خيبرپختونخواه حڪومت چئن سالن بعد به عورتن لاءِ ڪو قانون ٺاهي نه سگهي، گهريلو تشدد جاري

0
1300

پشاو: خيبرپختونخواه جي ضلعي مالا ڪنڊ جي رهواسڻ 35 سالن جي ۽ پنجن ٻارن جي ماءُ ناديا پنهنجي شادي جي شروعاتي ڏينهن کان ئي گهريلو تشدد جو شڪار رهي آهي. گهريلو تشدد اهو ڏوهه آهي، جيڪو پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٿئي ٿو پر اهو رپورٽ نه ٿو ٿئي.

ناديه انهن عورتن مان هڪ آهي جيڪي گهريلو تشدد جو شڪار رهن ٿيون. ناديه جي کانئس 15 سال وڏي سوٽ سان شادي ٿي ۽ ان وقت هن جي عمر 13 سال هئي. هن ڊپ سبب مڙس جو نالو کڻڻ کانسواءِ ٻڌايو ته سندس مڙس ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هيو ۽ مٿس جسماني توڙي ذهني تشدد ڪندو هيو.

هن ٻڌايو ته ٻه سال اڳ مڙس مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ان ڪري هو گهر ڇڏي ماءُ وٽ درگئي واري علائقي ۾ پهتي ۽ پوءِ هڪ پناهه گهر ٿيڪل پشاور وئي. شروع ۾ مڙس کيس مهيني ۾هڪ ڀيرو ٻارن سان ملڻ ڏيندو هيو پر بعد ۾ ذهني اذيت ڏيڻ لاءِ هن اهو به بند ڪري ڇڏيو.

ناديه ٻڌايو ته سندس مڙس هن جي 12 سالن جي ڌيءَ کي 25000 روپين عيوض هڪ وڏي عمر جي دوست سان پرڻائي ڇڏيو، جڏهن ته گذريل هڪ سال کان هوءَ ٻارن سان ملي ناهي سگهي. ان کانپوءِ هن خلا ء لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ جڏهن پهريون ڀيرو ڪورٽ وئي ته جج جي سامهون مڙس ۽ ساهرن کيس ڌمڪيون ڏنيون ۽ هڪ دفعو ته مڙس مٿس فائرنگ به ڪئي.

ناديه ٻڌايو ته نه جج نه پوليس کيس سيڪيورٽي مهيا ڪئي. هن انڪشاف ڪيو ته عورتن بابت صوبائي ڪميشن جي سربراه نيلم طور وٽ به وئي ۽ سڄو معاملو سمجهايو پر هن کيس هڪ هزار روپيه ڏئي واپس وڃڻ جو چيو. ”آءُ نيلم طور کي فون ڪندي رهيس پر هن ڪو به جواب نه ڏنو بلڪه فون ئي اٽينڊ نه ڪيو.

واضح رهي ته خيبرپختونخواه پهريون صوبو هيو جنهن عورتن جي رتبي بابت صوبائي ڪميشن قائم ڪئي جڏهن ته ٻيا به قانون پاس ٿيا پرگهريلو تشدد خلاف بل ڪائونسل آف اسلامڪ آئڊيولوجي ان کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪو وڏو ڌچڪو هيو.

نيلم، نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هتي اتحادي حڪومت آهي ۽ گهريلو تشدد خلاف بل پاس ڪرائڻ لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، جيڪو ناهي ٿي سگهيو.

هوڏانهن انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي انگن اکرن موجب 2004 کان 2016 تائين خيبرپختونخواه ۾ گهريلو تشدد جا 1843 واقعا رپورٽ ٿيا. انهن مان وڌ ۾ وڌ ڪيس پشاور ۽ مردان ضلعن مان رپورٽ ٿيا. ناديه جي پوڙهي ماء ٻڌايو ته سندس نياڻو مٿن ڪافي دفعا حملا ڪري چڪو آهي ۽ هوان سان مقابلو نٿا ڪري سگهن، هوءَ بيوه ۽ پنجن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جي ماءُ آهي.
صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ وومين ڪاڪس جي چيئرپرسن معراج همايون نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اسان بل ٺاهي قانون واري کاتي کي موڪليو۽ اتان جي هڪ عملدار اهو بل ڪائونسل آف اسلامڪ آئڊيولوجي کي ڏياري موڪليو.

جميعت علماءَ اسلام جي ايم پي اي راشده 2017 ۾ گهريلو تشدد بابت هڪ مسودو تيار ڪيو پر ان کي انساني حقن جي تنظيمن عورت مخالف قرار ڏنو، ڇو ته ان بل ۾ اهو به لکيل هيو ته مڙس، زال کي هلڪي مارڪٽ ڪري سگهي ٿو جڏهن زال سندس چوڻ نه ڪري. صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبير نسيم حيات جو چوڻ هو ته ناديه مٿان مڙس حملو ڪيو ۽ ٻيا کوڙ سارا واقعا آهن پر گهريلو تشدد خلاف قانون نه هجڻ سبب ڪو قدم نٿو کنيو وڃي.

عورت فائونڊيشن جي رپورٽ موجب ڪي پي کانسواءِ بلوچستان جو ڪوئٽه به گهريلو تشدد جي حوالي سان اڳتي آهي. سماجي ڪارڪن ثناءَ اعجاز نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي پر حڪومت هڪ به عورتن جي حوالي سان بهتر قانون ناهي پاس ڪيو. ان ڪري ناديه سميت ڪيئي عورتون ان تشدد جو شڪار ٿينديون رهنديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here