پشاور (اسد خان وٽان) بسمينه بيبيءَ پنهنجا هٿ هوا ۾ اهڙيءَ طرح کنيا جيئن ڪو مجذوب ڪندو آهي. واڻ جي کٽ تي ويٺل ٽن عورتن جا چهرا ان اميد سان ٽمٽار نظر اچي رهيا هئا ته اجهو ڪو معجزو ٿيڻ وارو آهي. سامهون ويٺل بيبيءَ، جنهن جو مٿو اڇي رنگ جي چادر سان ڍڪيل هيو، تنهن اکيون بند ڪري قرآن پاڪ جي آيت جو وِرد اهڙيءَ ريت ڪيو پئي ڄڻ ته ڪنهن کي سڏ ڪندي هجي.

اوچتو هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، هن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها هن جي چهري کي آلو ڪرڻ لڳا ۽ هن جو آواز به تبديل ٿي ويو، جنهن بعد هن مرداڻي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ بيبي جيءَ پوءِ اتي ويٺل عورتن کان سندن مسئلن بابت سوال پڇڻ شروع ڪري ڇڏيا. بيبي جيءَ يا ان هستي جنهن جو هن ۾ جلوو اچي ويو هيو، ان عورتن کي واري واري سان قرآن جون آيتون ڏيڻ شروع ڪيون. ان هستيءَ جنهن مرد جي آواز ۾ ڳالهايو پئي، کين هدايت ڪئي ته پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ خاطر هو قرآن جي انهن آيتن جو ٻڌايل وقت تي باقاعدگيءَ سان ورد ڪنديون رهن.

32 سالن جي بيبي 5 ٻارن جي ماءُ آهي. هوءَ ملڪ جي 19هين نمبر وڏي ۽ خيبرپختونخواه جي آباديءَ جي لحاظ کان ٻئي نمبر وڏي شهر مردان ڀرسان ڳوٺ قاضي آباد جي رهواسڻ آهي. هوءَ ماڻهن جي موتمار بيمارين، اولاد نه ٿيڻ، رشتن ناتن جي مسئلن توڙي گھريلو جهڳڙن جي خاتمي لاءِ تعويذ لکي ۽ عبادتن جا زائچا ٺاهي ڏيڻ وسيلي روحاني علاج ڪندي آهي.

پاڪستان جي ٻهراڙين ۾، جتي ماڻهن کي صحت توڙي نفسياتي مسئلن ۽ الجهنن جي ماهرانه علاج جون سهولتون تمام ٿوري تعداد ۾ حاصل ٿين ٿيون، اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ماڻهن جو لاڙو روحاني علاج ڏانهن وڌي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهي پنهنجي صحت جي مسئلن بابت ڊاڪٽرن جي ڀيٽ ۾ روحاني علاج ڪرڻ وارن عاملن، حڪيمن ۽ عطائي ماهرن تي وڌيڪ يقين ڪرڻ لڳن ٿا. جڏهن ته عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ وارن ڪارڪنن ۽ طبي ماهرن پاران انهن عاملن جي علاج وارن طريقن بابت بار بار خبردار ڪيو وڃي ٿو جن وسيلي روحاني علاج ڪرڻ وارا عبادتن ۽ حڪمت وارين دوائن وسيلي ماڻهن، خاص ڪري عورتن جو مستقل طور تي استحصال ڪندا رهن ٿا.

پاڪستان يا خيبرپختونخواه ۾ روحاني علاج ڪرڻ وارن جو ڪل تعداد ڪيترو آهي، ان باري ۾ حتمي انگ اکر موجود نه آهن، پر سماجي ڪارڪن قمر نسيم مطابق، اهڙي قسم جي روحاني علاج ڪرڻ وارن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي، ڇو ته ”ماڻهو پيشه ور ڊاڪٽرن کان تنگ اچي چڪا آهن ۽ انهن جو اعتقاد روحاني عاملن يا تعويذ لکڻ وارن تي وڌي رهيو آهي“.
قمر نسيم جو چوڻ آهي ته ”سماجي مسئلن اسانجي معاشري کي پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي ورتو آهي ۽ ماڻهو انهن مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ بيتاب آهن. هو انهن مسئلن جي حل خاطر هر قيمت ادا ڪرڻ ۽ پري پري تائين وڃڻ لاءِ به تيار آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر مسئلن جي حل خاطر ماڻهو جِنن ۽ ڀوتن سان رجوع ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا“.

قاضي آباد ڳوٺ ۾ رهندڙن جو چوڻ آهي ته، ڏينهن جي هڪ مخصوص وقت اچڻ تي بيبيءَ ۾ هڪ مذڪر جن واسو ڪري وٺندو آهي، جيڪو ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ بعد سندن مسئلن جو روحاني عبادت وسيلي حل ڪڍڻ وارو علاج ٻڌائيندو آهي. ماڻهو وڏي تعداد ۾، پنهنجي مسئلن مان نجات ماڻڻ خاطر تمام ڏورانهن علائقن کان بيبيءَ جي گھر ايندا رهندا آهن.
قمر نسيم جو چوڻ آهي ته ”توهم پرستيءَ جو شڪار ۽ روحاني علاج ڪرائڻ وارن جي دائري ۾ صرف اڻ پڙهيل ماڻهو ئي شامل نه آهن، پر ايترو تعداد پڙهيل لکيل ماڻهو جو به آهي جيڪي انهن عاملن تي اعتقاد رکن ٿا، پڙهيل لکيل خاندان جون عورتون ته خاص طور تي پنهنجي مرد ڀاتين کي به انهن عاملن وٽ وٺي اچڻ تي آماده ڪري وٺن ٿيون.

بابا جي، مردان جو هڪ مشهور روحاني عامل آهي، جنهن کان مشورو وٺڻ لاءِ صرف مردان ضلعي مان ئي نه پر سڄي پاڪستان مان ماڻهو وٽس ايندا رهندا آهن. وڏي عمر وارو بابا جي ”رستم“ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾ رهندو آهي، جتي روزانو ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد مختلف شهرن مان سفر ڪري اچي سندس آستاني تي حاضر ٿيندو آهي، جيڪي کانئس پنهنجي ازدواجي زندگيءَ، طلاق، ملڪيتن، عشقيه معاملن، ڪاروبار ۽ نوڪرين بابت مدد وٺڻ چاهيندا آهن.

بابا جي، گذريل 12 سالن کان روحاني علاج واري ڪم سان واڳيل آهي. هن ٻڌايو آهي ته ”ڪيترن سالن جي مراقبن ۽ تحقيق کانپوءِ ئي هن روحاني علاج وارو ڪم شروع ڪيو هيو. ان عرصي دوران ڪيترائي ڀيرا هن جو ٽڪراءُ جنن سان پڻ ٿيو آهي ۽ جنهن ڪِرت سان هو لاڳاپيل آهي ان ۾ اهڙو ٽڪراءُ ٿيندو ئي رهندو آهي“.

بابا جيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته ”اهو تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ مون اهڙن خطرناڪ هنڌن جو دورو ڪيو جتي بهادري برقرار رکڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، جنن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ڪو دل وندرائڻ وارو معاملو نه آهي“.
مسئلن جي ماريل ماڻهن لاءِ تعويذ لکڻ واري نوجوان عامل عابد حسين نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ”تعويذ نويسيءَ وارو ڪم هزارين سال پراڻي ڪِرت آهي. اسان اهڙي ڪنهن به معاملي طرف ناهيون ويندا جيڪو اسلامي تعليم جي خلاف هجي، جيڪو مسلمان طور اسانجي حيثيت يا سڃاڻپ کي ڪمتر ڪندو هجي“.

عابد حسين جو چوڻ آهي ته ”اهڙا به ڪيترائي جعلي روحاني عامل موجود آهن، جن کي مذهب ۽ قرآن پاڪ جي ڪا به ڄاڻ نه آهي. اهي هن ڪِرت سان صرف ان ڪري واڳيل آهن ته جيئن اٻوجهه ماڻهن کان پيسا ڪمائي سگھن. مان انهن جيان ڪم ناهيان ڪندو، مان صرف ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو آهيان ۽ پوءِ قرآن پاڪ جي تعليم جي روشنيءَ ۾ انهن جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. اها ته خدا جي مرضي آهي ته کين سٺي صحت ڏئي يا سندن مسئلن کي حل ڪري ڇڏي“.

عابد حسين ٻڌايو ته ”گھڻا مسئلا خانداني تڪرارن متعلق هوندا آهن، جن ۾ اڪثر ڪري صورتحال ايئن هوندي آهي ته حسد سبب خاندان جا هڪڙا ڀاتي ٻين خلاف ڪاري جادوءَ وسيلي رڪاوٽون پيدا ڪرائيندا آهن. ڪاري عِلم جي مدد سان خاندان جي ڀاتين لاءِ مسئلا پيدا ڪرائڻ خاطر ماڻهو بيهودن جادوگرن کي هزارين روپيا ادا ڪندا آهن.

مردان جي مشهور مذهبي شخصيت مُلا محمد بلال جو چوڻ آهي ته ”مذهب ۾ تعويذ نويسي يا تعويذ تيار ڪرڻ جي اجازت صرف ان صورت ۾ ئي مليل آهي جڏهن ان متعلق ڪجهه اصولن جي پوئواري ڪئي ويندي هجي، تعويذ جي عِبارت ۾ الله پاڪ جو نالو يا قرآن پاڪ جون آيتون درست لکيل هجڻ گھرجن ته پوءِ ئي اهو ڪم صحيح ٿيندو“.
مُلا محمد بلال پنهنجي راءِ وڌيڪ تفصيل سان ڏيندي چيو ته ”اسلام روحاني عاملن جي عمل وسيلي ڪنهن کي به نقصان پهچائڻ واري ڪِرت کان منع ڪري ٿو. اسلام ڪاري جادوءَ تي پڻ ان ڪري ئي پابندي لاڳو ڪري ٿو ڇو ته ان وسيلي ٻين کي نقصان پهچايو وڃي ٿو يا سندن زندگين ۾ رنڊڪون وجهي ميٺ محبت کي تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي ٿو“.

خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور جي نفيساتي معاملن واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر محمد سلطان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”ماڻهن جو روحاني عاملن ۾ اعتماد وڌڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته ويجهڙائيءَ وارن وقتن ۾ پاڪستاني سماج اندر ذهني دٻاء ۽ بيچينيءَ وارو مرض وڌيو آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن دوران اهو رجحان لڏپلاڻ ۽ ويڙهه واري صورتحال سبب ته تيزيءَ سان ڦهليو آهي. ملڪ جا 40 سيڪڙو شهري نفيساتي مونجهاري واري خللل ۽ بيچينيءَ واري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن“.

ڊاڪٽر محمد سلطان ٻڌايو آهي ته ”اهڙن مسئلن جي وَرِ چڙهيل مريضن جي هڪ وڏي اڪثريت پاران نفسياتي خلل واري بيماريءَ جو ڪو به علاج نه ٿو ڪرايو وڃي، ڇو ته 22 سيڪڙو مريضن کي اهڙي علاج جي سهولتن تائين رسائي حاصل نه آهي. ان جو سبب هي آهي ته حڪومت اهڙين سهولتن جي فراهميءَ بابت وسيلا مهيا نه ٿي ڪري، نفيساتي ماهرن جي کوٽ آهي ۽ ذهني صحت متعلق علاج ڪرڻ وارا پيشه ور ڊاڪٽر به هر هنڌ موجود نه آهن، ان کان علاوه انهن مسئلن بابت ڄاڻ جو فقدان پڻ آهي. جڏهن ته ذهني يا نفسياتي بيماريءَ متعلق روايتي اعتقادن توڙي روين ۽ اهڙي قسم جي مرضن جو علاج روحاني عاملن ۽ عطائي ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ واري روِش جي ڪري به اهو رجحان وڌيو آهي“.

ڊاڪٽر محمد سلطان، روحاني عاملن پاران ماڻهن جو علاج غيرقانوني ۽ نامناسب طريقن سان ڪرڻ سبب مٿن تنقيد ڪندي مطالبي واري انداز ۾ چيو ته ”جيئن ته اهي پيسن ڦرڻ لاءِ ماڻهن سان ڌوڪيبازي ڪري رهيا آهن ان ڪري حڪومت سندن خلاف ڪارروائي ڪري. جڏهن ماڻهو مستقل علاج ڪرائڻ خاطر هڪ ڊاڪٽر جي ڳري فيس ڀري نه ٿا سگھن، ان ڪري ئي درگاهن جي زيارت ڪري يا روحاني عامل وٽ وڃي شفا حاصل ڪرڻ ٿا چاهين، پر عامل پوءِ به کين لٽي وٺن ٿا.
حڪومت کي گھرجي ته ضلعي سطح تي هر قسم جي علاج جون سهولتون مهيا ڪري ته جيئن ماڻهن کي اسپتالن ۽ مستند ڊاڪٽرن تائين رسائي حاصل ٿي سگھي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here