پشاور: 9 سالن جي مدينه شاهه قبائلي علائقي لوئر ڪُرم ايجنسيءَ جي ”اُچت“ ڳوٺ ۾ رهي ٿي. پرائمري اسڪول کانپوءِ هن کي پنهنجي پڙهائي ان ڪري اڌ ۾ ڇڏڻي پئي ڇو ته سندس ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪو به مڊل اسڪول موجود نه آهي.

مدينه شاهه ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”مان پنهنجي ڪلاس جي پوزيشن کڻندڙ شاگردياڻي هيس، پر پرائمري اسڪول کانپوءِ مان پنهنجي تعليم جاري رکي نه سگھيس ڇو ته ڪو به مڊل اسڪول منهنجي پهچ ۾ نه آهي“.

مدينه شاهه جي ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري ڇوڪرين کي ڊگھو سفر ڪرڻ بعد ٻئي ڳوٺ ۾قائم مڊل اسڪول ۾ وڃي تعليم پرائڻي پوندي. مدينه شاهه جو چوڻ هو ته، ٻئي ڳوٺ وڃڻ واري ڳالهه نه ته منهنجي والدين لاءِ قابل قبول آهي نه ئي ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين جا والدين ان ڳالهه لاءِ تيار ٿين ٿا. قبائلي رواجن تحت ڇوڪرين ۽ عورتن مٿان پردي ۽ غيرت جا اصول سختيءَ سان لاڳو ڪيا وڃن ٿا، جنهن ڪري ئي پنهنجي خاندان جي گھرن کان علاوه ٻين هنڌن تي ڇوڪرين ۽ عورتن جي سِرعام نظر اچڻ ۽ گھمڻ مٿان پابندي پيل آهي.

سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن کان علاوه، افغانستان جي سرحدن ويجهو واقع وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن فاٽا ۾ جتي دهشتگرد گذريل ڪجهه سالن دوران ڇوڪرين جي اسڪولن کي بارود سان اُڏائيندا رهيا آهن اتي تحفظ نه هجڻ وارا خدشا به ڇوڪرين جي تعليم پرائڻ واري راهه جي هڪ رڪاوٽ بڻيل آهن.

ڪُرم ايجنسي جتي مدينه شاهه رهندي آهي، ويجهڙائيءَ وارن وقتن ۾ انهيءَ علائقي اندر فرقيواريت جا بدترين واقعا به ٿيندا رهيا آهن. فرقيواريت جي انهيءَ صورتحال جي ڪري علائقي جي ماڻهن وچ ۾ شيعا ۽ سُنيءَ جي فرق وارو نِفاق پڻ گهرائي اختيار ڪري چڪو آهي.

ڪُرم ايجنسيءَ جي ڳوٺ ”بغن“ جي رهواسي 12 سالن جي شاگردياڻي شريف النساءِ کي وري پنهنجي تعليم مڊل اسڪول کانپوءِ ان ڪري اڌ ۾ ڇڏڻي پئي ڇو ته سندن ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ هاءِ اسڪول موجود نه آهي. شريف النساءِ، جيڪا پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهي ٿي، ٻڌايو ته ”جن ٻين ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جا هاءِ اسڪول موجود آهن انهن مان ٻين جي ڀيٽ ۾ ويجهو وارو اسڪول به گھڻي مفاصلي وارو آهي. منهنجا والدين سمجهن ٿا ته تعليم پرائڻ خاطر اڪيلي سِر ڳوٺ کان ٻاهر وڃي تعليم پرائڻ سبب مان محفوظ رهي نه سگھنديس“.

هن وڌيڪ چيو ته ”اهڙين ڇوڪرين جو انگ الاهي گھڻو آهي جن کي اسڪول ڏورانهين پنڌ تي هجڻ جي ڪري پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي پوي. ڇوڪرين لاءِ سرڪار جا هاءِ اسڪول شيعن جي اڪثريت وارن علائقن ”سدا“ ۽ ”عليزئي“ ۾ موجود آهن، پر شيعا سني تڪرار سبب والدين خوف سبب پنهنجي ڇوڪرين کي انهن علائقن جي اسڪولن ۾ تعليم پرائڻ خاطر اماڻڻ خاطر تيار نه ٿا ٿين“. شريف النساءِ جو چوڻ هو ته، حڪومت کي گھرجي ته اسانجي ڳوٺ بغن ۾ به هاءِ اسڪول قائم ڪري.

فاٽا ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۽ آگاهي بابت ڪم ڪندڙ غير سرڪاري اداري ”شعور فائونڊيشن“ پاران ڪرايل هڪ سروي مطابق، هڪ اندازي موجب فاٽا جي آبادي 3.69 ملين ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ مجموعي آباديءَ ۾ عورتن جو تعداد 1.52 ملين آهي. جن مان 03 کان 13 سالن جي ڄمار واريون 14.7 ڇوڪريون ڪڏهن به ڪنهن اسڪول ۾ داخل ناهن ٿيون. فاٽا جي اسڪولن ۾ڇوڪرين پاران مجموعي طور تي داخلا وٺڻ جي شرح 27 سيڪڙو ۽ ڇوڪرن جي شرح 73 سيڪڙو آهي.

انهيءَ اڀياس مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته، انهيءَ صورتحال جي نتيجي ۾ اها صورتحال به مشاهدي هيٺ آئي آهي ته پرائمري سطح کانپوءِ هائير سيڪنڊري اسڪولن مان تعليم پرائڻ وارين ڇوڪرين جو تعداد 13 کان 33 سيڪڙو گھٽجي ويندو آهي.

ڪُرم ايجنسيءَ جي مرڪزي علائقي ۾ رهندڙ محمد اصغر جو چوڻ هو ته، سندس خواهش رهي آهي ته جيڪر هو پنهنجي ڌيءُ کي اسڪول اماڻي سگھي ها پر سمورا اسڪول هن جي ڳوٺ کان گھڻي پنڌ تي آهن. محمد اصغر ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”ڪُرم ايجنسيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جا ذاتي جهيڙا جهڳڙا ۽ تڪرار به هوندا آهن جن جي ڪري اهي پنهنجي نياڻين کي آزاديءَ سان ڏورانهن علائقن جي اسڪولن ڏانهن اماڻي نه ٿا سگھن.

هن علائقي ۾ ٽرانسپورٽ جون مناسب سهولتون به آسانيءَ سان ميسر ناهن هونديون ۽ اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي تحفظ خاطر سيڪيورٽيءَ جا به جوڳا اپاءَ ورتل نه آهن، انهيءَ سموري صورتحال سبب ئي ڇوڪريون پنهنجي ڳوٺ وارن اسڪولن کان علاوه ٻئي ڪنهن به اسڪول وڇي ناهن سگھنديون“.

هن جو چوڻ هو ته، 250 ڪلوميٽرن تي ڦهليل ڪُرم ايجنسيءَ جي مرڪزي حصي ۾ ڇوڪرين لاءِ ڪو به هاءِ اسڪول قائم ٿيل نه آهي جڏهن ته 22 پرائمري ۽ 09 مڊل اسڪول قائم ٿيل آهن. اهي اسڪول اهڙي ته فاصلي واري ترتيب سان قائم ٿيل آهن جو هڪ ڳوٺ کانپوءِ ايندڙ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪو به اسڪول نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڇوڪرين جي هڪ وڏي تعداد کي مڊل اسڪول جي سهولت به ميسر نه ٿي ٿئي ۽ گھڻي مفاصلي توڙي والدين جي غريب هجڻ جي ڪري ماڻهو پنهنجي نياڻين کي اسڪول نه ٿا اماڻي سگھن.

اڳوڻي ايڊيشنل ايجنسي ايجوڪيشن آفيسر ۽ سينئر استاد حاجي معين گل جو چوڻ هو ته ”ڪُرم ايجنسي توڙي فاٽا جي ٻين قبائلي علائقن جي غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ شاگردياڻين کي هائير سيڪنڊري اسڪولن تائين پهچ حاصل هوندي هئي. اهي ماڻهو جيڪي مالي حساب سان خوشحال آهن اهي پنهنجي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي تعليم جي حاصلات خاطر پشاور اماڻين ٿا.

هن به پنهنجي ڌيءُ کي اعليٰ تعليم لاءِ پشاور اماڻي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن حڪومت سندن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ئي ڇوڪرين جي تعليم وارا اسڪول قائم ڪرڻ واري مدد کين مهيا ڪندي ته تمام گھڻيون ڇوڪريون پنهنجي تعليم مڪمل ڪري پنهنجي علائقي جي لاءِ ڪارآمد ٿي سگھنديون“.

هن ٻڌايو ته، ڪُرم ايجنسيءَ جي باگن، مندُوري، ڇپري، ڊول راگھا، پولوسين، پستاوان، چِناراڪا ۽ مناٽوُ جهڙن علائقن ۾ ڇوڪرين جو هڪ به هاءِ اسڪول موجود نه آهي. انهن علائقن جي ڪيترين ئي ڇوڪرين کي هر سال اسڪول نه هجڻ جي ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پوي ٿي ڇاڪاڻ ته هاءِ اسڪول سندن ڳوٺن کان گھڻي پنڌ تي هجن ٿا.

پاڪستان جي آئين جي شق 37 (ب) مطابق، اها رياست جي ذميواري آهي ته ناخواندگي هٽائي ۽ پاڪستان جي هر شهريءَ کي لازمي طور مفت سيڪنڊري تعليم مهيا ڪري. سال 2013-14 بابت فاٽا ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي سالياني شمارياتي رپورٽ ۾ لکيل آهي ته ”حڪومت جي پاليسي اها هجڻ گھرجي ته اسڪولن ۽ شاگردن جي اباڻي ڳوٺ وچ ۾ مفاصلو ڏيڍ ڪلوميٽر هجي“.

باچا خان ايجوڪيشن ٽرسٽ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر خادم حسين جو چوڻ هو ته، فاٽا سيڪريٽريت جي تعليم واري کاتي جي قابليت ئي ايتري ناهي رهي ۽ خراب انتظامي عملداريءَ سبب فاٽا ۾ تعليم بابت اهڙي ڪا به پاليسي لاڳو ناهي رهي.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي خادم حسين چيو ته ”اسڪولن تائين پهچ حاصل ڪري سگھڻ مشڪل ڪم آهي ۽ اسڪولن تائين مفاصلو تمام گھڻو آهي. پهاڙي علائقا هجڻ جي ڪري والدين پنهنجي ٻارن کي غيرمحفوظ تصور ڪن ٿا ۽ ان خدشي سبب ئي هو پنهنجي نياڻين کي ڏورانهن علائقن جي اسڪولن ۾ اماڻڻ بند ڪري ڇڏين ٿا.

اها فاٽا سيڪريٽريٽ جي ذميواري آهي ته اها علائقن جي آباديءَ واري تناسب جي حساب سان هر علائقي ۾ اسڪول قائم ڪري. جيڪڏهن هڪ ڳوٺ ۾ 2 سو يا اڍائي سو کان وڌيڪ ٻار آهن ته اهڙي ڳوٺ ۾ مڊل، سيڪنڊري يا هاءِ اسڪول اسڪول قائم ڪيو وڃي“.

هن جي راءِ هئي ته، جيڪڏهن آباديءَ جي حساب سان ئي مخصوص علائقن ۾ اسڪول قائم ڪيا وڃن تڏهن به اسڪولن ۽ مختلف ڳوٺن وچ ۾ مفاصلو گھڻو گھٽجي ويندو ۽ ڇوڪريون تعليم جاري رکي سگھنديون ان جي نتيجي ۾ فاٽا اندر خواندگيءَ جي شرح به بهتر ٿي پوندي.

خادم حسين چيو ته ”اڪثر ڇوڪرين کي مدرسن ۾ تعليم پرائڻي پوي ٿي ڇاڪاڻ ته اهي سندن گھرن جي ڀرسان ئي هجن ٿا ۽ مدرسن تائين هو آسانيءَ سان اچي وڃي سگھن ٿيون. جڏهن ته مدرسن اندر ٻارن کي مفت تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ مدرسن جا شاگرد بنيادي لکڻ ۽ پڙهڻ واري تعليم آرام سان حاصل ڪري وٺن ٿا“.

لوئر ڪُرم ايجنسيءَ جي رهواسي شاگردياڻيءَ مدينه شاهه کي به پرائمري سطح واري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود مدرسي ۾ وڃي تعليم جاري رکڻي پوي ٿي. مدينه شاهه جو چوڻ هو ته امير گھراڻن سان تعلق رکندڙ پنهنجين سهيلن کي جڏهن هو تعليم پرائڻ لاءِ اسڪولن ڏانهن ويندي ڏسندي آهي ته کيس گھڻو ڏک ٿيندو آهي. مذهبي تعليم به ضروري آهي پر موجوده وقت مطابق جديد انداز واري تعليم به سندن لاءِ انتهائي اهيمت واري آهي.

مدينه شاهه چاهي ٿي ته سندس گھر وارا اهڙي ڪنهن ڳوٺ ڏانهن لڏي هلن جتي مڊل اسڪول گھڻو ويجهو هجي. هن چيو ته هڪ مڊل اسڪول مندُوري ڳوٺ ۾ موجود آهي پر اهو ڳوٺ سندس ڳوٺ ”اُچت“ کان الاهي پري آهي جڏهن ته سندس گھر وارا کيس اوڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ٿا ڏين ان ڪري هوءَ ان ڳوٺ جي اسڪول ڏانهن نه ٿي وڃي سگھي.

Leave a Reply