گلگت بلتستان: اسڪردو جي شاگردن ۾ نشي جو رجحان وڌڻ لڳو

0
1226

اسڪردو: شاگردن ۽ استادن جو چوڻ آهي ته، آسانيءَ سان دستياب هجڻ سبب اسڪولي شاگردن لاءِ منشيات جو عادي ٿي پوڻ واري لاڙي ۾ شدت اچڻ لڳي آهي.

والدين ۽ استادن جي شڪايتن آڌار نيوز لينز پاڪستان پاران پوليس جي جاچ رپورٽن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن وٽان جيڪي انگ اکر حاصل ڪيا ويا آهن انهن مان انڪشاف ٿيو آهي ته ”صرف اسڪردو شهر ۾ 17 کان 20 سالن جي عمر وارا 17 سو نوجوان منشيات جا عادي ٿي چڪا آهن“.

منشيات وڪرو ڪندڙ هڪ شخص پنهنجو نالو راز ۾ رکندي نيوز لينز کي ڄاڻ ڏني آهي ته ”ستين درجي ۽ ان کان مٿي وارن ڪلاسن جا شاگرد ئي گھڻي ڀاڱي نشو ڪن ٿا. 90 سيڪڙو شاگرد چرس جا موالي، جڏهن ته باقي 10 سيڪڙو شاگرد آفيم، هيروئن ۽ شراب جي نشي جا عادي آهن“.

اسڪردوءَ جي تعليم کاتي وٽ اهڙن شاگردن جا ڪي به انگ اکر موجود نه آهن جيڪي نشي جا عادي ٿي چڪا آهن، جيئن ته نشي جي عادي شاگردن متعلق معلومات پڌري ٿيڻ سان اسڪولن جي نيڪ ناميءَ تي منفي اثر پون ٿا ان ڪري خانگي اسڪولن جي انتظاميا انهيءَ معاملي جي جاچ ڪرڻ کان نٽائيندي رهي پئي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري هو اهڙي معلومات به ڪٺي نه ٿا ڪن جنهن وسيلي انهيءَ مسئلي بابت معلومات مهيا ٿي سگھي.

اهڙي ئي مسئلي کي مُنهن ڏيندڙ هڪ اسڪول جي استاد پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ”اسڪول انتظاميا جي اهڙي ڪوتاهيءَ جي نتيجي ۾ ئي منشيات جي عادي ٿيندڙ شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. سرڪاري اسڪولن جا استاد صرف پوليس جي رڪارڊ تي ڀاڙيندا رهن ٿا (اهڙا واقعا جن آڌار اسڪولن جي شاگردن کي منشيات سميت گرفتار ڪيو وڃي ٿو)“.

ڄاڻايل استاد جو چوڻ هو ته پرڳڻي جي 45 کان 50 سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جا هڪ اندازي مطابق 35 سيڪڙو شاگرد منشيات سبب متاثر ٿي چڪا آهن. نيوز لينز پاران اسڪولن جي انتظاميا کان جڏهن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته شاگردن جي تحفظ خاطر هنن ڪهڙا قدم کنيا آهن يا منشيات جو استعمال ڪندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي وئي آهي ته ڪنهن به هڪ اسڪول پاران اهڙي ڪوشش جو مثبت جواب مهيا نه ڪيو ويو. ان هوندي به استادن پاران ڄاڻ ڏني وئي آهي ته منشيات استعمال ڪندڙ ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪول نيڪالي ڏني وئي آهي.

پوليس پاران تصديق ڪندي ٻڌايو ويو ته سال 2015 ۾ منشيات استعمال ڪرڻ وارن 2 سو شاگردن جي گرفتاري عمل هيٺ اچڻ جي ڀيٽ ۾ سال 2016 دوران 15 سو نوجوانن جي گرفتاري عمل ۾ آئي. اسڪردو پوليس ٿاڻي پاران مهيا ڪيل انگن اکرن مان پڌرو ٿي رهيو آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ 24 مک ماڻهو آهن جيڪي چرس، آفيم ۽ ٻين غيرقانوني نشي آور شين جو ڪاروبار جگلوٽ توڙي ٻين شهرن مان اچي ڪن ٿا.

منشيات وڪرو ڪرڻ وارا سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪرڻ وارن جو روپ اختيار ڪري اسڪولن جي ويجهڙائيءَ وارن هنڌن تي موجود رهن ٿا ۽ شاگردن کي نشي آور شيون وڪرو ڪندا رهن ٿا. ڪجهه ته اهڙا واپاري به آهن جيڪي شاگردن کي منشيات جي اسمگلنگ لاءِ به استعمال ڪن ٿا. اسڪردو پوليس مطابق ويجهڙائيءَ ۾ منشيات جي هڪ وڏي واپاريءَ کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي موبائل فون ۾ اهڙن اسڪولي شاگردن جون تصويرون هيون جيڪي صرف چرس جي نشي جا عادي آهن ۽ چرس وڪرو به ڪندا آهن.

اسڪردو پوليس جي ايس ايس پي راجا مرزا حسن جو چوڻ هو ته ”منشيات جي اسمگلنگ ۾ جن شاگردن کي ملوث ڄاڻايو ويو پوليس پاران انهن مٿان هڪ به ڪيس داخل ناهي ڪيو“. هن اهو پڻ چيو ته پوليس شڪي هنڌن تي مستقل طور ڇاپا هڻندي رهي ٿي پر انهن جي نتيجي ۾ اهڙا ڪي ثبوت ناهن مليا ته ڪنهن هڪ مخصوص اسڪول جا شاگرد منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن“.

ايس ايس پي راجا مرزا حسن ٻڌايو ته ”اسڪردو شهر ۾ 05 کان 06 اهڙا مکيه هنڌ آهن جتي منشيات جو وڪرو ٿئي ٿو پر جڏهن کان پوليس طرفان منشيات جي وڪري خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، تڏهن کان هڪ مخصوص هنڌ تي منشيات جي وڪري کان پرهيز ڪيو وڃي ٿو“.

بلتستان جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن بابر خان جو چوڻ هو ته ”هن کي اهڙي رپورٽ ڪڏهن به وصول ناهي ٿي جنهن وسيلي نشاندهي ڪئي وئي هجي ته شاگردن پاران اسڪولن جي چوديواريءَ اندر نشو ڪيو وڃي ٿو. اهو ٿي سگھي ٿو ته ڪجهه شاگرد اسڪولن جي حدن کان ٻاهر منشيات استعمال ڪندا هجن“.

هن چيو ته ”جيڪڏهن نيوز لينز اهڙن اسڪولن جي نشاندهي ڪري جتان جا شاگرد منشيات واپرائين ٿا ته اهڙن شاگردن جا نالا به تعليم کاتي کي ڏنا وڃن جنهن بعد اسڪولن جي انتظاميا کي خبردار ڪيو ويندو ۽ کين پابند ڪيو ويندو ته اهي شاگردن جي اهڙين سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکن“.

منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ اسڪول مان بيدخل ڪيل هڪ شاگرد ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هُو چرس ڇڪيندو ۽ شراب پيئندو رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ”شهر ۾ منشيات آسانيءَ سان ملي وڃي ٿي. جڏهن ته پوليس جي ڇاپن سبب منشيات جو وڪرو ڪجهه وقت لاءِ رڪجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ منشيات استعمال ڪندڙ ۽ وڪرو ڪرڻ وارا ٻين شهرن ڏانهن فرار ٿي ويندا آهن“.
ڄاڻايل شاگرد پوليس جي انهيءَ رپورٽ سان به متفق آهي ته ”اهڙا نوجوان جيڪي نشي جا عادي آهن منشيات وڪرو ڪرڻ وارا اڪثر ڪري اهڙن شاگردن جو جنسي استحصال به ڪندا آهن“. هن اهو اعتراف به ڪيو ته نشي جي عادت سبب هن جو مستقبل تباهه ٿي ويو آهي.

اسڪردو ضلعي ۾ قائم اسڪولن جي ضلعي انسپيڪٽر غلام محمد حيدريءَ ٻڌايو ته ”اسڪولن ۾ غيرقانوني نشي وارين شين جي استعمال بابت کيس ڪا به رپورٽ ناهي ملي“. ان هوندي به هن جو چوڻ هو ته ”اهڙي معاشري ۾ جتي منشيات آسانيءَ سان ملي ويندي هجي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ شاگرد انهيءَ خطري جو آسان حدف ٿي پوندا آهن ۽ سڀ کان گھڻو متاثر به اهي ئي ٿيندا آهن، پر اهڙي قسم جي ڪا به سرگرمي اسڪولن جي چوديواري اندر نه پئي ٿئي“.

ناليواري تعليمدان محمد حسن حسرت جو چوڻ هو ته جڏهن نشي جو واهپو خاص ڪري نوجوانن ۾ عام جام ٿي وڃي ته پوءِ پڪ سمجهو ته سماج تنزليءَ ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ”گلگت بلتستان جي شاگردن ۾ منشيات جي استعمال واري صورتحال بابت ڄاڻ پڌري ٿيڻ خطري جي گھنٽي آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهڙي صورتحال جو ستت ازالو ڪرڻ گھرجي“.

ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال اسڪردوءَ ۾ نفيساتي مرضن جي شعبي سان لاڳاپيل ماهر ڊاڪٽر شاهده جي راءِ هئي ته ”غربت ۽ سماجي نوعيت واري محرومي مکيه سبب آهن جن جي ڪري شاگردن جو لاڙو منشيات ڏانهن ٿئي ٿو“.

ان کان علاوه ڊاڪٽر شاهده اهو پڻ چيو ته ”جيڪڏهن ننڍي عمر جو نوجوان يا ٻاراڻي وهيءَ وارو پاڻ کان وڏيءَ عمر وارن سان گڏ نشي آور شيون يا شراب واپرائي ٿو ته اهڙي فرد پاران مستقل نشو واپرائڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. ننڍي وهيءَ وارن نوجوانن يا ٻارن جو منشيات ڏانهن لاڙو ٿيڻ فطري طور تي انتهائي حساس معاملو آهي. ساڻن سختيءَ سان پيش اچڻ بجاءِ والدين کي گھرجي ته اهي سندن گھرجن ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏين ۽ نوجوانن ڏانهن سندن رويو وڌيڪ سهڪار وارو هجڻ گھرجي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here