پشاور (شيراز اڪبر وٽان) ”وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم“ تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن ذريعي ليپ ٽاپ ڏيڻ واري شاگردن جي مطالبي ۾ شدت باوجود کين ڪمپيوٽرن جي فراهميءَ ۾ دير ڪئي پئي وڃي.

هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) مطابق، رٿا جو جيڪو ٻيو مرحلو هن وقت جاري آهي ان تحت هڪ لک ليپ تاپ ڏيڻ جي ڪوٽا مقرر ٿيل آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ 3 لک 15 هزار 227 شاگردن پاران ڪمپيوٽر حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن.

ايڇ اِي سيءَ جي ڊائريڪٽر ميڊيا عائشه اِڪرام نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ليپ ٽاپ ڏيڻ ۾ دير ان ڪري ٿي رهي آهي ڇو ته تمام گھڻن شاگردن ڪمپيوٽر حاصل ڪرڻ خاطر درخواستون جمع ڪرايون آهن، شاگردن جي مطالبي جي جائز هجڻ ۽ مستحق شاگردن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سبب ان ڪم کي اڪلائڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

پشاور يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن ٻڌايو آهي ته هنن ليپ ٽاپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست گذريل سال ڏني هئي ۽ شارٽ لسٽ ڪرڻ باوجود کين اڃان تائين ليپ ٽاپ ناهن ڏنا ويا. پشاور يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي نورالهديٰ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هن ماسٽرز ڊگريءَ جي پهرئين سال دوران ئي ليپ ٽاپ حاصل ڪرڻ خاطر درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ هاڻي ته سندس ڊگري به پوري ٿيڻ واري آهي پر کيس اڃان تائين ليپ ٽاپ ناهي مليو.

وفاقي حڪومت پاران 2013 ۾ سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ ملڪ جي 26 يونيورسٽين جي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري ڪندڙ شاگردن کي وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ ڏيڻ واري رٿا شروع ڪئي وئي هئي. اها رٿا تعليم حاصل ڪرڻ جي طريقن کي جديد بنائڻ توڙي سرڪاري يونيورسٽين جي مستحق شاگردن کي مدد مهيا ڪرڻ جي ارادي هيٺ شروع ڪئي وئي.

اسلاميه ڪاليج يونيورسٽي پشاور جي شاگرد بلال احمد جو چوڻ هو ته، هڪڙا ته اهي مستحق شاگرد به آهن جيڪي پنهنجي ضرورت خاطر پاڻ به ليپ ٽاپ خريد ڪري سگھن ٿا پر ٻيا اهڙا آهن جن کي آسرو هيو ته کين ايڇ اِي سيءَ جي اسڪيم وسيلي ليپ ٽاپ ملندو پر ڊگري پوري ٿيڻ واري آهي ۽ کين اڃان انتظار ڪرايو پيو وڃي.

پشاور يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن ۽ جرنلزم ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۾ ايڇ اِي سيءَ جا ليپ ٽاپ ورهائڻ بابت فوڪل پرسن نعيم گُل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ليپ ٽاپ ڏيڻ ۾ گھڻي دير ٿيندي رهي ته پوءِ ايڇ اي سيءَ پاران ليپ ٽاپ اسڪيم وسيلي شاگردن کي فائدو ڏيڻ وارو مقصد اڻپورو ۽ بيڪار ٿي پوندو.

نعيم گل جو چوڻ هو ته شاگرد اها شڪايت پڻ ڪري رهيا آهن ته ليپ ٽاپن جي ورهاست ۾ اهليت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ قابليت جي شرطن جو ڪوئي احترام نه ٿو ڪيو وڃي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته شاگردن کي ايڇ اي سيءَ جي ان فيصلي تي به شديد اعتراض آهن، جنهن تحت ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪري وٺندڙ اهڙن شاگردن کي ليپ ٽاپ نه پيا ڏنا وڃن جيڪي روزگار پڻ حاصل ڪري چڪا آهن.

ايڇ اِي سيءَ جي عملدارن ٻڌايو ته، پنجن مرحلن دوران 5 لک شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا ۽ هر مرحلي دوران هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جي منظوري مليل آهي. ايڇ اي سيءَ جي ڊائريڪٽر ميڊيا عائشه اِڪرام جو چوڻ هو ته، ايڇ اي سي ان عمل کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته حڪومت جي انتظام وارين سمورين يونيورسٽين جي ڪيمپس اندر واءِ فاءِ انٽرنيٽ جي سهولت موجود هجي ته جيئن شاگردن کي ”سمارٽ ڪلاس منصوبي“ تحت جديد انداز سان تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت به ميسر ڪري ڏجي ۽ کين انهن موضوعن متعلق آن لائين پهچ هجي جيڪي کين ڪلاسن اندر پڙهايا وڃن ٿا.

عائشه اڪرام ٻڌايو ته، هن وقت تائين جيڪي ٻه مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن انهن دوران شاگردن کي مفت ۾ ليپ ٽاپ ملڻ بعد هاڻي بعد وارن شاگردن پاران انهن جي حاصلات ۾ گھڻي دلچسپي ڏيکاري پئي وڃي. هن وقت ٻئي مرحلي تحت ليپ ٽاپ ڏيڻ وارو ڪم جاري آهي ۽ يونيورسٽين کي 45 هزار ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن ته جيئن اهي شاگردن تائين پهچايا وڃن.

عائشه اڪرام خاطري ڪرائيندي چيو ته، ايڇ اي سيءَ کي شاگردن جي اعتراضن جو پورو پورو احساس آهي ۽ هو ڪوشش ڪن پيا ته ايندڙ وقتن دوران شاگردن کي ليپ ٽاپن جي فراهمي تڪڙي انداز سان ڪرائي وڃي. عائشه اڪرام جو چوڻ هو ته، اسڪيم جي پهرئين مرحلي جيڪو سال 2013 ۽ 2014 دوران مڪمل ڪيو ويو، دوران لڳ ڀڳ 97 هزار 203 باصلاحيت شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ ڏنا ويا جڏهن ته ڪوٽا تحت هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻا هيا.

پشاور يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشنز آفيسر اختر امين جو چوڻ هو ته، ليپ ٽاپ اسڪيم جي ٻئين مرحلي تحت سندن يونيورسٽيءَ کي ايڇ اِي سي وٽان ليپ ٽاپ وصول ٿيا آهن ۽ ترت انهن جي ورهاست ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here