ملتان: عورتن کي گھريلو تشدد کان تحفظ ڏيڻ بابت قانونسازي ٿيڻ باوجود انهيءَ استحصال جي شدت ۾ خاص ڪري ڏکڻ پنجاب اندر واڌارو اچڻ لڳو آهي. ڄاڻايل پرڳڻي ۾ گھريلو تشدد ۾ واڌ متعلق حقيقت جي پروڙ به تشدد جي اهڙن واقعن بابت داخل ٿيندڙ ڪيسن مان ملڻ لڳي آهي. پوليس ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيمن وٽان مليل انگن اکرن مان ظاهر ٿيو آهي ته انهيءَ علائقي ۾ گھريلو تشدد جي واقعن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

پوليس کاتي پاران ترتيب ڏنل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيل آهي ته 2017 جي پهرئين ٽه ماهيءَ دوران مختلف ٿاڻن ۾ گھريلو تشدد جا 450 ڪيس داخل ٿيا جڏهن ته ويجهڙائيءَ ۾ قائم ڪيل ملتان هيلپ لائن سينٽر کي 225 واقعن بابت اطلاع ڏنا ويا.

پوليس رپورٽ ۾ اهو به چيل آهي ته 2016 کان 826 ڪيس سامهون آيا جن ۾ عورتن پاران جسماني، نفيساتي ۽ جنسي تشدد جون دانهون ڏنيون ويون. اهڙي تشدد جي نتيجي ۾ 3 سو عورتن آپگهات جي ڪوشش ڪئي. 2015 ۾ گھريلو تشدد جي 546 واقعن جو اطلاع مليو. عورتن جي تحفظ لاءِ جاکوڙ ڪندڙن انهيءَ صورتحال کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي.

علي پور نالي ڳوٺ جي رهواسڻ آصفه گھريلو تشدد جو نشانو بڻجڻ بعد خودڪشيءَ جي ڪوشش پڻ ڪئي. آصفه نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”گھرڀاتين زور بار ڪري پنهنجي خواهش تحت جڏهن منهنجي شادي ڪرائي ته ان وقت منهنجي عمر 13 سال هئي. شاديءَ کانپوءِ واري پهرئين ڏينهن کان وٺي منهنجي ساهرن غربت جي ڪري مون کي طعنا مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ والدين سان منهنجي ميل جول کي به سدائين ناپسند ڪندا هئا“. آصفه اهو پڻ ٻڌايو ته ”ساهراڻي گھر ۾ مون سان جيڪو تعصب وارو رويو رکيو ويندو هيو جڏهن به ان جي شڪايت مان پنهنجي مڙس سان ڪندي هئس ته هو منهنجي بي عزتي ڪندو ۽ مونکي ماريندو هيو.

هڪ ڏينهن نيٺ مون پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ ارادي خاطر پاڻ مٿان گاسليٽ هاري مون پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. منهنجي ڏير مون کي باهه ۾ سڙندي ڏٺو ته هن باهه وسائي مونکي ستت ئي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو“. واقعي بعد آصفه جي مڙس کيس طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ئي خاندان مان هڪ ٻي شادي ڪري ڇڏيائين.

نفيساتي ماهر ۽ سماجي سائنسدان اظهر محمود شيخ جو چوڻ هو ته ”يقينن گھريلو تشدد جي جيترن واقعن جي پڌرائي ٿئي ٿي حقيقي انگ اکر اڃان به وڌيڪ هوندا آهن. خاندان جي دٻاءَ، روايتي قدرن، سماجي طور بدناميءَ جي خوف ۽ حڪومتي ادارن جي عدم سهڪاري رويي سبب ڪيتريون ئي عورتون تشدد ڪرڻ وارن خلاف ڪيس داخل ناهن ڪرائينديون. ان بجاءِ خاندانن پاران مٿن دٻاءُ وڌو ويندو آهي ته هو خاموش رهن يا ٻي صورت ۾ اهڙن مسئلن کي پئنچائت وسيلي حل ڪيو ويندو آهي“.

خاتون پوليس آفيسر هُما عورتن جي تحفظ لاءِ جڙيل اداري ”ملتان داد رَسي سينٽر“ ۾ مقرر ٿيل آهي. هما جو چوڻ هو ته اهڙن ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيڪي عورتن پاران داخل ڪرايا وڃن ٿا انهن ۾ عورتن جا گھر ڀاتي ئي انهيءَ تشدد ڪرائڻ ۾ ملوث هوندا آهن. ڪيترن ئي موقعن تي ته اهڙا معاملا ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان اڳ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ڇو ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کي بدنامي تصور ڪيو ويندو آهي. اهڙي سوچ سبب تشدد جو شڪار ٿيل عورت مٿان دٻاءَ وجهي کيس ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان روڪيو ويندو آهي“.

سماج سڌارڪ ۽ هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وجهندڙ ياسمين خاڪواڻيءَ جو چوڻ هو ته ”سماج ۾ روحاني، سياسي ۽ سماجي طور تي بنيادي اهميت وارو ڪردار هجڻ باوجود اسانجي عورتن کي سندن حقن کان اڻڄاڻ ۽ محروم رکيو وڃي ٿو. ان جو مکيه پر بنيادي سبب اهو آهي ته قانون تي مناسب ۽ موثر عملدرآمد نه ٿو ڪرايو وڃي“. ياسمين اهو پڻ چيو ته ”صديون پراڻي سوچ، تعليم جي اڻاٺ، غربت، خانداني روايتن ۽ بي جوڙ شادين جي ڪري ئي ڏکڻ پنجاب ۾ اهڙي صورتحال ۾ شدت ايندي رهي ٿي. انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ تشدد جو شڪار ٿي عورت آخر ۾ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندي آهي“.

ملتان جي هڪ سماجي تنظيم ”ملتان وومين ونگ“ جي صدر صائمه عامر جو چوڻ هو ته پاڪستان جون صرف 59 سيڪڙو عورتون پرائمري سطح جي تعليم پرائين ٿيون جڏهن ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اها شرح 97 سيڪڙو آهي.

نيوزلينز سان ڳالهه ٻولهه دوران صائمه عامر چيو ته ”گھريلو تشدد جو نشانو بڻجندڙ تمام گھڻين عورتن جا مڙس اهڙا هوندا آهن جيڪي روزگار حاصل ناهن ڪري سگھندا ۽ ان جي نتيجي ۾ سندن نفسياتي حالت خراب ٿي پوندي آهي ۽ ان جو اظهار هو تشدد واري رويي سان ڪندا آهن“. هن چيو ته عورتن مٿان تشدد صرف انهيءَ طريقي سان روڪي سگھجي ٿو جڏهن عورتن جي تحفظ وارن قانونن کي سختيءَ سان لاڳو ڪيو ويندو.

”وومين ونگ“ جي چيئرپرسن شائسته بخاريءَ جو چوڻ هو ته هر ٽن مان هڪ عورت گھريلو تشدد جو نشانو بڻجي ٿي ۽ اهو تناسب انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. ”حد ته اها به آهي جو جڏهن عورت جرئت ڪندي گھريلو تشدد خلاف آواز اٿارڻ لاءِ پوليس وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي آهي تڏهن به کيس مناسب ڌيان ناهي ڏنو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ايف آءِ آر داخل به ٿيل هوندي آهي ان باوجود تشدد جي مبينه ذميوار کي پوليس حراست ۾ ناهي وٺندي“.

ملتان جي شاهه رُڪن پوليس اسٽيشن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ آيل 28 سالن جي عائشه شڪايت درج ڪرائي ته سندس مڙس اڪثر کيس تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني سان مٿس هل هنگامو ڪري کيس طلاق ڏيڻ جي ڌمڪي به ڏيندو رهندو آهي.

نيوزلينز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عائشه ٻڌايو ته سندس مڙس ڪافي پڙهيل لکيل آهي ان باوجود هو عورت کي ڄڻ ته هڪ عام شئي تصور ڪندو آهي. هو بنان ڪنهن سبب جي مٿس ٺٺول ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهندو آهي.

ڄام پور نالي هڪ علائقي جي رهواسڻ عائشه 08 سالن تائين مڙس هٿان تشدد جو نشانو بڻجڻ کانپوءِ هاڻي کانئس طلاق وٺڻ چاهي ٿي . عائشه ٻڌايو ته ”ٻن نياڻين جي پيدائش ٿيڻ سبب مڙس ساڻس رويو ئي تبديل ٿي ويو ۽ شادي شده زندگيءَ کي هن نقطي تي وٺي اچڻ جو مکيه ذميوار سندس سهرو آهي“.

عائشه اعتراف ڪيو ته ”مان جڏهن به پنهنجي ڌيئرن بابت پنهنجي مڙس سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي هئس ته منهنجو سهرو ماڻهپي مان نڪري ويندو هيو ۽ پٽ نه ڄڻي ڏيڻ بابت طعنا ۽ مهڻا ڏيندو هيو“.

قانوندان زهريٰ زيديءَ چيو ته ”پاڪستان ۾ عورتن جي حقن واري صورتحال انتهائي افسوسناڪ آهي. جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ اها صورتحال ڏکڻ پنجاب ۾ اڃان به وڌيڪ خراب آهي. ناخواندگي ان جو مکيه ڪارڻ آهي جنهن ڪري مرد پنهنجي عورتن سان انسانن جهڙو سلوڪ ناهن ڪندا“.

هن اهو پڻ چيو ته ”سڀ کان پهريان ته پوليس کي هن معاملي ۾ پنهنجو ڪردار بهتر ڪرڻو پوندو ۽ عورتن جي استحصال کي روڪڻ جي سلسلي ۾ کين پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻا پوندا ته جيئن قانونن تي موثر عملدرآمد وارو رجحان قائم ٿي سگھي ۽ عورتن مٿان تشدد واري رجحان ۾ گھٽتائي اچي سگھي“.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.