وزيرستان ۾ ماڻهن جي دربدري ختم نٿي، محسود ٻيهر ڪئمپن ۾ منتقل

0
2851

بنون: ڏکڻ وزيرستان ايجنسي جي 200 خاندانن جي پريشانين ۾ ان وقت واڌارو اچي ويو، جڏهن کين ٻيهر لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي رهي آهي ته جيئن ملڪ اندر بي گهر ٿيلن کي ٻيهر آباد ڪري سگهجي. اهي ماڻهو پاڪستان جي سرحدي علائقي افغانستان ڀرسان رهندڙ آهن.

شڪتوئي علائقي جي رهواسي ملڪ سعيد انور ٻڌايو ته هو اٺن سالن تائين پنهنجي علائقي کان آپريشن جي ڪري پري هئا ۽ هڪ دفعو ٻيهر کين بي گهر ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويوآهي. اسان محب وطن آهيون نڪو ويڙهاڪ ۽ اسان رياست جي مرضيءَ خلاف ڪجهه ناهي ڪيو.

فاٽا ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ (ايف ڊي ايم اي) موجب 17000 خاندانن، جيڪي خيبر ايجنسي ۽ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان مان آپريشن سبب بي گهر ٿيا هئا انهن جي آبادڪاري ٿيڻي آهي.

اتر وزيرستان ايجنسي جي شڪتوئي واري علائقي ۾ ٻيهر آپريشن سبب ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن ۽ انهن ۾ وڏو تعداد محسود قبيلي جو آهي. اتان بي گهر ٿيلن کي بنون ۾ بڪا خيل ڪئمپ ۾ ترسايو پيو وڃي. اها ڪئمپ 2008 واري راه نجات آپريشن وقت قائم ڪئي وئي هئي.

ملڪ سعيد جو چوڻ هو ته اسان رياست سان سچائيءَ باوجود بي گهر ڪيا ويا آهيون. ايف ڊي ايم اي موجب ان ڪئمپ ۾ 208 خاندان هتي پهتا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار وڌيڪ انگ ۾ آهن، جن ۾ 664 ٻار ۽ 300 مرد ۽ عورتون آهن.

آدم خان ٻڌايو ته کين خالي هٿين بغير ڪنهن سامان جي ڪئمپ تي آندو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هنن ٽي راتيون کلي آسمان هيٺ ٿڌ ۾ گذاريون آهن. جڏهن ته ايف ڊي ايم اي عملدار جو چوڻ هو ته هو رهائش ۽ خوراڪ جون بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

خاوزه بات خان، پنهنجي چوپائي مال بابت پريشان آهي ته اهي ٿڌ ۾ ڪيئن رهندا، ٿي سگهي ٿو ته اهي مري نه وڃن. هن چيو ته اهي جانور ئي اسان جي جيئڻ جو واحد ذريعو آهن.

هوڏانهن آدم خان سخت پريشانيءَ واري حالت ۾ ٻڌايو ته سندس مال به مري ويندو، اسان کي بغير ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي علائقو خالي ڪرڻ جو چيو ويو. هن ٻڌايو ته هو 45 لک روپين جا 200 ڍور پٺتي ڇڏي آيو آهي.

اهو پهريون دفعو ناهي جو ماڻهن کي شڪتوئي ڇڏيڻو پيو پر ان کان اڳ به ساڻن ائين ئي ٿيو آهي. ياد رهي ته پاڪ فوج ماڻهن کي وطن ڪارڊ جاري ڪيا آهن، جيڪي کين چيڪ پوسٽن تي ڏيکارڻا پوندا آهن ۽ پوءِ ئي کين اتان گذرڻ جي اجازت هوندي آهي. ويڙهاڪن کي سڃاڻڻ لاءِ اهي ڪارڊ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن وٽ اهو ڪارڊ نه هوندو ته ان کي مشڪوڪ تصور ڪيو ويندو آهي.

نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هڪ عملدار ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان ايجنسي ۽ افغانستان وچ ۾ گڏيل سرحد آهي ۽ ان کي استعمال ڪري ويڙهاڪ هتي اچن ٿا، هن ٻڌايو ته ويڙهاڪن کي پڪڙڻ لاءِ آپريشن ضروري هو ۽ ستت ئي بي گهر ٿيلن کي واپس موٽايو ويندو.

آدم خان موجب محسود قبيلن جي جرڳي ۾ اهڙي ڪارروائيءَ کي جبري بي گهري قرار ڏنو ويو. هنن حڪومت کان آپريشن بند ڪري

رهواسين کي واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ اهو پڻ چيو ويو ته آئنده ائين آپريشن شروع نه ڪيو وڃي.

ملڪ سعيد جو چوڻ هو ته کين علائقو ٻڌايو وڃي ته هو پاڻ اتي لڏي هليا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here