پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخواه حڪومت پاران جيتوڻيڪ صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪيل آهي ان هوندي به تورغر اهو ضلعو آهي جتي نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ هڪ به هاءِ اسڪول قائم ٿيل نه آهي. ان کان علاوه ڪوهستان اهڙو ضلعو آهي جتي ڇوڪرين جو صرف هڪ اسڪول ۽ شانگلا ضلعي ۾ رڳو3 اسڪول قائم ٿيل آهن.

پاڪستان جي اترئين پهاڙي حصي ۾ واقع تور غر خيبرپختونخواه جي 26 ضلعن مان هڪ آهي، پاڪستان جي آئين جي شق 246 تحت 2011 ۾ هن علائقي کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏيڻ کان اڳ هن علائقي کي ڪالا ڍاڪا سڏيو ويندو هيو ۽ اهو مانسهره ضلعي ۾ شامل هيو. 1998 جي آدمشماريءَ مطابق مانسهره ضلعي ۾ سب ڊويزن جي حيثيت رکندڙ ڪالا ڍاڪا جي آبادي 1 لک 74 هزار 700 ماڻهن تي مشتمل هئي جن مان 18 هزار 866، 10 کان 14 سالن جون ڇوڪريون هيون.

صوبي جي تعليم کاتي پاران تعليم جي شعبي ۾ صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل سڌارن واري پروگرام جي نگرانيءَ لاءِ قائم ڪيل ”خيبرپختونخواه انڊيپينڊنٽ مانيٽرنگ يونٽ (آءِ ايم يو) پاران ڊسمبر 2016 ۾ جيڪي انگ اکر ڪٺا ڪيا ويا انهن مان پڌرو ٿي رهيو آهي ته تور غر ضلعي ۾ ڇوڪرين لاءِ هڪ به هاءِ اسڪول قائم ٿيل نه آهي جڏهن ته ضلعي جون صرف 173 ڇوڪريون تعليم جي حاصلات خاطر ڀروارن ضلعن جي اسڪولن ۾ داخل آهن.

آءِ ايم يو جي رپورٽ مان اهو پڻ معلوم ٿي رهيو آهي ته ضلعي تور غر ۾ ڇوڪرن لاءِ 62 اسڪول قائم ٿيل آهن جن مان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جا 61 پرائمري اسڪول آهن ۽ ڇوڪرن لاءِ به صرف هڪ مڊل اسڪول سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ آهي.

1998 جي آدمشماريءَ مطابق ضلعي ڪوهستان جي آبادي 4 لک 72 هزار 570 ماڻهن تي ٻڌل هئي ۽ ضلعي ۾ 10 کان 14 سالن جي عمر وارين ڇوڪرين جو تعداد 26 هزار 22 هيو ان ضلعي ۾ به ڇوڪرين جي تعليم پرائڻ لاءِ صرف هڪ هاءِ اسڪول قائم ٿيل آهي.

جڏهن ته شانگلا ضلعي جي آبادي 4 لک، 35 هزار 563 هئي ۽ 10 کان 14 سالن جي عمر وارين ڇوڪرين جو تعداد 46 هزار 219 هيو. آباديءَ جي انهن انگن اکرن ۾ هاڻي ٻيڻ تي اضافو ٿي چڪو آهي ان هوندي به ضلعي ۾ ڇوڪرين جي لاءِ  3 هاءِ اسڪول قائم ٿيل آهن.

آءِ ايم يو جي رپورٽ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت جيڪي ضلعي وار تفصيل ڏنا ويا آهن، انهن مطابق ايبٽ آباد ضلعي ۾ ڇوڪرين لاءِ 45 هاءِ اسڪول قائم ٿيل آهن، اهڙيءَ ريت بنونءَ ۾ 39، بٽاگرام ۾ 07، بنير ۾ 20، چارسده ۾ 32، چترال ۾ 19، ڊيرا اسماعيل خان ۾ 12، دِير بالا ۾ 12، دِير لوئر ۾ 44، هنگوءَ ۾ 09، هريپور ۾ 50، ڪرڪ ۾ 26، ڪوهاٽ ۾ 27، لڪي مروت ۾ 19، مالاڪنڊ ۾ 29، مانسهره ۾ 45، مردان ۾ 67، نوشهره ۾ 29، پشاور ۾ 55، صوابيءَ ۾ 48، سوات ۾ 33 ۽ ٽانڪ ۾ 09 هاءِ اسڪول موجود آهن.

اسلام آباد مان ڪم ڪندڙ غيرمنافع بخش سماجي اداري ”انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ پاليسي سائنس“ (آءِ-ايس اي پي ايس) پاران چيو ويو آهي ته ”سال 2016-17 جي بجيٽ ۾ خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران شهرن جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل ۽ ٻهراڙين جي غريب علائقن لاءِ تعليم جي شعبي ۾ نه هجڻ جي برابر مالي وسيلا مقرر ڪيا“.

”پبلڪ فنانسنگ آف ايجوڪيشن ان پاڪستان“ جي عنوان تحت اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مالي سال 2010-11 کان 2015-16 تائين خرچ ڪيل بجيٽ جو جائزو وٺندي چيو ويو آهي ته ”مالي سال 2014-15 دوران خيبرپختونخواه جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 71.66 بلين روپيا رکيا ويا. ان بجيٽ جو 90 سيڪڙو حصو پگھارن ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين خرچن خاطر جاري ڪيو ويو. صرف 10 سيڪڙو مالي وسيلا اسڪولن جي ترقيءَ تي خرچ ڪيا ويا“.

آءِ ايس اي پي ايس جي رپورٽ مان پڌرو ٿي رهيو آهي ته، مالي سال 2014-15 دوران مردان، پشاور، مانسهره، سوات، ايبٽ آباد، لوئر دِير ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلعن ۾04 ارب روپين کان وڌيڪ جا مالي وسيلا خرچ ڪيا ويا. ٻئي طرف هنگو ۽ تور غر ضلعن کي تعليم جي شعبي لاءِ گھربل خرچن جي مد ۾ هڪ ارب روپيا کان به گھٽ مالي وسيلا ڏنا ويا.

رپورٽ مطابق، مالي سال 2014-15 دوران پشاور، مردان، نوشهره، ايبٽ آباد، صوابي، لوئر دِير ۽ هريپور ۾ في شاگرد جي حساب سان تعليم جي شعبي ۾ 20 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا. ساڳئي مالي سال دوران تور غر، هنگو ۽ اپر دِير ضلعن ۾ في شاگرد جي حساب سان 13 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا.

خيبرپختونخواه جي تعليم کاتي لاءِ قائم انڊيپينڊنٽ مانيٽرنگ يونٽ (آءِ ايم يو) جي رپورٽ مان معلوم ٿي رهيو آهي ته صوبي جي 25 ضلعن اندر مجموعي طور 2108 هاءِ اسڪول قائم ٿيل آهن جن مان 1386 ڇوڪرن لاءِ ۽ 722 ڇوڪرين لاءِ قائم ٿيل آهن. مردان صوبي جو اهو ضلعو آهي جتي ڇوڪرين لاءِ قائم هاءِ اسڪولن جو تعداد ٻين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو 67 آهي، ان بعد پشاور ۾ 55 ۽ صوابيءَ ۾ 48 گرلز هاءِ اسڪول قائم آهن.

پاڪستان سينٽر فار گورننس اينڊ پبلڪ اڪائونٽبلٽي (سي جي پي اي) جي پروگرام مئنيجر ملڪ مسعود خان ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته، ملڪ قائم ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جيڪي به حڪومتون قائم ٿيون آهن انهن پوئتي پيل ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي شعبي کي هميشهه نظرانداز ڪيو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته، حڪومتن جا وزير سياسي مٿڀرائي حاصل ڪرڻ خاطر جيڪي دعوائون ڪندا رهيا آهن، انهن مان معلوم ٿيندو آهي ته هنن ٻين شعبن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي صرف پنهنجي تڪن جي ترقيءَ خاطر ئي بجيٽ جو وڏو حصو خرچ ڪيو آهي.

مسعود خان اهو پڻ چيو ته ”موجوده تعليم واري صوبائي وزير جي تڪ مردان ۾ تعليم پرائيندڙ ڇوڪرين جو انگ ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو آهي. حڪومت کي گھرجي ته صرف ان ضلعي ۾ ئي تعليم جي شعبي ۾ ترقيءَ جي جيتري ضرورت آهي مقامي ماڻهن جي ضرورت مطابق اوتري ترقيءَ جو عمل شروع ڪري ۽ ان سلسلي ۾ اهو فرق روا نه رکيو وڃي ته هي علائقا ٻهراڙيءَ جا آهن يا شهر وارا آهن“.

ملڪ مسعود چيو ته ”ڇوڪرين جي تعليم ان جي ڪري نظرانداز ٿيل آهي ڇو ته قانونساز ئي ان کي گھڻي اهميت نه ٿا ڏين. اڪثر وزيرن جو تعلق شهري ضلعن سان هوندو آهي ۽ هو صرف پنهنجي تڪ وارن شهرن تي ئي ڌيان ڏيڻ کي اوليت ڏيندا آهن، پر جڏهن عام سطح تي ڇوڪرين جي تعليم جي ڳالهه اچي ٿي ته ان متعلق سجاڳي ۽ بيداريءَ جو فقدان به نظر اچي ٿو ان ڪري ڇوڪرين جي تعليم بابت سجاڳي ڦهلائڻ جي به ضرورت آهي“.

خيبرپختونخواه جي ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري قيصر عالم خان چيو ته ”حڪومت پاران تور غر ضلعي لاءِ رٿابندي ڪئي وئي آهي ته اتان جي هڪ پرائمري اسڪول جو درجو بهتر ڪري ان کي هاءِ اسڪول قرار ڏنو ويندو ۽ امڪان آهي ته اهو فيصلو هلندڙ مهيني ٿي ويندو. هڪٻئي مڊل اسڪول کي ايندڙ مهيني هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو ويندو“.

هن ٻڌايو ته، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته صرف تور غر ضلعي کي ئي اقتدار ۾ آيل هر هڪ حڪومت پاران ڇو نظر انداز ڪيو ويو. موجوده حڪومت رٿابندي ڪئي آهي ته ڇوڪرين لاءِ اسڪولن کي اپ گريڊ ڪندي هاءِ اسڪول قائم ڪيا ويندا ته جيئن ماڻهن کي سندن نياڻين جي تعليم واريون سهولتون گھرن جي ويجهو ئي مهيا ڪري سگھجن.

تعليم جي شعبي بابت خيبرپختونخواه جي ترجمان نجيع الله خٽڪ چيو ته ”گذريل ٽن سالن دوران اسڪولن اندر 12031 ڪلاس روم تعمير ڪرايا ويا آهن ته جيئن تعليم جي سهولتن کي هٿي وٺرائيندي هر اسڪول اندر گھٽ ۾ گھٽ 06 ڪلاس روم فراهم ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪري سگھجي.

هن ٻڌايو ته انهيءَ پاليسيءَ تحت صوبي ۾ 360 نوان اسڪول به تعمير هيٺ آهن. جڏهن ته هلندڙ سال دوران ڇوڪرين لاءِ نوان اسڪول تعمير ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. لڳ ڀڳ 386 اسڪولن جو درجو وڌائي انهن کي مڊل اسڪول قرار ڏنو ويندو ۽ 385 اسڪولن جو درجو وڌائي انهن کي هاءِ اسڪول ڪيو ويندو، اهڙيءَ ريت 207 هاءِ اسڪولن جو درجو وڌائيندي انهن کي هائير سيڪنڊري اسڪول قرار ڏنو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here