پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) خواهشون جيڪڏهن گھوڙا هجن ها، ته پنڻ وارا به سواري ڪري سگھن ها ۽ ڪارون سستيون هجن ها ته اسان جهڙا ڪيترائي متحرڪ هجڻ سان گڏ، هڪ اسٽيئرنگ ۽ ڦيٿن جا مالڪ ٿي انهن مٿان سواري پڻ ڪري سگھن ها. گھٽ هجڻ بهتر ٿيندو، پر هڪ ڪار لاءِ 1 لک روپيا ادا ڪرڻ انتهائي بهترين ٿي سگھي ٿو.
تڪڙ ۾ ”توهانجي مرضِي“ چوڻ کان اڳ، هن تي ٿورو غور ڪيو ته توهان حقيقت ۾ 2006 ماڊل هنڊا سِوڪ ڪار ان کان به گھٽ پيسن ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا ۽ 2005 ماڊل سوزوڪي ڪار ته ان جي به اڌ پيسن ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا.

خيبرپختونخواه ۾ سرڪاري گاڏين جي نيلام ۾ مستقل طور تي شرڪت ڪندڙ هڪ خريدار، سندس نالو راز ۾ رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي، ٻڌايو ته ان لاءِ توهان کي سرڪاري ادارن اندر واسطا وڌائڻ کي گھڻي ترجيح ڏيڻي پوندي ڇو ته ايتريون سستيون ڪارون صرف سرڪاري گاڏين جي نيلام مان خريد ڪري سگھجن ٿيون“.
سرڪاري نيلامن دوران گاڏين جي خريداريءَ خاطر واڪ ڏيندڙ پاران وڌيڪ آگاهي ڏني وئي ته ”نيلام دوران پُرآسائش ۽ مهانگيون گاڏيون سستي اگھ تي خريدڻ لاءِ ضروري آهي ته واڪ لڳائيندڙ جا نيلاميءَ واري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن سان انتهائي مضبوط واسطا هجڻ گھرجن. اهڙي قسم جي سرگرمي ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي“.

پوليس، اينٽي نارڪوٽيڪس فورس، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو، ڪسٽم ۽ ٻيا ادارا هر سال مختلف بناوٽ ۽ ماڊل جون هزارين گاڏيون ضبط ڪندا آهن. اسمگلنگ يا ان جهڙين ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ استعمال ٿيڻ جي بنياد تي انهن گاڏين کي ضبط ڪرڻ بعد ڪيس جي اثاثي (ڪيس پراپرٽي) طور ظاهر ڪيو ويندو آهي.
نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڪسٽم کاتي جي هڪ عملدار نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ”قانون لاڳو ڪندڙ ادان جي گودامن ۾ اهڙيون گاڏيون تمام وڏي انگ ۾ سٿيون پيون آهن، ڪير به انهن جي سار سنڀال ناهي ڪندو، ان ڪري اهي ڀڄي ڀُري ۽ ناڪاره ٿي رهيون هونديون آهن. جڏهن ته انهن مان ٿوريون گاڏيون معمولي قيمت عيوض منظور نظر ماڻهن جي حوالي ڪيون وينديون آهن“.

سرڪاري عملدارن مطابق، ضبط ٿيڻ بعد حڪومت جي گودامن ۾ جمع ٿيندڙ سوين گاڏيون باقاعدگيءَ سان ٿيندڙ عام نيلام وسيلي نيڪال ڪيون وينديون آهن. اهڙي قسم جي نيلام بابت نيوز لينز وٽ موجود دستاويزن مان هيءَ حقيقت ظاهر ٿي رهي آهي ته، خاص ڪري اهي سرڪاري عملدار، سندن مائٽ يا دوست ئي سستي اگھ تي ڪارون حاصل ڪري رهيا آهن، جن جو تعلق انهن ادارن سان آهي جيڪي اهي ڪارون ضبط ڪندا آهن.
پشاور جي ٽرانسپورٽ واري کاتي سان لاڳاپيل هڪ عملدار جو چوڻ آهي ته ”سرڪاري سطح تي ضبط ٿيل ڪارن جي وڪري بابت ڪو به نظام يا طريقه ڪار موجود نه آهي جنهن تحت اهڙين گاڏين جي مُلهه جي ڪَٿ ڪري سگھجي. اهو ئي سبب آهي ته آرامده گاڏين سميت اڪثر ڪارون نيلام دوران صرف هزارين روپين جي معاوضي عيوض وڪرو ڪيون وڃن ٿيون“.
هن سميت ٻين سمورن ذريعن هن سلسلي ۾ معلومات ڏيڻ وقت سندن نالا راز ۾ رکڻ جو مطالبو ڪيو ڇو ته کين اهو خدشو هيو ته سندن شناخت ظاهر ٿيڻ بعد کين پنهنجي نوڪرين تان هٿ ڌوئڻا پئجي سگھن ٿا.
صوبائي حڪومت جي انتطام هيٺ ضبط ٿيل گاڏين جي نيلام بابت هٿ آيل دستاويز ان حقيقت کي آشڪار ڪري رهيا آهن ته 2015 ۾ ڪل 47 گاڏيون صرف 37 لکن عيوض وڪرو ڪيون ويون. جڏهن ته انهن گاڏين عيوض 3 لک 76 هزار 900 روپيا انڪم ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪيا ويا.
15 مئي 1997 تي جاري ٿيل وفاقي حڪومت جي پاليسيءَ مطابق، صوبائي حڪومت پاران جن گاڏين کي ”اضافي“ قرار ڏنو ويندو انهن جو نيلام لازمي طور تي ”شفاف انداز“ سان ڪيو ويندو. دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته 1997 کان وٺي خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ گاڏين جو نيلام 80 ڀيرا منعقد ڪيو ويو آهي.
1997 کان 2007 وچ ۾ منعقد ڪيل 32 نيلامن دوران خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران 1258 گاڏين ۽ 559 موٽرسائيڪلن کي 25 ڪروڙ 44 لک 25 هزار روپين عيوض نيلام ڪيو ويو. ان کان علاوه جولاءِ 2010 کان مارچ 2015 دوران ٻيا 42 نيلام منعقد ڪيا ويا جن دوران ڪل 1349 گاڏيون ۽ 309 موٽرسائيڪلون 49 ڪروڙ 26 لک 11 هزار روپين عيوض وڪرو ڪيون ويون.
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي ڊائريڪٽر شعيب جدون نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”اسانجي کاتي تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته غيرقانوني گاڏيون پڪڙي ٽرانسپورٽ کاتي جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيون. ان بعد ٽرانسپورٽ کاتو ئي گاڏين کي نيلام ڪرڻ جا بندوبست ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ گاڏين جو نيلام ڪهڙيءَ ريت ڪرڻو آهي ان جو فيصلو به ان کاتي کي ئي ڪرڻو آهي“.
ڪسٽم کاتي کانسواءِ سرڪار جي ٻئي ڪنهن به اداري اندر جيئن ته ضبط ٿيل گاڏين جي مُلهه جي ڪٿ ڪرڻ جو ڪو به نظام موجود نه آهي، ان ڪري ئي ڪارون اڪثر ڪري سستيون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. 2015 ۾، 1988 ماڊل جي ٽويوٽا ڪرولا ڪار 55 هزار روپين عيوض نيلام ڪئي وئي، جڏهن ته نيلام ڪرڻ واري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ڪار جي ابتدائي قيمت 33 هزار روپيا مقرر ڪئي هئي.
دستاويزن مان اها حقيقت به آشڪار ٿي آهي ته هڪ ٻي 2000 ماڊل جي ٽويوٽا ڪار جي مُلهه جي ڪٿ صرف 48 هزار روپيا ڪئي وئي هئي ۽ ان کي صرف 1 لک 66 هزار 100 روپين عيوض نيلام ڪيو ويو. جڏهن ته اهڙي بناوٽ واري ڪار جي پشاور جي کليل مارڪيٽ اندر گھٽ ۾ گھٽ قيمت 5 لک روپيا آهي.

ڪسٽم کاتي جي هڪ عملدار ٻڌايو آهي ته هنن جي اداري پاران جاپان ۾ تيار ٿيل هڪ ٽويوٽا ڪرولا ڪار ضبط ڪئي وئي جنهن جي ماليت 4 لک هجڻ گھرجي ها، پر اها 75هين نيلام دوران 88 هزار روپين عيوض نيلام ڪئي وئي جڏهن ته نيلام ڪرڻ واريءَ ڪاميٽيءَ پاران ان جو ابتدائي مُلهه صرف 32 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو هيو.
ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ سيڪشن آفيسر پاران ٻڌايو ويو آهي ته نيلام کان اڳ هو گاڏين جي چيسس نمبر کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. ٻئي پاسي پشاور ۾ ڪسٽم کاتي سان لاڳاپيل هڪ قانوني ماهر جو چوڻ آهي ته گاڏين جو چيسس فريم يا نمبر تبديل ڪرڻ قانون جي خلاف آهي.

ڪسٽم عملدار وڌيڪ چيو ته ”ڪو به قانون يا اعليٰ عملدار گاڏين ضبط ڪرڻ واري اداري کي اهو اختيار نه ٿو ڏئي ته اهي گاڏين جا چيسس نمبر تبديل ڪري ڇڏين، ڀل ته صورتحال ڪهڙي به هجي“.
نيلام وسيلي وڪرو ٿيندڙ گاڏين جي چيسس نمبرن جي جاچ ڪرڻ دوران نيلام مان واڪ ڏئي ڪار خريد ڪرڻ واري هڪ شخص ٻڌايو ته هن جيڪا گاڏي خريد ڪئي آهي ان جو چيسس فريم ۽ چيسس نمبر تبديل ناهن ڪيا ويا. جڏهن ته اها ڪار نان ڪسٽم پيڊ يا هڪ اهڙي ڪار آهي جنهن کي ملڪ اندر ڪار تي لاڳو ٿيندڙ ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ آندو ويو آهي. ان کان علاوه، ڪار جي حالت اهڙي نه هئي جو ان کي ”ڪٻاڙ“ جي زمري هيٺ آڻي سگھجي. ان بجاءِ تصويرن مان صاف ظاهر ٿي رهيو هيو ته ڪار تمام سٺي ڪنڊيشن ۾ هئي.
خيبرپختونخواه جي ٽرانسپورٽ واري کاتي ۾ سيڪشن آفيسر طور ڪم ڪندڙ حبيب آفريديءَ ٻڌايو ته ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتو گاڏين کي ضبط ڪندو آهي ۽ ان کاتي پاران ئي گاڏين جو 75هون نيلام ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي موجودگيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”75هين نيلام جي موقعي تي خيبرپختونخواه جي خزاني واري وزير مظفر سعيد پاران تقرير ڪئي وئي، جنهن ڪاميٽيءَ نيلام جي نگراني ڪئي، اها خزاني جي صوبائي وزير، ايڊمنسٽريشن کاتي جي سيڪريٽري، خزاني واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊي آءِ جي ٽيليڪميونيڪيشن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ سيڪشن آفيسر تي مشتمل هئي“.

حبيب آفريديءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”نيلام وسيلي وڪرو ٿيندڙ گاڏين جي قيمت انهن جي خراب حالت سبب گھڻي گھٽ هوندي آهي. اهي گاڏيون ڪٻاڙ واري صورت اختيار ڪري وٺنديون آهن ۽ انهن کي ٻيهر رجسٽر نه ڪرائي سگھبو آهي اهڙي حقيقت جي ڪري ئي انهن گاڏين جي چيسس نمبر کي تبديل ڪيو ويندو آهي“.
جڏهن نيلام ٿيل گاڏين جي حالت جي تصديق خاطر کيس گاڏين جون تصويرون ۽ انگ اکر فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته جواب ۾ هن اهو موقف اختيار ڪيو ته ”صحافين کي اهڙي ڄاڻ مهيا ڪرڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي ضابطه اخلاق خلاف آهي“. جڏهن ته نيلام بابت دستاويزن ۾ اهڙين گاڏين جي حالت کي نقصان پهتل هجڻ بابت ڪنهن به ڳالهه جي نشاندهي ٿيل نه آهي، نه ئي اهڙي ڄاڻ ڏنل آهي ته انهن گاڏين جي چيسس نمبر کي تبديل ڪيو ويو آهي يا نه.

ٻئي پاسي خزاني جي صوبائي وزير مظفر سعيد دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جي ڪٻاڙ ٿي ويل گاڏين جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي وٽ رجسٽريشن ڪرائي نه ٿي سگھجي، جڏهن ته ايڪسائيز کاتي پاران ڪمپيوٽر وسيلي ترتيب ڏنل انگن اکرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته 2005 ماڊل واري هڪ سوزوڪي مهراڻ ڪار جيڪا 55 هزارن عيوض نيلام ڪئي وئي ان جي HJ 047 نمبر تحت رجسٽريشن ٿيل آهي.
2005 ماڊل جي ئي هڪ ٻي سوزوڪي مهراڻ ڪار جو نيلام 56 هزار 100 روپين ۾ ڪيو ويو ۽ اها پڻ LZO 4223 تحت رجسٽر ٿيل آهي. انهن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي گاڏيون ڪٻاڙ ظاهر ٿيل ۽ ساڳيون گاڏيون ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران رجسٽر پڻ ڪيل آهن.

خيبرپختونخواه صوبي جي خزاني واري وزير سعيد مظفر کي جڏهن اها ڄاڻ ڏني وئي ته ڪٻاڙ ڄاڻايل ڪيتريون گاڏيون ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي وٽ رجسٽر ٿيل آهن ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته ”اهي اهڙيون گاڏيون هيون جن جي مالڪيءَ جو ڪو به دعويدار نه هيو. قانون مطابق اسانجي ذميواري آهي ته ضبط ڪيل گاڏين کي نيلام ڪيون ۽ اسان ان ڳالهه جا ذميوار نه آهيون ته ڪير نيلام ٿيل گاڏين کي استعمال هيٺ آڻيندو رهي ٿو“.

صوبائي وزير پاران اها نشاندهي ڪئي وئي ته هنن وٽ اهڙو ڪو نظام موجود نه آهي جنهن تحت هو ڪٻاڙ ٿي ويل گاڏين جي ملهه جي ڪٿ ڪري سگھن. هن چيو ته ”اسان وٽ اهڙو ڪو به پيمانو نه آهي جنهن تحت ڪٻاڙ ٿي ويل گاڏين جي ملهه جي ڪٿ ڪري سگھجي، جڏهن ته اسان (ڪاميٽيءَ جا ميمبر) هڪ ڪار جي حالت کي نظر ۾ رکندي ان جو مُلهه مقرر ڪندا آهيون. اهو ڪاميٽي ميمبرن جو اختيار هجي ٿو ته اهي ڪنهن به ڪَٿَ ڪرڻ کانسواءِ ڪار جي قيمت مقرر ڪن.
نيلام واري ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي نگرانيءَ هيٺ ڪارن جو نيلام شفاف نموني سان ڪيو ويندو آهي“.
ڪاميٽيءَ جي نگرانيءَ ۾ گاڏين کي ڪٻاڙ قرار ڏئي نيلامن وسيلي سستي اگھ تي وڪرو ڪرڻ ئي، واحد مسئلو نه آهي. قاعدن مطابق صوبائي حڪومت صرف پاڪستان ۾ تيار ٿيل گاڏين جو نيلام ڪري سگھي ٿي، پر ان ڏس ۾ ڪيل تحقيق مان پتو پوي ٿو ته ٻين ملڪن مان تيار ٿي ايندڙ گاڏين جو نيلام به تسلسل سان ٿيندو رهي ٿو.
ڪسٽم کاتي جي عملدار جو چوڻ آهي ته ”صوبائي کاتن کي اهڙو ڪو به اختيار حاصل نه آهي ته اهي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي به نيلام ڪري سگھن پر صوبائي کاتا اهو ڪم به غيرقانوني انداز سان ڪري رهيا آهن ۽ اهڙين گاڏين کي ڏنڊ کان آجو ڪري ڇڏڻ سبب ملڪ جي خزاني کي اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي“.

جون 2015 ۾ ڪسٽم کاتي پاران ڪسٽم ايڪٽ 1969 تحت ڪٽرايل هڪ ايف آءِ آر مطابق ڄاڻايل کاتي پاران هڪ شڪي گاڏي ضبط ڪئي وئي، جنهن کي صوبائي حڪومت نيلام ڪري ڇڏيو. جاچ ڪرڻ بعد پتو پيو ته اها ڪار نان ڪسٽم پيڊ هئي. ايف آءِ آر مان پتو پوي ٿو ته 1994 ماڊل جي ڪرولا ڪار جو نيلام 1992 ۾ ڪيو ويو. ان کان علاوه، جڏهن ڪار جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائي وئي ته اهو انڪشاف پڻ ٿيو ته ڪار جو چيسس نمبر پڻ تبديل ٿيل نه هيو ۽ ڪار 88 هزار روپين عيوض نيلام ٿي ۽ ان جي مُلهه جي ڪٿ 78 هزار روپيا ڪئي وئي هئي.

نيلام وسيلي ڪارون خريد ڪندڙ پشاور سان تعلق رکندڙ هڪ شخص پاران نيوز لينز پاڪستان کي پنهنجو نالو راز ۾ رکندي ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري انتظام هيٺ ٿيندڙ نيلام لاءِ ڪارن جي قيمت اڳواٽ طئي ڪري ڇڏڻ عام ڳالهه آهي، قيمت مقرر ڪري ڇڏڻ جي ان عمل کي ”رِنگ“ سڏيو ويندو آهي. واڪ ڏيندڙ پاڻ ۾ خفيه انداز سان مشورو ڪري قيمت تي اتفاق ڪري وٺندا آهن.

جڏهن ته نيلام دوران قيمت متعلق هو ظاهر ايئن ڪندا آهن ته هو هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن، پر هنن اهو اڳواٽ ئي طئي ڪري ڇڏيو هوندو آهي ته ڪامياب قرار ڏنو ويندڙ واڪ ڪير ڏيندو.
ڪسٽم کاتي جي هڪ عملدار جو چوڻ آهي ته ”واڪ ڏيندڙن جي هڪ گروه سڄي صوبي ۾ ٿيندڙ گاڏين جي نيلام مٿان هڪ هٽي قائم ڪري ورتي آهي ۽ اهو گروپ ئي سمورن سرڪاري کاتن جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان گاڏين جي نيلام بابت اڳواٽ واڪ ۽ مُلهه کي طئي ڪري وٺندو آهي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here