئيشن جي قيادت ڪرڻ وارو مسئلو به سامهون اچي چڪو آهي ڇو ته سڄي قيادت ته بم ڌماڪي جي وَرِ چڙهي وئي.

بم ڌماڪي سبب مارجي ويلن ۾ بار جو اڳوڻو صدر باز محمد ڪاڪڙ پڻ شامل هيو ۽ ڌماڪي کان ڪجهه ڏينهن ئي پوءِ 13 آگسٽ واري ڏينهن بار جون چونڊون ٿيڻون هيون.

بم ڌماڪي جي نذر ٿي ويل باز محمد ڪاڪڙ، پروفيشنل لائيرز گروپ پاران بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدارت جو اميدوار هيو، جڏهن ته ساڳي عهدي لاءِ وڪلا فورم پاران عبدالفتاح ۽ انصاف لائيرز فورم پاران رئوف لهڙي اميدوار طور سامهون اچي چڪا هئا. باز محمد ڪاڪڙ مارجي ويو ۽ باقي ٻنهي زخمي وڪيل اڳواڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ٻين اهم عهدن لاءِ مختلف وڪيل گروپن جا اميدوار بيرسٽر عدنان ڪاسي، عين الدين ناصَر، عبدالغني مشواڻي ۽ ٻيا شامل هئا، اهي سڀ بم ڌماڪي ۾ حياتي وڃائي ويٺا.

صوبي ۾ بيريسٽر سطح جا ڪل 5 وڪيل هئا جن ۾ بيريسٽر امان الله اچڪزئي پڻ شامل آهي، جيڪو بلوچستان يونيورسٽيءَ جي لا ڪاليج جو پرنسپال هيو ۽ جون مهيني دوران نامعلوم هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪري امان الله اچڪزئيءَ کي به شهيد ڪري ڇڏيو. بيريسٽر عدنان ڪاسي سول اسپتال بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو هاڻي صوبي ۾ صرف 3 بيريسٽر بچيا آهن.

محمد يوسف ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته، جيڪو خال پيدا ٿي چڪو آهي ان کي فوري طور تي ڀري ئي نه ٿو سگھجي ڇاڪاڻ ته تجربي جي حاصلات ۽ مڪمل طور تي وڪيل ٿيڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن جو وقت گهربل هوندو آهي. هو سينيئر وڪيلن کان محروم ٿي ويا آهن ۽ جونيئر وڪيلن کي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪيسن وڙهڻ لاءِ تجربو حاصل ڪرڻو پوندو، ان ۾ ڊگھو وقت لڳي ويندو.

اٺين آگسٽ واري ڏينهن ٿيل بم ڌماڪي کان وٺي عدالتي ڪاروهنوار بند پيل آهي. هڪ ڪيس جي حاضريءَ تي آيل رشيد احمد نالي شخص ٻڌايو ته سندس ٻه ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهن، سندس وڪيل مارجي چڪو آهي ۽ ڪيسن جي صحيح انداز سان اڪلاوَ بابت سندس اميد هاڻي گھڻي گھٽجي وئي آهي. رشيد احمد جو چوڻ هو ته ڪيسن جي ڪري هو ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي. جيڪي وڪيل هاڻي هن جهان ۾ ناهن رهيا اهي تجربيڪار ۽ قابل هيا ۽ سندن جونيئر هنن جيترا اهل نه آهن، تنهن ڪري سندس ڳڻتي ويتر وڌي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here