اتر وزيرستان ۾ امن جي اعلانن باوجود ڪرفيو جي سلسلي سبب عوام پريشان

0
2700

اتر وزيرستان ايجنسي: اتر وزيرستان جي تعلقي دوسلي جي رهواسين ان وقت مشڪلاتن کي منهن ڏنو جڏهن اڻڄاتل هٿياربندن پاران ٽن فوجي جوانن جي شهادت ۽ ستن جي زخمي ٿيڻ بعد علائقي ۾ 9 کان 14 آڪٽوبر تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.

علائقي واسي هڪ شخص ٻڌايو ته اهو خراب ترين ڪرفيو هيو ۽ پنجن ڏينهن دوران سرچ آپريشن وسيلي 52 کن ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. اتر وزيرستان جي سياسي انتظاميه جي هڪ عملدار ٻڌايو ته ڪرفيو دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو هو.

علائقي واسين ٻڌايوته ڪرفيو دوران 40 سالن جو ببرائي مبينه طور ڪرفيو جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ماريو ويو، جڏهن ته 52 کان وڌيڪ ماڻهو فرنٽيئر ڪرائيمس ريگيوليشن تحت گرفتار ڪيا ويا.

واضح رهي ته ضرب عضب آپريشن کانپوءِ حڪومت اهي اعلان ڪيا هئا ته علائقو هاڻي ضابطي هيٺ آهي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر آهي پر علائقي واسي اڃان تائين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

مير ڪلام وزير، جيڪو پختون خوا ملي عوامي پارٽي جي علاقائي صدر آهي، نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هن کان اڳ به رزمڪ ۽ ڪوه پري علائقن ۾ به هڪ هفتي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو هيو. ان دوران ئي مير عالي تعلقي جي ڳوٺ حسوخيل ۾ به ڪرفيو لڳائي ميزائيل هٿ ڪيو ويو جيڪو مبينه طور تي سيڪيورٽي ادارن جي ڪئمپ کي هدف بنائڻ لاءِ استعمال ٿيڻو هيو.

ڳوٺ حسوخيل جي رهواسي نور اسلام ٻڌايو ته ويڙهاڪن کي ايف سي آر تحت سزا ڏيڻ بجاءِ اسان کي بغير تحفظ جي ڇڏيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار به ناهن. ڪرفيو سبب کاڌي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي جنهن سبب رهواسي سخت پريشان ٿين ٿا.

واضح رهي ته ڪرفيو دوران ڪنهن کي به نڪرڻ جي اجازت نٿي هجي ۽ جيڪو جٿي هجي ٿو اتي ڦاسي وڃي ٿو، عورتون توڙي ٻارڙا سخت پريشان ٿين ٿا. ياد رهي ته ايف سي آر موجب هر ڪو پنهنجي علائقي جي تحفظ جو ذميوار آهي پر هٿيارن کانسواءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي. جڏهن ته ايف سي آر موجب هڪ ماڻهو ڏوهه ڪيو ته سڄي خاندان کي سزا ملندي.

هوڏانهن مير ڪلام وزير جو چوڻ هو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايڏين چيڪ پوسٽن جي هوندي ويڙهاڪ ڪٿان ٿا اچي وڃن؟ جڏهن ته نور اسلام جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو ائين جاري رهڻو آهي ته پوءِ آپريشن جي ڪهڙي ضرورت هئي.

اتر وزيرستان ايجنسي جي اهم ذميدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته علائقي واسي ڪوڙ ٿا ڳالهائين انهن وٽ وڏي تعداد ۾ هٿيار موجود آهن ۽ جڏهن به آپريشن ڪيو ويندو آهي ته اتان هٿيار هٿ ايندا آهن. هن چيو ته قبائلين جو ذهن تبديل ڪرڻ کانسواءِ کين هٿيار نٿا ڏئي سگهجن.

مير ڪلام جو چوڻ هو ته وٽن ته پسٽول به ناهي. جڏهن ته اتر وزيرستان جي اهم شخصيت اظهر خان جو چوڻ هوته علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ٻنهي عوام ۽ حڪومت جي ذميواري آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا انهن 2500 طالبان جي ڪا نگراني ڪئي پئي وڃي جن کي شفاف قرار ڏئي آزاديءَ سان گهمڻ جي اجازت مليل آهي؟

جڏهن اهو سوال انتظامي عملدار کان پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته هو ويڙهاڪن کي آزاد ڇڏڻ واري عمل جي خلاف آهي، ڇو ته انهن کي سزا ملڻ کپي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here