اسلام آباد: لڳ ڀڳ 09 مهينا اڳ سعودي عرب پاران سلفي مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل مشهور پاڪستاني مبلغ طالب الرحمان راشديءَ کيان جي چئن ساٿين سميت سندس لاڳاپا داعش سان هجڻ واري شڪ تحت حراست ۾ ورتو ويو ته جيئن کانئس وڌيڪ جاچ ڪري سگھجي. اها ڳالهه مذهبي عالم جي هڪ ويجهي مائٽ پاران ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌائي وئي آهي.

جون 2016 ۾ داعش جي ڪيمپ مٿان آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ طالب الرحمان جي پٽ اسامه جي مارجڻ واري واقعي کانپوءِ پاڪستان جي مذهبي عالم ۽ سندس ساٿين جي سعودي عرب ۾ گرفتاريءَ واري خبر به منظرعام تي آئي. انهيءَ ڊرون حملي وسيلي داعش پاڪستان چيپٽر جي سربراهه حافظ سيد خان اورڪزئيءَ کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته مارجي ويلن ۾ اسامه سميت داعش جا ٻيا ڪيترائي ويڙهاڪ به شامل هئا.

طالب الرحمان جي ويجهي مائٽ ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”ڊرون حملي سبب اسامه جي موت کانپوءِ ئي سندن خاندان جي ڄاڻ ۾ اها ڳالهه به آئي ته طالب الرحمان کي سعودي عرب ۾ حراست هيٺ رکيو ويو آهي، طالب الرحمان اڪثر سعودي عرب ويندو رهندو آهي ۽ هاڻوڪي ڀيري هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ توصيف الرحمان ۽ نوجوان پٽ سميت ڀلي پار ويل هيو ته سعودي حڪومت پاران کيس حراست ۾ ورتو ويو، جتي سندس حراست کان اڳ کيس پٽ جي ڊرون حملي ۾ مارجڻ جو اطلاع ڏنو ويو.

انهيءَ مذهبي عالم جو لاڳاپو پاڪستان جي وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد سان آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان هو راولپنڊيءَ جي هڪ مشهور اسلامي مرڪز ۾ جمعي جي نماز وارو خطبو ڏيڻ سبب مشهور ٿي چڪو آهي“.

سندس ويجهي مائٽ وڌيڪ ٻڌايو ته ”طالب الرحمان صرف ۽ صرف مبلغ آهي ٻيو ڪجهه به نه. داعش جي عملن جي هن پاڻ ڪيترائي ڀيرا مذمت به ڪئي آهي جيتوڻيڪ هن کي اها ڄاڻ به پئجي چڪي هئي ته سندس پٽ اسامه جا انهيءَ انتهاپسنداڻي تنظيم سان لاڳاپا قائم ٿي چڪا آهن“. مذهبي عالم جي انهيءَ ويجهي مائٽ، جيڪو پاڻ به هڪ مبلغ آهي، ان اهو انڪشاف پڻ ڪيو ته ”پاڪستان ۾ موجود ڪجهه ماڻهن اسامه کي ورغلائي پاڻ سان ملائي ورتو جنهن بعد هو خاموشيءَ سان پاڪستان ڇڏي هليو ويو.

پهريان اسان داعش جي انهيءَ خيال جا حامي هياسين ته سڄي دنيا تي هڪ مسلمان خليفي جو غلبو قائم هجڻ گھرجي پر پوءِ جڏهن معصوم ماڻهن جي قتل عام واريون سندن ڪارروايون ڏٺيون سين ته پوءِ اسان سِرعام ان جي مخالفت ڪرڻ لڳاسين“.  هن جو چوڻ هو ته ”داعش سان لاڳاپيل عنصر پاڪستان جي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيا آهن“.

ڄاڻايل مذهبي عالم جو گذريل وڏي وقت کان سلفي مسلڪ جي پوئلڳن پاران جوڙيل پارٽيءَ ”جميعت اهلحديث“ سان تعلق  رهندو آيو آهي اها پارٽي گذريل هڪ ڏهاڪي کان وٺي حڪمران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اتحادي پڻ آهي. جميعت اهلحديث جي هڪ سينئر اڳواڻ ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”اسان سعودي حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته طالب الرحمان کي حراست هيٺ رکڻ وارن سببن جي وضاحت ڪن پر سعودي عرب جي اختيارين پاران اڃان ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو“. جميعت اهلحديث جي مرڪزي اڳواڻن ان سلسلي ۾ سعودي عرب جا ڪيترائي چڪر پڻ هنيا آهن.

داعش کا متاثر ٿي ان ۾ شامل ٿيڻ وارن نوجوانن جو قصو هاڻي پاڪستان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي رهيو. پاڪستان جي سڀ کان گھڻي آباديءَ واري صوبي پنجاب جي گھرو کاتي پاران ڊسمبر 2015 ۾ ”داعش (ISIS) پاران پاڪستاني ۽ افغان پناهه گير نوجوانن کي ڀرتي ڪرڻ“ جي عنوان سان جاري ڪيل سرڪيولر ۾ انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ته ”ڪيترائي دهشتگرد گروپ جن ۾ اسلامڪ موومينٽ آف ازبڪستان (القاعده جو اڳوڻو اتحادي گروپ) ترڪستان اسلامڪ موومينٽ سميت افغانستان ۾ موجود ازبڪ ۽ چيچن دهشتگردن، احرار الهند، جماعت الاحرار ۽ لشڪر جهنگويءَ نالي تنظيمن پاران داعش سان الحاق ڪيو ويو آهي“.

انهيءَ سرڪيولر وسيلي اها معلومات به پڌري ڪئي وئي هئي ته ”افغاني طالبان جي اهم ڪمانڊر مولانا عبدالرئوف به داعش ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هو داعش جي دهشتگرداڻين ڪاررواين خاطر جهجها مالي وسيلا خرچ ڪري رهيو آهي.

سرڪيولر ۾ اهو به چيو ويو هيو ته ”داعش پاڪستاني ۽ افغاني پناهه گير نوجوانن کي  30 کان 50 هزار روپيا ماهوار پگھار تحت ڀرتي ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ اهي اطلاع به آهن ته دهشتگرد تنظيم داعش پاران خيبرپختونخواه صوبي ۾ موجود افغان پناهه گيرن جي ”شمشاتو“ ڪيمپ مان 40 کان 50 نوجوانن کي ڀرتي ڪرڻ بعد کين فوجي ويڙهه واري تربيت لاءِ افغانستان اماڻيو ويو آهي. جڏهن ته داعش پاران جن پاڪستاني نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي انهن جو تعلق گھڻي ڀاڱي اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن سان آهي“.

لڳ ڀڳ هڪ هفتو اڳ خيبرپختونخواه صوبي جي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي) ناصر خان درانيءَ ميڊيا کي ٻڌايو هيو ته ”داعش افغانستان سان لڳندڙ سرحدي علائقن وسيلي پاڪستان ۾ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. داعش وارا پاڪستان جي طويل سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ حملا ڪرڻ چاهن ٿا پر اسان سندن اهم ماڻهن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪري رهيا آهيون“.

سال 2016 جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا پاران دعويٰ ڪئي وئي هئي ته داعش پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ تنظيم سان لاڳاپا هجڻ جي بنياد تي ڪجهه مهينن دوران 3 سو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن اهو پڻ چيو هو ته پاڪستان جون اختياريون چوڪس آهن ۽ داعش جي ڪجهه حملن کي ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪام پڻ بڻايو ويو آهي.

انٽيليجنس بيورو آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل آفتاب سلطان ايوان بالا سينيٽ جي گھرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ آڏو هڪ سال اڳ بيان ڏنو هيو ته داعش پاڪستان لاءِ اڀرندڙ هڪ نئين خطري طور زور وٺي رهي آهي ڇاڪاڻ ته لشڪر جهنگويءَ ۽ سپاهه صحابه پاڪستان جهڙن دهشتگرد گروپن جون همدرديون هاڻي داعش سان گڏجي چڪيون آهن.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله به سِرعام اهو بيان ڏنو ته ”پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ هڪ سو کان وڌيڪ پاڪستاني داعش ۾ شامل ٿيڻ خاطر ملڪ کان ٻاهر ويا آهن“. 2014 ۾ ديوبند مسلڪ سان لاڳاپيل اسلام آباد جي لال مسجد جي انتظام هيٺ هلندڙ مدرسي جي شاگردياڻين پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ داعش جي حمايت ڪرڻ وارو پيغام جاري ڪيو ويو.

پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پاران ويجهڙائيءَ ۾ پرتشدد ڪارراويون ڪندڙ دهشتگرد گروپن خلاف ”رد الفساد“ جي نالي سان نئون آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. اهو آپريشن پاڪستان جي سڀ کان مشهور صوفي بزرگ قلندر لعل شهباز جي سنڌ صوبي اندر سيوهڻ ۾ واقع درگاهه ٻاهران وحشتناڪ آپگهاتي بم حملو ٿيڻ کانپوءِ شروع ڪيو ويو آهي. انهيءَ درگاهه تي هر روز سوين ماڻهو شام جي پهر ۾ ٿيندڙ روايتي صوفياڻي رقص واري ڌمال ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. اها ڌمال هڻندڙ ماڻهو ان ۾ مدهوش ٿي ويندا آهن. فيبروري مهيني ۾ درگاهه اندر ٿيل خودڪش حملي جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 90 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته 300 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

حملي کان ڪجهه ڪلاڪ بعد ۾ ئي داعش پاران ان جي ذميواري قبول ڪئي وئي.

ان کان اڳ، 12 نومبر 2016 واري ڏينهن آپگهاتي حملو ڪندي هڪ ٻئي صوفي درويش شاهه نورانيءَ جي بلوچستان صوبي جي حدن ۾ واقع درگاهه کي نشانو بڻائي 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي ڌڙي جماعت الاحرار ۽ لشڪر جهنگويءَ پاران درگاهه شاهه نورانيءَ ۽ ٻين عوامي هنڌن توڙي سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن مٿان ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل خودڪش حملن جي ذميواري قبول ڪئي وئي.

سيڪيورٽي معاملن جي تجزيه نگارن جو چوڻ هو ته، ان ڳالهه هاڻي پڪي ٿي رهي آهي ته جماعت الاحرار جو لاڳاپو داعش سان جڙيل آهي. خيال ڏيکاريو پيو وڃي ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ان جي دهشتگرديءَ ۾ ملوث ٻين گروپن خلاف 20 نقطن واري قومي ايڪشن پلان تحت ڪارروايون شروع ٿيڻ کانپوءِ ئي جماعت الاحرار وجود ۾ آئي آهي. جماعت الاحرار گھڻي ڀاڱي انهن دهشتگردن پاران قائم ڪئي وئي آهي جن پاڪستاني حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو.

جڏهن ته انهيءَ معاملي تي وفاقي حڪومت جي اختيارين، پنجاب جي قانون واري وزير رانا ثناءُ الله ۽ پنجاب جي آءِ جي پوليس مشتاق سُکيرا ٽرٿ ٽريڪر سان ٿيل ڪيترن ئي رابطن دوران داعش جي پاڪستان ۾ منظم انداز واري موجودگيءَ جي ترديد ڪئي آهي. هنن مٿي ڄاڻايل دهشتگرديءَ جي واقعن کي انهن ماڻهن جون انفرادي انداز سان ڪيل ڪارروايون قرار ڏنو آهي جيڪي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ وسيلي داعش کان متاثر ٿين ٿا.

نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽيءَ (نيڪٽا) جي اڳوڻي سربراهه طارق پرويز ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل حملا داعش جي بينر هيٺ دهشتگرد گروپن پاران هڪٻئي سان ڪيل مثالي سهڪار وسيلي ڪيا ويا آهن ۽ انهن حملن ۾ مکيه ڪردار جماعت الاحرار جو آهي“.

طارق پرويز اهو پڻ چيو ته اهي گروپ هن کان اڳ القاعده سان جڙيل هيا ۽ هاڻي ساڳيا ئي گروپ داعش لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا آهن.

طارق پرويز جو چوڻ هو ته، داعش بنيادي طور تي اسلام جي سلفي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ انتهاپسنداڻو گروپ آهي جيڪو سڄي دنيا کي مسلمان رياست ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان ۾ اهو گروپ 2014 دوران منظر عام تي آيو هيو. پاڪستان اندر اهو گروپ سوشل ميڊيا وسيلي منظم ٿيڻ لڳو ۽ ان بعد انهيءَ تنظيم جو جهنڊو ۽ پمفليٽ مختلف وقتن تي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ نظر اچڻ لڳا.

پاڪستان جي حڪومت ڪجهه سال اڳ سرڪاري سطح تي داعش مٿان پابندي مڙهي چڪي آهي. گھرو معاملن واري وفاقي وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، داعش کي پاڪستان اندر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به قيمت تي نه ڏني ويندي.

سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملن جي ماهرن جو چوڻ هو ته، اهڙن گروپن خلاف ڪم ڪرڻ بابت سگھارن سياسي ارادن جي اڻهوند جي ڪري ئي دهشتگرد گروپن کي زور وٺڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

نيڪٽا جي هڪ ٻئي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل خواجه خالد فاروق ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”جماعت الاحرار تحريڪ طالبان پاڪستان کان ڌار ٿيل ويڙهاڪن جو گروپ آهي جيڪي افغانستان مان ويهي ڪارروايون ڪن ٿا ۽ امڪان اهي به ٿي سگھن ٿا ته اهي پاڪستان جي ”دشمن“ کان سڌي ريت مالي مدد وٺي پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ وارو ڪم ڪندا هجن“.

خواجه خالد اهو پڻ چيو ته، اهي رپورٽون به آهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان کان ڌار ٿيل ٻيا ڪيترائي ڌڙا به جماعت الاحرار سان اتحاد ڪري چڪا آهن ۽ انهن ڌڙن جو اهڙو اتحاد پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي.

13 فيبوريءَ 2017 تي لاهور ۾ ٿيل حملي بعد، جماعت الاحرار نالي دهشتگرد گروپ پاران پنهنجي تازي ويڊيو پيغام ۾ پاڪستان اندر وڌيڪ حملا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي واضح ڪيو ويو ته مستقبل ۾ رياستي ادارن ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here