قبائلي علائقن ۾ گھوگھي جو مرض وڌڻ لڳو، هڪ لک مان 395 جي شرح سان عورتون ٻار ڄڻڻ دوران فوت

0
2292

بنون: ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي وارثن جو چوڻ آهي ته، ابتدائي ڪجهه مهينن دوران 23 ٻارڙا گھوگھيءَ جي بيماريءَ سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته فاٽا جي قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواه صوبي جي مختلف حصن ۾ بيماري وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ لڳي آهي.

فاٽا ۾ ”ايڪسٽينشن پروگرام اميونائيزيشن“ (اِي پي آءِ) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر افتخار جو چوڻ هو ته، سندن ڊائريڪٽوريٽ پاران اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي قبائلي علائقن ۾ ٻارن کي انهيءَ بيماريءَ کان بچاءَ واري ويڪسين ڏيڻ وارو ڪم تيز ڪيو ويو آهي.

نيوز لينز پاڪستان کي ڊاڪٽر افتخار ٻڌايو ته ”ٻنهي قبائلي پرڳڻن ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال سبب ٻارن کي گھوگھيءَ جي بيماريءَ کان بچاءَ واري ويڪسين اڳواٽ نه ڏئي سگھيا هئاسين، پر جڏهن اطلاع مليا ته انهن علائقن ۾ اهو موذي مرض پکڙجڻ لڳو آهي ته ان بعد صحت کاتي جي عملدارن کي انهن علائقن جي ٻارن کي بيماريءَ کان بچاءَ واري ويڪسين سرگرم انداز سان مهيا ڪرڻ واري ڪم تي مقرر ڪيو ويو آهي“.

هن ان ڳالهه جي تصديق پڻ ڪئي ته انهيءِ مرض ۾ وٺجي وڃڻ سبب اتر وزيرستان ايجنسيءَ ۾ 10 ۽ ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ ۾ پنج ٻار زندگي وڃائي چڪا آهن. جڏهن ته انهن علائقن ۾ بيماريءَ جي علاج وارين دوائن جي کوٽ پڻ موجود آهي“.

ڊاڪٽر افتخار ٻڌايو ته سرڪاري سطح تي گھوگھيءَ جي بيماريءَ سبب 15 ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته غير سرڪاري طور تي خيبرپختونخواه جي ڪجهه ضلعن مان به ٻارن جي مرڻ جا اطلاع مليا آهن.

هن اهو پڻ واضح ڪيو ته، ٻارن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندڙ انهيءَ موذي مرض کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ٻارن کي ويڪسين جا ٽي ڊوز ڏيڻا هوندا آهن، ويڪسين جو پهريون ڊوز ڏيڻ وارو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻيو ڊوز ڏيڻ وارو عمل ايندڙ مهيني جي ٻئين هفتي کان شروع ڪيو ويندو.

نڪ، ڪن ۽ ڳلي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر اقبال جو چوڻ هو ته، اتر وزيرستان ۾ اچ وڃ جي سڀ کان وڏي گذرگاهه بنون شهر ۾ گھوگھيءَ جي بيماريءَ سبب ٻه درجن ٻارڙا موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. هن خبردار ڪندي چيو ته متاثر ٻارن مان ٻين ٻارن تائين ڦهلجندڙ بيماريءَ ضابطو نه آندو ويو ته ان ۾ وڌيڪ ڦهلاءُ اچي ويندو. ان جو هڪ مثال اهو به آهي ته بيماريءَ سبب متاثر ٿيندڙ ٻارن جي اسپتالن ڏانهن آمد اڃان به هلندڙ آهي.

نيوز لينز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر اقبال ٻڌايو ته خيبرپختونخواه صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ گھوگھيءَ جي مرض کان بچاءَ واري ويڪسين هاڻي ختم ٿي چڪي آهي جنهن ڪري صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي.

خيبرپختونخواه صوبي ۽ قبائلي پرڳڻن ۾ هاڻي بيماريءَ جي علامتن ۽ ان تي قابو پائڻ بابت آگاهي مهم  به شروع ڪئي وئي آهي.

ڏکڻ وزيرستان سان ويجهڙائي رکندڙ ڊيرا اسماعيل خان جي نڪ، ڪن ۽ ڳلي جي بيمارين جي هڪ ٻئي ماهر ڊاڪٽر اقبال محسود ٻڌايو ته هن گھوگھيءَ جي ٻن مريضن جو علاج ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته، انهيءَ بيماريءَ جا جراثيم جڏهن هڪ انسان جي نڪ ۽ نڙيءَ تي حملو ڪندا آهن ته پوءِ اهي جراثيم پنهنجا زهريلا مادا خارج ڪندا آهن جيڪي انهيءَ انسان جي دل، دماغ ۽ گردن کي شديد نقصان پهچائيندا آهن.

هن جو چوڻ هو ته، انهيءَ بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ جو پهريون عمل هي هوندو آهي ته اينٽي ٽاڪسنز جي انجيڪشن لڳائي ويندي آهي جيڪا جراثيمن جي زهريلن مادن کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي وٺندي آهي، پر ڊاڪٽر افتخار جو چوڻ هو ته، گھوگھيءَ جي علاج جون دوائون خيبرپختونخواه صوبي ۽ فاٽا جي اسپتالن ڏانهن هنگامي بنيادن تي اماڻيون ويون آهن.

فاٽا جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي پاران 2012 ۾ آباديءَ ۾ واڌ متعلق لڳايل ڪاٿن مطابق، فاٽا جي آدمشماري وڌي 4 ڪروڙ 30 لک 10 هزار ماڻهن تي پهچي چڪي آهي. ”فاٽا ۾ گھراڻن جي ترقيءَ وارن محرڪن“ جي عنوان سان 2013-14 ۾ ڪيل سروي مان اهو معلوم ٿيو آهي ته، اهي قبائلي پرڳڻا ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ غربت وارا علائقا آهن.

اهو سروي فاٽا سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس اسلام آباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمنٽ سائنسز پشاور جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو. ان سروي جي نتيجن مان پڌرو ٿيو آهي ته، فاٽا ۾ خواندگيءَ جي شرح 33.3 سيڪڙو آهي، ملڪي سطح جي خواندگي شرح 58 سيڪڙو (2013-14) جي ڀيٽ ۾ اها شرح انتهائي گھٽ آهي، جڏهن ته پرڳڻي جي بالغ شهرين جي خواندگي شرح 28 سيڪڙو آهي ان جي ڀيٽ ۾ قومي سطح تي بالغ شهرين جي خواندگي شرح 75 سيڪڙو آهي.

ساڳيءَ ريت سروي جي نتيجن مان فاٽا ۾ صحت جي محرڪن جي ڳڻتيءَ جوڳي تصوير به سامهون آئي آهي. فاٽا ۾ ٻار ڄڻيندڙ مائرن جي موت جو تناسب هڪ لک ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 395 آهي جنهن جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخواه صوبي اندر ساڳيو تناسب هڪ لک ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 275 آهي.

پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ 12 کان 23 مهينن جي عمر وارن ٻارن کي مختلف بيمارين کان محفوظ رکڻ وارين دوائن ملي وڃڻ جي شرح 76 سيڪڙو آهي ان جي مقابلي ۾ فاٽا جي اهڙن ٻارن جي شرح 33.9 سيڪڙو آهي.

ڊاڪٽرن پاران فاٽا ۾ ٻارن کي بيمارين کان بچاءَ واريون دوائون ڏيڻ جي ڪمزور عمل جي ڳالهه ان وقت ڇيڙي وئي آهي جڏهن پاڪستان جي قبائلي علائقن واري پرڳڻي جا اڪثر ٻار ڇهن خطرناڪ بيمارين کان بچاوَ وارين دوائن جي حاصلات کان دهشتگردن خلاف پاڪ فوج پاران منظم ڪارروائي شروع ڪرڻ سبب ماڻهن جي وڏي پيماني تي ٿيل لڏپلاڻ کان اڳ ئي محروم رهجي ويل آهن.

ڊاڪٽر اقبال محسود جو چوڻ هو ته، ڊاڪٽر شڪيل آفريديءَ واري قصي سبب به ٻارن کي مختلف بيمارين کان بچاءَ واريون دوائون پيارڻ ۽ ٽُڪا هڻڻ واري ڪم تي ڪافي منفي اثر پيا آهن.

ڊاڪٽر اقبال محسود وڌيڪ چيو ته، هاڻي وٽن گھوگھيءَ جي مرض کان بچاءَ واريون دوائون موجود آهن پر ٻارن جا والدين اها شڪايت ڪرڻ لڳا آهن ته گھوگھيءَ کان بچاءَ واريون دوائون گھڻيون مهانگيون آهن. هن ٻڌايو ته، گھوگھيءَ کان محفوظ رکندڙ انجيڪشن جي قيمت 60 هزار آهي ۽ غريب ماڻهن جي ايتري سگھ ئي نه آهي جو هو اها خريد ڪري سگھن.

گھوگھيءَ جي بيماري ءَ ۾ ورتل معراج الدين نالي ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ 10 سالن جو هڪ ٻار پشاور جي اسپتال ۾ زندگي بچڻ جي آس هيٺ زير علاج آهي. هن جي چاچي جو چوڻ هو ته معراج الدين جو پيءُ تمام گھڻو غريب آهي ۽ هو سندس علاج جا خرچ برداشت ڪري سگھڻ جي قابل نه آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مريض ٻارڙي جي چاچي چيو ته ”ٻارڙي جو پيءُ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچيءَ جي هڪ نجي ڪمپنيءَ ۾ سيڪيورٽي گارڊ واري نوڪري ڪري ٿو، هن جي ماهوار پگھار 10 هزار رپيا (100 ڊالر) آهي.

ٻئي پاسي ڊاڪٽر افتخار جو چوڻ هو ته، خيبرپختونخواه ۽ فاٽا جي متاثره علائقن جي اسپتالن ڏانهن گھوگھيءَ جي علاج جون دوائون اماڻيون ويون آهن، پر هڪ ٻئي ڊاڪٽر، جنهن پنهنجو نالو کيس ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ سبب ظاهر ڪرڻ کان معذرت ڪئي، جو چوڻ هو ته ”ٻين قبائلي علائقن ۾ به گھوگھيءَ جي بيماري تيزيءَ سان ڦهلجي رهي آهي، جتي لڏپلاڻ ڪري ويل ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاريءَ وارو عمل هلندڙ آهي ۽ جيئن ته انهن جي ٻارن کي بيماريءَ کان بچاءَ واري ويڪسين مليل نه آهي ان ڪري بيماري پکڙجي رهي آهي.

قبائلي علائقي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مولانا جمال الدين ڏکاري لهجي ۾ چيو ته ”دهشتگرديءَ ۽ ويڙهه سبب قبائلي ماڻهو وڏي وقت کان رتوڇاڻ واري صورتحال کي منهن ڏيندا رهيا آهن ۽ هاڻي قدرتي بيماريون کين ستائي رهيون آهن پر حڪومت انهيءَ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه به نه پئي ڪري. قبائلي پرڳڻي جي ٻارڙن ۽ ٻين رهواسين کي صحت جي اضافي سهولتن ۽ علاج جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته دهشتگرديءَ جي انت لاءِ ٿيندڙ ويڙهه دوران هنن تمام گھڻيون قربانيون ڏنيون آهن.

مولانا جمال الدين جو چوڻ هو ته، حڪومت کي گھرجي ته سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي قبائلي ماڻهن جي سهولت خاطر نيون اسپتالون قائم ڪيون وڃن ۽ اتي بيمارين جي علاج لاءِ جديد سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.

اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ هڪ قبائلي چڱي مڙس محمد حامد جو چوڻ هو ته، اهو خدشو شدت سان موجود آهي ته گھوگھيءَ جي بيماري ٻين علائقن تائين پکڙجي ويندي ڇاڪاڻ ته لڏپلاڻ ڪري ويل خاندان واپس پنهنجي اباڻن علائقن ڏانهن اچي رهيا آهن ۽ انهن جي لڳ ڀڳ سمورن ٻارن کي بيماريءَ کان بچاءَ واري ويڪسين هن مهل تائين ناهي ڏني وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here